paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

شنگهائي تعاون تنظيم (Shanghai Cooperation Organization)،

 شنگهائي تعاون تنظيم (Shanghai Cooperation Organization)،

شنگهائي تعاون تنظيم (Shanghai Cooperation Organization)،

 يوريشين ملڪن جي سياسي، معاشي، ۽ سلامتي جي تنظيم آهي. هن جو بنياد 15 جون 2001ع تي بيجنگ، چين ۾ چين، قازڪستان، ڪرغيزڪستان، روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جي ليڊرن طرفان اعلان ڪيو. شنگهائي تعاون تنظيم جي چارٽر تي جون 2002ع تي صحيحون ڪيون ويون، ۽ ان کي 19 سيپٽمبر 2003 تي لاڳو ڪيو ويو. اهي ملڪ  ازبڪستان کانسواءِ شنگهائي فائيو گروپ جا ميمبر هئا  جنهن جو بنياد 26 اپريل 1996 تي پيو هن وقت انجا موجودا ميمبر 

8 ميمبر ملڪ
چين انڊيا پاڪستان قازڪستان ڪرغيزڪستان روس تاجڪستان ازبڪستان آهن جڏهن ته 4 مشاهدو ڪندڙ ملڪ افغانستان بيلاروس ايران منگوليا ۽  6 گفتگو جا پاٽنر ملڪ آرمينيا آذربائيجان ڪمبوڊيا نيپال سريلنڪا ترڪي  ۽ مهمان شريڪن م اقوام متحده ترڪمانستان ڪامن ويلٿ آف انڊيپنڊنٽ اسٽيٽس ۽ آسيان تنظيمون شامل آهن. آسيان هن جي اهم شراڪتدار تنظيم آهي ،انڊيا ۽ پاڪستان شروع م ئي هن تنظيم م دلچسپي ڏيکاري ۽ انکي خطي جي اهم  تنظيم سمجهيو ۽ جولاءِ 2005 م ٻنهي ملڪن قازڪستان جي شهر استانا م  ان جي اجلاس م پهريون ڀيرو شرڪت ڪئي ۽ بعد م مبصر ملڪ طور لاڳيتو شرڪت ڪندا رهيا رهيو ۽ 2010 م مستقل  ميمبرشپ لاءِ درخواست ڏني ۽ 
انڊيا ۽ پاڪستان کي شنگهائي تعاون تنظيم جي مڪمل رڪنيت 9 جون 2017 تي استانا، قازڪستان ۾ سربراهي اجلاس دوران ڏني وئي. هن تنظيم جي قيام جو بنيادي مقصد جيڪو سامهو آيو هو سو
ميمبر ملڪن جي وچ م  باهمي معاشي ،سياسي،
۽ سڪيورٽي معاملات هئا جيڪي اڳتي هلي ان م  تعليم،سائنس ۽ ٽئڪنالاجي،هيلٿ ڪيئر،ٽوئرزم،ماحولياتي تحفظ،اسپورٽس ميڊيا ۽ ڪلچر نه گڏيل ڪردار طور شامل ڪيا ۽ تنظيم عالمي ليول تي پنهنجي ڪردار کي وڌائڻ خاطر ان م گلوبل گورننس،عالمي تعلقات جي استحڪام جا نڪتا به شامل ڪيا،
تنظيم جو هيڊ ڪواٽر بيجنگ  م آهي ۽ تنظيم جون سرڪاري ٻوليون روسي۽ چيني آهن ۽ سندن موجودا سيڪريٽري جنرل  راشد اليموو ۽ 
ڊپٽي سيڪريٽري جنرل
 صابر امان دوسوو
وانگ ڪيون 
عزيز نوسروو
 ولادمر پوٽاپنڪو آهن، 
 ملڪي سربراهن جي ڪائونسل انجو سڀ کان وڏو فيصلا ساز ادارو آهي جيڪو تنظيم جي بجيٽ کي منظور ڪندو آهي ۽ بين المفاداتي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو آهي ۽ تنظيم جا سربراهي اجلاس هر سال واري واري سان ميمبر ملڪن جي شهرن م منعقد ڪيا ويندا آهن،
تنظيم جو دهشتگردي،انتهاپسندي ۽ علحدگي پسندي خلاف ڪم ڪندڙ هڪ مستقل ادارو پڻ آهي جنهنجو هيڊڪواٽر تاشقند م آهي جنهنجو سربراه ٽن سالن جي مدي لاءَ چونڊجي ٿو،هي هڪ نهايت اهم عالمي مسئلو آهي جنهن طرف ايس سي او سنجيدگي سان وڃي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قدم کڻي پئي ته جينئن ميمبر ملڪن مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪري اتي اقتصادي ۽ سياسي استحڪام لاءَ راهون هموار ڪيون وڃن، ڏٺو وڃي ته هي خطو دنيا جي اڌ کان وڌيڪ آبادي رکي ٿو ۽ هن ئي خطي م.روس،چين،ڀارت،پاڪستان ايٽمي رياستون موجود آهن ۽  ميمبر ملڪ دنيا جي جي ڊي پي جو چوٿون حصو رکندڙ  ۽ پکيڙ جي حساب سان يوريشيا جو اسي سيڪڙو رکندڙ تنظيم آهي،
چين هن وقت دنيا جي هڪ وڏي معاشي طاقت طور اڀري رهيو آهي ۽ جهڙي رفتار ۽ پاليسي سان چين اڳتي دنيا م پنهنجي حيثيت ٺاهيندو پيو وڃي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن چين آمريڪي سپر پاور واري هڪ هٽي کي کلي طرح چئلنج ڪندي طاقت جي توازن کي پمهنجي طرف ڪرڻ م ڪامياب ٿي ويندو ڇو ته هڪ طرف آمريڪا بهادر سپر پاور هوندي پنهنجي اتحادين کي آهسته آهسته ناراض ڪندو پيو وڃي ته ٻي طرف چين 
پنهنجي معاشي پلان تحت وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا م شنگهائي تعاون تنظيم وسيلي هڪ بلاڪ ٺاهڻ طرف عملي طور اڳڀرائي ڪري رهيو آهي ۽ دنيا جي ملڪي مسئلن معاملن م غير جانبدار رهندڙ چين هاڻي هن خطي م موجود ملڪن جي اندروني سياسي معاملن م به خصوصي دلچسپي وٺندي انهن ملڪن م سياسي استحڪام جي قيام کي هٿي وٺرائڻ طرف عمل پئرا آهي اهوئي سبب آهي جو گذريل ڪجه عرصي کان افغانستان جي سياسي استحڪام لاءِ هو پاڪستان افغانستان ۽ آمريڪا دان گڏجي چوٿين ڌر طور چار فريقي ڳالهين م ويٺو  ۽ افغانستان م سئجنگي ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ سياسي استحڪام تي سنجيدگي سان ڪم ڪري رهيو آهي،
ان کان علاوا گذريل ڏينهن چين جي پرڏيهي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي ارڙهين اجلاس بعد هڪ انٽريو ڏيندي اهو به چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ چيو ته چين ڄاڻي ٿو ته ٻنهي ملڪن جي وچ م ڊگهي عرصي کان حل طلب تڪرار  موجود آهن ۽ هاڻي جڏهن ٻئي ملڪ هن فورم جو باقائدا حصو بڻجي وياآهن ته اسان ان تنظيم جي صورت م کين گڏيل لاڳاپن جي بهتري لاءِ بهتر پليٽفارم ۽ موقعا ڏئي سگهون ٿا ۽ گڏوگڏ هن اها به ڳاله ڪئي ته افغانستان م امن جو قيام شنگهائي تعاون تنظيم جي لاءِ علاقائي سلامتي جو اهم اشو آهي ڇو ته افغانستان ايس سي او جي اڪثر ميمبر ملڪن جو پاڙيسري آهي سو هنن ڳالهصن مان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته چين خطي م.موجود تڪرارن جي خاتمي،امن جي قيام  ۽ مستقبل م ڪنهن به قسم جي علاقائي ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڪيترو سنجيدا آهي ڇو ته چين جي بنيادي  پاليسي ئي اها آهي ته هن خطي م هڪ اهڙو مضبوط معاشي بلاڪ قائم ڪيو وڃي جيڪو هن علائقي کي خوشحالي ۽ استحڪام طرف وٺي وڃي چين جي انهن قدمن کان يقينن آمريڪا سميت يورپي طاقتون خائف آهن ڇو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو  علائقي م وڌندڙ اثر يورپي ۽ آمريڪي مفادن  کي کليو چئلنج آهي ۽ مستقبل م جصڪڏهن ترڪي ۽ ايران به هن فورم جو جو باقائدا حصو بنجن ٿا ته هي بلاڪ تمام جلد مشرق وسطا تائين فهلجي ويندو ڇو ته ترڪي،شام،مصر،آرمينيا آذربائيجان،بنگلاديش،نيپال،سريلنڪا تنظيم جو آبزور اسٽيٽس لاءِ درخواستون ڏئي چڪا آهن ۽ اسرائيل،يوڪرائين،مالديپ وري ڊائلاگ پارٽنر ٿيڻ لاءِ سفارتي ڪوششن م آهن،عراق پڻ 2017 م هن تنظيم م  ڊائلاگپارٽنر طور شرڪت جي درخواست ڪري چڪو آهي جڏهن ته بحرين ۽ قطر پڻ ايس سياو جوائن ڪرڻ بابت پنهنجي دلچسپي ڏيکاري آهي  ۽ جيڪڏهن مستقبل م هي سڀئص ملڪن هن تنظيم جي ڇٽي هيٺ گڏ ٿين ٿا ته يقينن  آمريڪا جي هتان تڏا ويڙه ٿيندي جيڪو آمريڪا هرگز نه چاهيندو ڇو ته آمريڪي پاليسي انهن علائقن م سواءِ جنگ ۽ تباهي جي ڪجه ناهي ڏنو اهڙي   صورت م چين جي سربراهي م ٺهيل هي شنگهائي تعاون تنظيم جو بلاڪ ايندڙ مستقبل م دنيا جي رهنمائي ڪندي نظر ايندو اهوئي سبب آهي جو هن تنظيم.جي عالمي سياست ۽ معيشت م  وڌندڙ ڪردار کي ڏسي يورپي هن کي  يوريشين نيٽو سڏين ٿا،
گذريل ڪجه سالن دوران تنظيم جي سرگرمين م اضافو ٿيو آهي جنهن م فوجي تعاون،انٽيليجنس شيئرنگ ۽ دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ تعاون شامل آهي،تنظيمي ملڪن گذريل سالن م پنهنجي گڏيل فوجي طاقت جو مظاهرو ڪندي گڏيل فوجي مشقون پڻ ڪيون آهن پهريون ڀيرو گڏيل فوجي مشقون  2003 م ڪيون ويون جنهنجو پهريون مرحلو قازقستان ۽ ٻيون مرحلو چين م مڪمل ڪيو ويو ان بعد چين ۽ روس انهي پليٽفارم تان 2005-2007-2009 م گڏيل فوجي مشقون ڪري چڪا آهن،2007 واري امن مشقن م  چار هزار کان وڌيڪ فوجين حصو ورتو هو جيڪي روس م منعقد ڪيو ويون هيون جنهن کي امن مشقون 2007 جو نالو ڏنو ويو هو، سو ڏسڻ م اچي پيو ته ايس سي او بنيادي طور آهي ته هڪ معاشي اتحاد پر ان سان گڏوگڏ هي نيٽو وانگر مبصر ملڪن م فوجي تعاون تي به زور ڏئي ٿو ته جينئن ميمبرن ملڪن جي وچ ۾ گڏيل فوجي مشقن وسيلي هڪ ٻئي جي دفاعي تجربن ۽ طريقن کان واقفيت حاصل ڪئي وڃي هڪ گڏيل هم آهنگي جو اظهار ڪيو وڃي،
سو ڏسڻو اهو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم عملي طور ميمبر ملڪن ۽ علائقي مان تڪرارن کي ڪيترو جلدي حل طرف وٺي وڃي ٿي ۽ ميمبر ملڪن م ڪيترو سياسي معاشي استحڪام پئدا ڪرائڻ م ڪامياب وڃي ٿي ۽ جيڪڏهن شنگجائي تنظيم جي پليٽفارم تان پاڪستان ۽ ڀارت ڪشمير سميت اهم.تڪراري اشوز تي سنجيدگي سان ويهي ڪنهن حل طرف وڃن ٿا ته اها هڪ تمام وڏي ڪاميابي هوندي.
فدا حسين ملڪ گهوٽڪي

Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *