paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

الا صالح : سوڊان اسپرنگ جي هيرو

الا صالح : سوڊان اسپرنگ جي هيرو

 سوڊان اسپرنگ جي هيرو الا صالح ڪير آهي؟

سوڊاني حڪومتي خلاف هلندڙ جدوجهد م دنيا اڳيان هڪ نئون نوجوان چهرو اسان اڳيان آيو آهي الا صالح جنهن کي سوڊاني عوام نوبيا جي راڻي  ۽ ڪنڊاڪا جي لقبن سان  نوازي ڇڏيو آهي جيڪا خرطوم م ٿيندڙ حڪومت مخالف مظاهرن م هڪ پرجوش ۽ پر عزم ناري طور احتجاجن جي اڳواڻي ڪندي اسان کي نظر آئي آهي.

الا صالح بنيادي طور هڪ مڊل ڪلاس سوڊاني خاندان سان تعلق رکي ٿي جنهن جو جنم 1996 ڌاري ٿيو سندس ماءُ هڪ فيشن ڊزائنر ۽ والد ڪنسٽرڪشن انڊسٽري سان لاڳاپيل آهن هوءَ خرطوم م سوڊان انٽرنيشنل يونيورسٽي م آرڪيٽيڪچر جي شاگردياڻي آهي

 ڊسمبر 2018 کان سوڊان م معاشي سڌارن ۽ سوڊاني صدر عمر البشير جي استعفي لاءِ احتجاجي مظاهرن جو هڪ اڻکٽ سلسلو شروع ٿي ويو جنهن سبب حڪومت طرفان فيبروري 2019 ملڪ م ايمرجنسي جو نفاذ عمل م آندو ويو پر مظاهرا ختم ٿيڻ بجاءَ وڌندا رهيا،مظاهرن م شدت 6 اپريل بعد اچي وئي جنهن سبب صدر سڪيورٽي فورسز کي گولي هلائڻ جا آرڊي جاري ڪيا پر ملڪي فوج هن دفعي صدر جي انهن حڪمن کي مڃڻ بجاءِ عوام جو تحفظ ڪندي نظر آئي جنهن فوج بابت دنيا م انساني حقوق جي خلاف ورزين حوالي سان تمام خراب راءِ موجود آهي.

صدر عمر البشير جيڪو 89 م فوجي بغاوت وسيلي ئي سوڊان جي جمهوري حڪومت جي وزيراعظم صادق المهدي کي هٽائي اقتدار تي قابض ٿيو سو آخر عوامي احتجاجي تحريڪ جي سلسلي م پنهنجي ئي فوج هٿان گرفتار ٿي اقتدار وڃائي چڪو آهي ۽ فوج عارضي طور ملڪ جا انتظام سنڀالي ورتا آهن جنهنجو اظهار ڪاله بچاءَ واري وزير عود ابن عوف پريس ڪانفرنس ذريعي ڪيو ته ملڪ جو آئين ٽن مهينن لاءِ معطل ڪيو ويو آهي ۽ ٻن سالن جي عرصي م چونڊن وسيلي اقتدار جي منتقلي کي يقيني بنايو ويندو

 پر مظاهرين بشمول الا صالح اڄ به انهي ڳاله تي  زور ڏئي رهيا آهن ته حڪومتي جمهوري منتقلي ئي سوڊان جي حقيقي منزل آهي

 صالح جو تعلق بنيادي طور ڪنهن سياسي خاندان يا پسمنظر سان ناهي ۽ هوءَ چوي ٿي ته هوءَ حيران آهي ته سڄي دنيا م هن جي وائرل ٿيل ويڊيو وسيلي دنيا تائين اهو پيغام پهتو ته هنن احتجاجن وسيلي سوڊان انقلاب ۽ تبديلي جي رستي تي گامزن آهي ۽ هوءَ وڌيڪ چوي ٿي ته هوءَ روزانو انهن احتجاجن م ڀرپور شرڪت ڪندي رهي ڇاڪاڻ ته موبکي منهنجي والدين اهو سيکاريو ته پنهنجي گهر وطن سان پيار ڪريون،

هڪ نظم جو مصرعو جيڪا هوءَ احتجاجن م چوندي رهي ته “گولي نه ٿيماري پر ماڻهن جي خاموشي ٿي ماري “ مظاهرين م تمام گهڻي مقبول ٿي ۽ سڄن احتجاجن م هڪ مخصوص اڇو  لباس جنهن کي صوب يا ٿئوب چيو وڃي ٿو جيڪو عرب ڪلچرل لباس آهي جيڪو هن کي پهريل آهي اهو هن تحريڪ م عورت مظاهرين جي نشاني بنجي چڪو آهي جنهن بابت صالح چوي ٿي ته “هي لباس اسان جي طاقت آهي جيڪو اسان کي 

ڪنڊاڪا جي ياد ڏياري ٿو ته سوڊان جي عورتن هميشه پنهنجي نوجوانن کي مزاحمت جي ترغيب ڏني آهي   اهوئي ڪنڊاڪا جي تاريخ جو هڪ حصو آهي“ سوڊان م ٿيل هنن احتجاجن م واضح طور دنيا اڳيان اها ڳاله سامهون آئي آهي ته سوڊاني عورتون واقعي هن پٺتي پيل آفريڪي معاشري م تبديلي جو علامتون آهن ڇو ته سڄي احتجاجي تحريڪ دوران هنن جو به هڪ وڏو انگ مظاهرين سان گڏ رهيو ڏسڻو اهو آهي ته ڇا آفريڪي اسپرنگ بعد سوڊان م حقيقي معنائن م جمهوري نظام ۽ عوام دوسٿ حڪومت ٺهندي يا هن اسپرنگ جو به حال ساڳيو ئي ٿيندو جيڪو مصر جو ٿيو جتي حسني مبارڪ جي ويهن سالن واري اقتدار بعد سيسي جهڙو اڳواڻ وري مصري عوام جي مٿي م لڳو

ليکڪ : فدا حسين ملڪ گهوٽڪي

Dated:12-04-2019


Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *