paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

ادارن جو ٽڪراءُ،لولي لنگڙي جمهوريت ۽ اسان جا سياستدان

ادارن جو ٽڪراءُ،لولي لنگڙي جمهوريت ۽ اسان جا سياستدان

 ملڪ جي تاريخ تي نظر  ته معلوم ٿيندو ته ملڪ م جمهوريت کان وڌيڪ سڌي يا اڻسڌي طرح آمريت رهي آهي ۽ گذريل پ پ پ جي پهرين حڪومت هئي جنهن لوڏن باوجود پنج سال پورا ڪري جمهوريت جي تسلسل کي جاري رکڻ جي ڳاله ڪئي.سندس حڪومت م.ملڪ م ڪهڙي تبديلي يا ترقي  ٿي اهو هڪ الڳ بحث آهي پر اهو ڪريڊٽ وري به سموري جمهوري ڌرين ڏانهن وڃي ٿو جو هنن مسئلن جي هوندي زرداري حڪومت کي ڪرڻ نه ڏنو ان بعد نئين چونڊن م پ پ پ ڪارڪردگي نه هجڻ سبب بدترين شڪست کاڌي ۽ ن ليگ هڪ واضح اڪثريت سان ملڪ جي وڏي سياسي پارلياماني ڌر طور سامهون آئي،نوازشريف جيڪو مشرف پاران اقتدار کان ڌاري ڪري جبري جلاوطن ڪيو ويو هو اقتدار م اچڻ شرط اهو واضح ڪيو ته هاڻي  ٽين ڌر يا لڪل هٿن جي ڪردار کي مڪمل محدود ڪيو ويندو ۽ جمهوري عمل سان ڪنهن کي هٿ چراني نه ڪرڻ ڏني ويندي پر تحريڪ انصاف جڏهن ڌانڌلي جو الزام هڻندي ڊي چوڪ تي سموري سياسي طاقت سان اچي نومدار ٿيو ته ان وقت نواز شريف کي به اهو پيغام مليو ته هاڻي سندس مضبوط حڪومت ڪري به سگهي ٿي ۽ سو ڏينهن کن مٿي جاري رهندڙ ان ڌرڻي حڪومت کي ايترو ته سوڙهو ڪيو جو مجبورا ن ليگ کي آرمي چيف کي وچ ۾ آڻي مسئلو حل ڪرائڻ جي درخواست ڪئي وئي انهن ڏينهن م ته هر ٻي ڏينهن ڪڏهن گهرو وفاقي وزير چوهدري نثار ڪڏهن تخت لاهور جو وزير اعلي ميان شهباز شريف ته ڪڏهن خود نواز شريف آرمي چيف سان بار بار ملاقاتون ڪرڻ جي ايڇ ڪيو ويندا رهيا ۽ درخواستون ڪندا رهيا ته سندن حڪومت کي ڪرڻ کان بچايو وڃي ۽ ان بعد ئي پشاور آرمي پبلڪ اسڪول سانحي بعد تحريڪ انصاف اهو ڌرڻو ختم.ڪرڻ جو اعلان ڪيو،  انهي ساڳئي ڇڪتاڻ وقت هڪ دفعي  زرداري پڻ ڪجه سال اڳ آرمي خلاف هڪ پريس ڪانفرنس م جارهانا انداز اپنائيندي هن تي ڇوه ڇنڊيا هئا ۽ اهو پڻ بيان ڏنو هو ته هم آپڪي اينٽ سي اينٽ بجا دينگي ان بعد ڪجه عرصو ملڪ کان ٻاهر وڃي ويٺو ۽ سنڌ م سندس خلف نئب ۽ ايف آئي اي حرڪمت م آيون جن سندس اهم.ماڻهن م.هٿ وجهي کيس اهو پيغام ڏنو ته اڳيون ٽارگيٽ  هو پاڻ به ٿي سگهي ٿو .نواز حڪومت جا پڻ پنجن سالن جي عرصي م وقتا بوقتا ننڍن وڏن مسئلن تي ادارن سان اهي اختلاف سامهون ايندا رهيا مثال طور ڊان ليڪس معاملي تي وڏو هنگامو  برپا ٿيو نيٺ حڪومت هڪ وزير جي قرباني ڏئي مسئلي مان جند آجي ڪرائي ۽ ان بعد توهين نبوت واري شق تي هٿراڌو مسئلو پئدا ڪرائي کين ٽارگيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ختم.نبوت معاملي تي رات پيٽ ۾ ٺهيل هڪ مذهبي پارٽي تحريڪ لبيڪ يا رسول الله وري اچي اسلام آباد م نمودار ٿي ۽ ان پڻ سپريم.ڪورٽ جي حڪمن کي ٿڏيندي حڪومت سان ٺاه وقت فوج کي ٽين ڌر طور ويهاري معاهدو ڪري ڌرڻو ختم ڪيو   جنهن مان پڻ هنن مشڪل سان جند ڇڏائي پر پاناما ليڪس جي معاملي م اخر اسانجو چونڊيل وزير اعظم سپريم.ڪورٽ اڳيان ڦاٿو ۽ آخر ڪار سپريم.ڪورٽ ڪيس م پاناما بجاءِ اقاما جي بنياد تي کيس ڏوهي قرار ڏيندي آرٽيڪل 61-62 تحت کيس نااهل قرار ڏنو جنهن بعد هن موجودا بحران جنم ورتو ۽ نواز شريف هن فيصلي تحت عهدو ته ڇڏيو پر ان بعد هن جيڪو محاذ کوليو ۽ جهڙا جارحانا بيان ڏيڻ شروع ڪيا انهن تي هر سياسي سوچ رکندڙ ماڻهو اچرج م پئجي ويو ڇو ته نواز شريف هن سڄي.معاملي م پاڻ کي معصوم قرار ڏيندي ٽين ڌر  ۽ سپريم ڪورٽ کي پنهنجي خلاف انتقامي ڪاروائي قرار ڏيندي هن فيصلي کي عوام جي ووٽ جي توهين ۽ جمهوريت خلاف سازش قرار ڏنو ۽ انهي اسٽينڊ تحت ئي هن ملڪ م جلسن جي شروعات ڪئي جتي هن دل کولي عدليا ۽ فوج خلاف ڳالهايو ۽ عدليا توڙي فوج جي بار بار وضاحتن بعد به هو انهي موقف تي قائم رهيو ته کيس هٽائڻ م هڪ ادار ئي عدليا جو استعمال ڪيو آهي ۽ کليل طور چوندو رهيو ملڪ م جمهوريت بجاءِ جڊيشل مارشلا لڳل آهي ۽ سپريم.ڪورٽ جي پٺ تي هڪ ادارو جمهوريت خلاف هي فيصلا ڪرائي رهيو آهي،

توڻي جو ماضي م ڏٺو وڃي ته خود نوازشريف ضيائي آمريت جي پئداوار آهي پر موجودا حالتن م هن مڪمل بغاوت جو کليل اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب ملڪ م ادارن جي ٽڪراءُ جو خطرو پئدا ٿي ويو آهي انهن ئي معاملن تي ملڪ جي موجود وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سپريم.ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار سان ملاقات ڪري ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ب نتيجا رهي ۽ ڪجه ڏينهن اڳ هڪ بيان زرداري سان منسوب ٿي ميڊيا م آيو ته اينٽ سي اينٽ بجانا وارو بيان هن نوازشريف جي چوڻ تي ڏنو ۽ بعد م هن ان بيان کان لاتعلقي ڪري ڇڏي آهي ته هن ڪو اهڙي ڳاله به ڪٿي ڪئي آهي ان معاملي تي به نواز شريف ڳالهايو آهي ڪاله ئي نواز شريف  ۽ وزيراعظم جيڪي ٽين ڌر بابت بيان ڏنا آهين سو تمام غور طلب آهن
نوازشريف فرمايو ته
ملڪ م ٽي اهم ٿنڀ هجن ٿا پر هڪ ٿنڀ سڄي نظام تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ يندڙ چونڊن م به هو پنهنجي مرضي جي پارليامنٽ آڻڻ چاهين ٿا پر آئون واضح ڪريان ته اسانجو مقابلو ايندڙ چونڊن م عمران خان يا زرداري سان نه پر خلائي مخلوق سان آهي ۽ هن زرداري جي بيان تي ايترو.به چيو ته جيڪڏهن زرداري اهو بيان.ناهي ڏنو ته پو ڪير آهي جنهن اها خبر بريڪنگ ڪري هلرائي آهي هن چيو ته پارليامنٽ جي رٽ ڪٿي آهي.
ساڳي طرح جو ملندڙ جلندڙ بيان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو پڻ آيو آهي ته نواز شريف ڪاله به هو اڄ به آهي ۽ سڀاڻي به رهندو ۽ اهو معلوم هوندي به ته چونڊون نگران حڪومتحڪومت نه پر خلائي مخلوق ڪرائيندي اسان ان م حصو وٺندا سين.
هڪ طرف نواز سرڪار  سڌي طور فوج کي سڄي سسٽم کي هائجيڪ ڪرڻ جا الزام لڳائي رهي آهي ته ٻي طرف ڪاله عمران خان پڻ اهو چيو آهي ته 2013 جي چونڊن م فوج نوازشريف جي مدد ڪئي ۽ اهڙي وڏي ڳاله هو سوچي سمجهي ڪري رهيو آهي ته برگيڊيئر پنجاب م نوازليگ جي مدد ڪئي.
سو جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن سڄي سياسي ٽڪراءُ واري ماحول م فوج جي نالي.جو بار بار اهڙي الزامن وارو استعمال.ملڪي توڙي عالمي ليول تي هن ملڪ جي جمهوري سرشتي جي مظبوطي.خودمختياري تي ڪيترائي سوال اٿاري ٿو ۽ گڏوگڏ فوج جي ساک کي پڻ عالمي ليول تي هاڃو پئي رسائي,اها به هڪ تلخ حقيقت رهي آهي ته ماضي م ادارا پنهنجي توازن کي برقرار ناهن رکي سگهيا جنهن جو سبب جمهوريت جي ڪمزوري آهي ۽ اها پڻ اسانجي مجموعي سياست جي ڪمزوري چئبي جو هو سياسي مخالفتن کي ايترو اڳتي ذاتي مفادن تائين وٺي ويندا رهيا آهن جو پنهنجي مفادن خاطر ۽ اقتدار جي حوس پوري ڪرڻ خاطر غير جمهوري ڌرين جي ڪلهن تي چڙهي جمهوريت کي خود ڊي ريل ڪندا رهيا آهن،
ايوب خان جي مارشلا وقت ڀٽو پڻ هن جو خاموش اتحادي رهيو ۽ اقتدار جا مزا ماڻيندو رهيو ۽ ساڳئي ڀٽي جمهوري  قدرن جي نفي ڪندي عوامي ليگ جي مينڊيٽ کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ فوج جي ڪلهن تي چڙهي پاڻ اقتدار جي ڪرسي تي ويٺو ان بعد وري حالات تبديل ٿيا ته پي اين اي ڀٽي خلاف بيٺي ۽ نتيجي طور فوج اقتدار تي قبضو ڪيو ته انهن ضياءَ جي آجيان ڪري آمريت جو ساٿ ڏنو ۽ ڀٽو ساڳي آمريت جو شڪار ٿيو،ان بعد وري نواز شريف  ضيائي آمريت م پنهنجي سياست م.انٽري ڪئي ۽ ان ئي اداري جي ڪلهن تي هوندي بينظير حڪومت ختم ڪرائي جيڪو پڻ  ثابت ٿي چڪو ته انهن چونڊن  م  هڪ خاص  اداري آئي جي آئي ٺهرائي،
هاڻي ساڳيو نواز شريف جڏهن پاڻ سان ظلم ڏسي تو ته دانهون پيو ڪري،
هي اسانجي ملڪي سياست جو الميو رهيو آهي ته جمهوري حڪومتن کي ڪيرائڻ يق انهن خلاف سازشن م  مک ڪردار سياسي اڳواڻ ئي رهيا آهن ۽ اها تاريخ اڄ به ائين ئي دهرائجي رهي آهي رڳو فرق اهو آهي ته ڪاله جو منظور نظر اڳواڻ اڄ نشان عبرت پصو بنجي ۽ موجودا اڳواڻ انهن جي ڪلهن تي ويهي ذاتي مفادن لاءِ اقتدار جي تڪڙي ڪرسي حاصل.ڪرڻ گهرن ٿا ۽ اهو به هڪ تلخ سچ هوندو ته جيڪڏهن اڄ به ملڪي سياستدانن پنهنجي روين کي درست نه ڪيو ۽ پمهنجي ماضي جي غلطين کي درست نه ڪيو ته هن ملڪ م حقيقي جمهوريت ڪڏهن به قائم نه ٿي سگهندي ۽ لولي لنگڙي ڪمزور جمهوريت م هر ڪجه سالن بعد  ڪو.نه ڪو اڳواڻ ائين ئي نشان عبرت بڻبو رهندو يئن ڪاله ڀٽو بنيو،بينظير بڻي يا اڄ نواز شريف بنجي رهيو آهي سو هي مهل آهي ته اسان جا سياستدان پنهنجي روين ۽ پاليسين تي نظرثاني ڪري تڪڙي اقتدار جي حاصلات بجاءَ جمهوري روايتن ۽ جمهوريت کي مظبوط ۽ آزاد بنيادن تي هلائڻ لاءَ سنجيدگي سان سوچين ڇو ته آئين مطابق هر اداري جو هڪ مخصوص ڪردار آهي 
فدا حسين ملڪ
May 4, 2018

Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *