paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

مني لانڊرنگ اسڪينڊل،غير جانبدار احتساب ۽ ملڪي سياست

 مني لانڊرنگ اسڪينڊل,غير جانبدار احتساب ۽ ملڪي سياست)

حڪمرانن لاِ  اقتدار هڪ اهڙي ته نشي جهڙو ٿئي ٿو جو جڏهن هو اقتدار جي اعلي مسندن تي براجمان  هجن ٿا ته  نيرُو بنجي زندا ماهن جا شهر ساڙي به سرور حاصل ڪن ٿا ۽ انڌ جي اهڙي گهوڙي تي سوار هجن ٿا جو اکيون حقيقيتن کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جي سگه کان عاري ٿي وڃن ٿيون،

اونداهن دورن م رهندڙ يورپي ملڪن م ته جمهوري نظامن ذريعي عوامي ترقي کي ممڪن بڻائي سڌريل شهري سماج جوڙي ورتا جتي انسان ته ڇا هڪ جانور کي به جينئڻ جا پورا موقعا ميسر آهن پر بدقسمتي سان هزارين سالن جي سڌريل سماج جون هامون هڻندڙ هن اداس سنڌو ماٿري واري  ملڪ م اسانجي سياستدانن طرفان جمهوري نظام جي آڙ م جيڪو ستر سالن م گند ڪيو ويو آهي اهو ڏسي عوام جو جمهوريت جي لفظن تان ئي ويساه کڄي وڃي ٿو،

تحريڪ انصاف جي نئين حڪومت جيڪا گذريل نظام حڪومت مان بيزاري جي اعلانن ۽ تبديلي جي پاپولر نعري سان وجود م آئي آهي تنهن ملڪ م سخت احتساب جا واضح اعلان ڪيا آهن ۽ 

اهي سخت احتساب جا اعلان نه صرف عوام جي زبانن تي بحث جو موضوع آهن پر ميڊيا کان وٺي ڪورٽن تائين انهي احتساب جا پڙاڏا پيا گونججن ۽ اعلي عدالتون ملڪي ڪرپشن ڪيسن تي تڪڙيون شنوايون ڪندي نظر اچي رهيون آهن.ملڪ م هوئن ته نيب ۽ ايف آئي اي کي هر حڪومت آزاد ٿي ڪم ڪري غير جانبدار احتساب بجائي پنهنجي مخالف سياستدانن ۽ اڳواڻن خلاف استعمال ڪنديون رهيون آهن جنهنجو نشانو هميشه وقت جي حڪومتن هٿان مخالف ٿيندا رهيا آهن پر هن دفعي به سندن ڪارڪردگي ڪا گهڻي مختلف ڪونه آهي ڇوته ڳاله ته ساڳي غير جانبدار احتساب جي پئي ٿئي پر حڪومتي ٽيم م ويٺل اتحادين جي معاملي م حڪومت توڙي ادارن طرفان هڪ ڊگهي ۽ پراسرار خاموشي سوالن کي ضرور جنم ڏئي ٿي جو جتي شريف خاندان مختلف ڪيسن م واري واري سان ٻڌڇوڙ جي چڪرن م ڦاٿل آهي ته اتي گجرات جا چوڌري ڪرپشن جي ڪيسن کان آجا ٿي حڪومتي اتحاد جا مزا پيا ماڻين ۽ ساڳي ريت زرداري صاحب به ڪرپشن مني لانڊرنگ ڪيسن م اڄڪله نيب ۽ ڪورٽن جي وڪڙ م ڦاسندو پيو وڃي ته ساڳي جڳه تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ مڪمل طور پرسڪون ٿي حڪومت جي ڇٽي م پاڻ کي بچايو بيٺا آهن،

شريف خاندان جا ڪيس ويجهي مستقبل م ڪٿي دنگ ڪندا اهو اڃا قبل از قت آهي پر گذريل ڪجه عرصي کان ايف آئي اي ۽ نيب جي آفيسرن کي جنهن ڪيس پريشان ڪيو آهي سو آهي اربين رپين جي مني لانڊرنگ وارو ڪيس.

هي ڪيس جيڪو شروع ته ايف آئي اي طرفان مشڪوڪ بينڪ ٽرانسڪشنز  جي پڪڙ کان ٿيو هو سو  ڏينهون ڏينهن حل ٿيڻ بجاء سُٽ جي ويڙهي وانگر اڃا وڌيڪ پيچيدا ٿيندو پيو وڃي جو ابتدائي طور  35ارب رپين مان هي رقم وڃي هڪ کرب کان به مٿي تائين پهتي آهي ۽ سپريم ڪورٽ پاران ٺاهيل جي آئي ٽي ذريعي هر شنوائي تي نوان نوان انڪشاف سامهون پيا اچن،اومني گروپ جيڪو انور مجيد جو آهي جيڪو زرداري جو بزنس پارٽنر  ۽ سنڌ م ارڙهن کان مٿي شگر ملن جو مالڪ  ۽ هزارين سرڪاري زمين جو مالڪ پڻ آهي انکي هن سڄي مني لانڊرنگ جو بنياد بڻايو ويو آهي,

سيٺ انور مجيد،سندس پٽ،مشهور بينڪر حسين لوائي پڻ ايف آئي اي حراست م آهن ۽ 

  تازا ترين اهو ته ايف آئي اي جي ذريعن موجب  مني لانڊرنگ اسيڪينڊل م تحقيقات شروع ٿيڻ بعد ملڪ مان 9 جنوري تي فرار ٿيل هڪ اهم ماڻهو به گرفتار ٿي چڪو آهي جنهن جا ايف آئي اي ريڊ وارنٽ جاري ڪري انٽرپول مدد طلب   ڪئي هئي.ڪاله انٽرپول پاران اسلم مسعود نالي شخص کي به لندن کان جده پهچندي ئي ايئرپورٽ تي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن کي ڪجه ڏينهن م ڏيه آڻي پڇا ڳاڇا شروع ڪئي ويندي ڇو ته اهو چيو پيو وڃي ته سڄي ميگا مني لانڊرنگ اسڪينڊل جو ماسٽر مائنڊ اهو ئي شخص آهي جيڪو فرارهو ۽ اومني گروپ جو چيف فائنانس آفيسر  آهي جنهن وٽان اهم معلومات ملندي ڇو ته ايف آئي اي موجب هو ئي پاڪستان م مختلف ماڻهن جي نالن تي بينڪ اڪائونٽ کولرائي پئسا پرڏيه ٽرانسفر ڪندو هو ۽  جعلي اڪاوئنٽن جي هن ڪهاڻي هاڻي ته ڪڏهن رڪشا واري جي اڪائونٽ مان ڪروڙين رپيا پيا نڪرن ته ڪڏهن فالودي واري مسڪين جي اڪائونٽ جو انڪشاف پيو ٿئي ته ڪڏهن ٻه ٻه سال اڳ فوت ٿيل جو اڪائونٽ ڪروڙن جي لين دين لاءِ استعمال پيو ٿئي,ڪاله ئي هڪ ٻيو انڪشاف ٿيو ته ڪراچي جي هڪ صحت کاتي جي ملازم نائب قاصد محمد زاهد انور جي نالي تي ميسرز پارڪ انٽرپرائزز نالي جعلي ڪمپني آهي جنهن ڪمپني ڏانهن سورنهن ڪروڙ ڇهاسي لک جا ٽئڪس بقاياجات آهن غريب ملازم پڻ حيرتزدا ٿيندي هائڪورٽ  سان رجوع ڪيو آهي ته هن کي ايف بي آر پاران سورنهن ڪروڙ جا ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جو نوٽس مليو آهي جڏهن ته هو غريب ملازم آهي ۽ سندس ڪنهن ڪمپني سان واسطو ناهي,سو هي ڪهاڻي جيڪا مشڪوڪ اڪائونٽس کان شروع ٿي سا کربين رپين جي ملڪي تاريخ جي وڏي مني لانڊرنگ طور سامهون اچي چڪي آهي جنهن م سڌو سنئون پاڪستان پيپلز پارٽي جي موجودا قيادت جي ملوث هجڻ بابت بحث ٿي رهيا آهن ڇو ته جڏهن کان انور مجيد هن ڪيس م گرفتار ٿيو آهي ۽ سپريم ڪورٽ م جنهن طرح سان پ پ پ قيادت روين جو اظهار ڪري رهي آهي انجو سڌو سنئون مطلب اهوئي بيهي ٿو ته ڪٿي نه ڪٿي هن ميگا اسڪينڊل جا پيرا زرداري ۽ فريال ٽالپر ڏانهن وڃن ٿا ۽ سندن گهيرو ڏينهون ڏينهن تنگ ٿيندو پيو وڃي ڇو ته هتي پاڪسان جي سياسي تاريخ جو اهو هڪ ماضي م الميو رهيو آهي ته سياستدان جڏهن جڏهن عدالتن هٿان گرفت م آيا آهن پنهنجي جعلي ميڊيڪل رپورٽن آڌار علاج جا بهانا بڻائي جعلي ميڊيڪل رپورٽن وسيلي راه فرار اختيار ڪندي ملڪي قانون جي پڪڙ کن آجا ٿيندا رهيا آهن الطاف کان وٺي تازو ئي جنرل مشرف,ڊاڪٽر عاصم تائين سڀ انهي صحت جي  انساني همدردي واري نقطي کي بنياد بڻائي ملڪ مان فرار ٿيا آهن اهوئي سبب آهي جو چيف جسٽس پڻ انور مجيد جي ساڳي طرز تي ٻاهر موڪلڻ يا گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي اسپتالن مان علا ڪرائڻ واري درخواست تي سخت رمارڪس ڏنا آهن ته هاڻي سنڌ جي ڊاڪٽرن جي رپورٽن تي اعتماد ئي ناهي رهيو ان پٺيان به اهوئي سبب آهي جو گذريل دورن م ايم ڪيو ايم جي ڏوهارين,لياري گينگوار جي مجرمن کان ويندي شرجيل ميمڻ  ۽ ڊاڪٽر عاصم به انهن ئي رپورٽن آڌار يا ٻاهر فرار ٿيا يا نجي اسپتالن جي وارڊن م لگزري سهوليتن سان جيل جا ڏهاڙا گزاريندي ڏٺا ويا,

جيڪڏهن هي جاچ ڪنهن سياسي مصلحت کان آجي ٿي پنهنجي اختتام طرف وئي ته مني لانڊرنگ جي هن اسڪينڊل سان ملڪي سياست م هڪ وڏو ڀونچال اچي سگهي ٿو ڇو ته پيپلز پارٽي سنڌ حڪومت م اڪيلي اقتداري پارٽي ۽ مرڪز م اپوزيشن جي ٻي وڏي جماعت آهي ۽ هن اسڪينڊل جا پيرا سڌا سنوان موجودا پ پ پ قيادت ڏانهن اچي رهيا آهن اهوئي سبب آهي جو هڪ پاسي سياسي ماٺ بعد آصف زرداري ٻيهر اپوزيشن پارٽين کي گڏ ٿي حڪومت خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ جي ڳاله ڪري حڪومت ڊاهڻ جا بيان پيو ڏئي ته ٻي پاسي  وفاقي اطلاعات وارو وزير فواد چوڌري کيس اپوزيشن بجاء وڪيلن کي گڏ ڪري پنهنجي بچاء لاء اپاء وٺڻ جون صلاحون پيو ڏي,ماضي م به اسان ڏٺو ته سياسي مزاحمت جي شاندار تاريخ رکندڙ پيپلز پارٽي وزير اعظم توڙي اسپيڪر واري چونڊ عمل م ايتري ته بيوس ٿي وئي جو هنن ڪنهن کي ووٽ ڏيڻ بجاء خاموشي م ئي پنهنجي عافيت سمجهي,هي سياسي بيوسي ڪا عام رواجي نه هئي پر هن بيوسي جو ڪارڻ اهوئي ميگا اسڪينڊل هو جنهن پ پ پ قيادت کي سخت مونجهاري م وجهي ڇڏيو هو جو سندن هڪ طرف باه ۽ ٻئي طرف پاڻي هو,

پر ڇا پ پ پ قيادت کي هي ميگا مني لانڊرنگ اسڪينڊل سياسي مفاهمت سبب هضم ٿي ويندو يا هاڻي شريف برادرن بعد جيل جو اڳيون وارو آهي زرداري جو آهي ۽ ڇا تحريڪ انصاف هڪئي وقت پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي سوڙهو ڪري سگهندي يا رڳو پ پ پ قيادت کي پنج ئي سال نفسياتي دٻاء م رکي اپوزيشن جي احتجاجي تحريڪ جي اثرن کي ناڪام ڪرائي پنهنجو حڪومتي مدو پورو ڪندي, ڇو ته هي ميگا مني لانڊرنگ جو معاملو رڳو جعلي اڪائونٽن,جعلي ڪمپنين  تائين محدود ناهي پر هي معاملو سياست جي ڪرپشن ۽ ڪرائيم سان چٽن لاڳاپن جو به آهي ڇو ته فشريز جو اڳوڻو چيئرمين نثار مورائي به ادارن وٽ آهي جنهن پڻ جي آئي ٽيز اڳيان لانچن وسيلي غير قانوني پئسو دبئي پهچائڻ جهڙا انڪشاف ڪيا آهن ۽ عزير بلوچ به اڃا تائين گرفتار آهي جنهن  پ پ پ قيادت جي چوڻ تي نوي کان مٿي قتلن جا پڻ اعتراف ڪيا آهن ۽ ضرورت پوڻ تي انهن کي به منظر عام تي آڻي پ پ پ قيادت خلاف استعمال ڪيو ويندو.هن وقت مني لانڊرنگ هڪ اهڙو معاملو ٿي سامهون پيو اچي جيڪو ايندڙ وقت م هڪ وڏو طوفان برپا ڪندو ڇو ته ايف آئي اي طرفان ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري خدمت خلق فائونڊيشن جي نالي تي پڻ اربين جي رقم ملڪ من لنڊن غير قانوني ٽرانسفر ڪرڻ جي جاچ به شروع ٿي چڪي آهي جنهن م هيل تائين جي جاچ موجب 700 اڪائونٽن وسيلي پئسا ٻاهر موڪليا ويا جن م ڇه سو جعلي اڪائونٽ جڏهن ته سو اڪائونٽن جو ڊيٽا گڏ ڪيو ويو آهي جنهن م ايم ڪيو ايم جا اهم اڳواڻ وسيم اختر,بابر غوري,ارشد وهرا،نسرين جليل پڻ شامل آهن ۽ ايندڙ وقت م اهي پڻ عتاب هيٺ اچڻا آهن سو سوال اهو پئدا ٿئي ٿو ته هن ملڪ م شروع ٿيل احتساب مڪمل طور تي ڪيترو غير جانبدار

رهندو ۽ ماضي جي روايتن جيان ڇا  رڳو اپوزيشن پارٽيون ئي احتساب جي عمل مان گذرنديون يا هي احتسابي عمل حڪومتي بينچن تي ويٺلن طرف به پهچندو.

فدا حسين ملڪ گهوٽڪي

Dated:24-10-2018


Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *