paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

ارڙھين ترميم تي عملي طور عمل ڪيو وڃي

 ارڙھين ترميم تي عملي طور عمل ڪيو وڃي


ڪالھ ڪراچئ م دائود انجينيئرنگ يونيورسٽِي ۽ يو اين ڊي پي طرفان

سنڌ سرڪار جي سهڪار سان تيل ۽ گئس تي حقن بابت ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس

ڪرائي وئي جنهن ۾ وفاقي وزير تيل۽ گئس شاهد خاقان عباسي، وڏو وزير سيد

قائم علي شاهه، سينيٽر رضا رباني، حاصل بزنجو، افراسياب خٽڪ، تاج حيدر،

ابرار قاضي، دائود يونيورسٽي جي وي سي فيض الله عباسي ۽ ٻين قانوني ماهرن

شرڪت ڪئي،

جنھن م سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاھ،رضا رباني ۽ ابرار قاضي

 سنڌ جي ڪيس کي تمام ڀرپور نموني دليلن سان پيش ڪري سنڌ عملي طور نمائندگي ڪئي،

پ پ جي گذريل دؤر م جيڪا ارڙھين ترميم منظور ڪري صوبن کي خودمختياري ڏني

وئي ھئي اھا ڪالھ سموري ڪانفرنس جو موضوع رھي ۽ ٽنھي صوبن جا اڳواڻ

پنھنجي وسيلن جي مالڪي عملي طور نھ ملڻ ڪري جھڙوڪ ڪالھ دانھون ڪندي نظر

آيا،

ڪالھ قائم علي شاھ وفاقي وزير شاھد خاقان عباسئ آڏو وفاق بابت داھيندي چيو تھ

18

هين ترميم جي آرٽيڪل 172 جو اصل مطلب صوبن کي وسيلن تي برابر حق ڏنا وڃن

آهي پر ان آرٽيڪل جي غلط بياني ڪئي وڃي ٿي، سنڌ 70 سيڪڙو گئس ۽ 60 سيڪڙو

تيل پيدا ڪري ٿو، مطلب ته سنڌ جو ملڪي پيداوار ۾ وڏو حصو آهي،  آرٽيڪل

172 جيڪو تيل ۽ گئس سميت قدرتي وسيلن تي صوبن جي حقن بابت آهي، ان تي

عملدرآمد ڪرايو وڃي،

صوبن جي وسيلن تي حقن جو تحفظ ڪندا،

تيل ۽ گئس بابت اسان کي تحفظات آهن ۽ صوبن کي پنهنجو حصو ملڻ گهرجي، صوبن

کي خودمختياري ملڻ گهرجي ۽ 18 هين ترميم تي فورن مڪمل طور تي

عملدرآمد ڪرايو وڃي،

ساڳئي قسم جي دانھن ۽ ميار بلوچستان صوبي جي سينيٽر حاصل بزنجو پڻ ڏني تھ

وفاقي حڪومت حڪومتي اختيارن کي اسلام آباد ۾ قيد ڪري ڇڏيو ۽ صوبن ڏانهن

وڃڻ نه ڏنو، ان ڪري ملڪ ۾ بحران پيدا ٿيا آهن، اسلام آباد جي مخصوص سوچ

جي ڪري بنگلاديش ٺهيو ۽ انھي احساس محرومي ۽ ناانصافين جي ڪري بلوچستان م

بھ علحدگي جي تحريڪ شروع ٿي چڪي آھي،

بلوچستان سان گئس جي معاملي ۾ به نا انصافي ڪئي وئي، 1952ع ۾ اتي گئس

نڪتي پر 1980ع تائين ڪوئيٽا ۾ گئس فراهم نه ڪئي وئي هئي ۽ بلوچستان کي

گئس ڏيڻ جي ڳالهه تي اسان جيل وياسين اسان کي ڦاهيون به ڏنيون ويون، هن

چيو ته آئين جي 172 تحت جتان گئس يا تيل نڪري ٿو پهرين حق اتان جي ماڻهن

جو آهي، پوءِ ٻين صوبن کي ڏنو وڃي پر آرٽيڪل تي ملڪ ۾ ڪڏهن به عملدرآمد

نه ڪيو ويو آهي، ان ڪري مطالبو ٿا ڪريون ته ان آرٽيڪل تي عمل ڪندي سنڌ ۽

بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق اتان جي ماڻهن کي ڏنو وڃي ۽ 18 هين ترميم

تي ان جي روح موجب تحفظ ڪيو وڃي، ڇو ته تحفظ نه ٿيو ته ملڪ نه هلي

سگهندو، هن چيو ته 18 هين ترميم لاءِ اسان جي قوم مشڪلاتون ڪاٽيون آهن،


خيبرپختونخوا صوبي جي نمائندگي ڪندڙ اي اين پي جي سينيٽر  افراسياب خٽڪ

چيو ته صوبائي خودمختياري گهرڻ کي غداري سمجهندڙ مائينڊ سيٽ کي 18 هين

ترميم ذريعي شڪست ڏني آهي،

ھن

چيو ته تيل ۽ گئس سميت قدرتي وسيلن بابت وفاقي قانون صرف ڪاغذن ۾ موجود

آهن ۽ اهي ناڪاره خراب آهن، سي سي آءِ پاليسي ساز ادارو آهي پر 18 هين

ترميم کان اڳ اهو ڪا به پاليسي تيار نه ڪري سگهيو، ان ڪري غير قانوني ۽

غير آئيني قانون ٺاهيا ويا ۽ وسيلن تي صوبن کي عملي طور تي مالڪي نه ڏني

وئي آهي، ان ڪري مطالبو آهي ته وفاق تيل ۽ گئس سميت قدرتي وسيلن بابت

موجود قانونن جو ٻيهر جائزو وٺي ۽ انهن کي نئين سر ٺاهيو وڃي، ڇو ته اهي

ناقص آهن، صوبن کي تيل ۽ گئس تي حق نه هئڻ ڪري صوبن کي اها خبر ئي نه آهي

ته انهن وٽ تيل ۽ گئس جا ڪيترا ذخيرا آهن، ڪمپنيون انهن بابت انگ اکر ئي

نٿيون ٻڌائين، جڏهن ته آئين چوي ٿو ته جتي وسيلا هوندا اتي پهرين حق اتان

جي ماڻهن جو هوندو، خيبرپختونخوا ۾ پيدا ٿيندڙ بجلي جي رقم مان هڪ رپيو

به خيبرپختونخوا کي نٿو ڏنو وڃي، جڏهن ته ڪي پي ڪي 10 سيڪڙو گئس پيدا ڪري

ٿو ۽ خرچ 7 سيڪڙو ڪري ٿو، ان باوجود اتي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جيڪو عمل

آئين جي ڀڃڪڙي آهي،

عوامي جمهوري پارٽي جي سربراهه ابرار قاضي چيو ته

تيل گئس جي ڪمپنين جون هيڊ آفيسون اسلام آباد ۾ آهن ۽ انهن ۾ سنڌي ماڻهن

کي نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن، جڏهن ته ڪمپنيون نوڪريون ۽ پئسا وڏيرن کي

ڏئي ڇڏين ٿيون، عوام جي ڀلائي تي خرچ نه ٿا ڪيا وڃن، جيڪو عمل بند ٿيڻ

گهرجي

ضمير گهمري چيو ته آئين موجب وفاق کي پرڏيهي معاملا، ناڻو، انڊسٽري،

ڪميونيڪيشن، براڊڪاسٽنگ، اميگريشن ۽ شپنگ کاتن جا اختيار وفاق وٽ هجڻ

گهرجن، جڏهن ته تيل ۽ گئس، راندين ۽ راندين واري بورڊ سميت سموريون

وزارتون صوبن کي هجڻ گهرجن پر اهو صرف ڪاغذن تائين محدود ڪيو ويو آهي ۽

عملي طور تي صوبن کي اهي اختيار نه ڏنا ويا آهن، جنهن ڪري آئين موجب صوبن

کي اهو اختيار آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري سگهن ٿا ته وفاق

آئين کي نٿو مڃي،

مٿين سڀني ڳالھين کانپوءِ شاھد خاقان عباسي چيو تھ

 صوبا هاڻ بهانا نه ڪن ۽ وفاق کان سوال ڪرڻ بدران پاڻ مسئلن جي حل لاءِ

ڪوششون ڪن، گئس صرف پنجاب استعمال نٿو ڪري پر ان گئس مان بجلي پيدا ٿئي

ٿي ۽ اها بجلي سڄي ملڪ کي سستي اگهه تي ڏني وڃي ٿي،

مان سنڌ حڪومت کان سوال ڪريان ٿو ته ٿر جي ڪوئلي مان اسان وفاق جو حصو ڪيڏانهن ويو؟

اهو چوڻ غلط آهي ته هڪ صوبي ۾ موجود وسيلن تي صرف ان جو حق آهي، ڇو ته هڪ

صوبي ۾ ملندڙ وسيلن تي سمورن صوبن ۽ وفاق جو حق آهي جن جي وفاق ذريعي

ورهاست ٿئي ٿي، 18 هين ترميم ۾ پنجاب وڏي قرباني ڏني آهي ۽ ان ڪري ڪجهه

آپريشنل سرگرمين ۾ مشڪلاتون ٿيون آهن ان ڪري ترميم جي تڪراري شقن تي ٻيهر

نظر ثاني ڪئي وڃي،ھن

وري بھ گول مول ڳالھيون ڪيون جنھن جو مطلب اھو ڪڍي سگھجي ٿو تھ اڃا عملي

طور تي وفاق نھ ئي صوبن کي قدرتي وسيلن جي مالڪي ڏيڻ لاءِ تيار آھي نھ ئي

وري رائلٽي ۽ ڪالھ ھڪ ڳالھ پڻ واضح نظر آئي تھ تيل ۽ گئس جو وفاقي وزير

وفاق بجاءِ پنجاب جي نمائندگي ڪري رھيو ھو جنھن مان اھا ڳالھ ھاڻي واضح

طور تي سمجھي سگھجي ٿي تھ نوازليگ نالي م تھ وفاق جي جماعت سڏرائي ٿي پر

عملي طور تي ھن جو سڄو قول ۽ فعل پنجاب جي نمائندگي کي وقتا بوقتا ظاھر

ڪندو رھيو آھي،

نوازليگ جا وزير اڄ بھ زميني حقيقتن کي مڃڻ لاءِ تيار نھ آھن ڇو تھ ڪجھ

ڏينھن اڳ ئي بجلي جي مملڪتي وزير عابد شير علي پھرين ڪي پي ڪي وارن کي

بجلي چور سڏيو پوءِ بلوچستان وارن کي ۽ وري آخر م سنڌ حڪومت کي ڌمڪي جي

انداز م بقاياجات نھ ڏيڻ جي صورت م سنڌ جي بجلي ڪاٽڻ جا بيان بھ ڏنائين،

جن صوبن مان گئس،تيل،بجلي نڪري ٿي انھن کي انجو جائز حصو ڏيڻ جي بجاءِ

انھن کي چور سڏي چٿرون ڪرڻسان اھڙن وزيرن جي سوچ جو اندازو لڳائي سگھجي

ٿو،

پاڪستان م سڀ کان وڌيڪ تيل ڏيندڙ سنڌ جي ساحلي ضلعي بدين کي پاڪستان جو

غريب ترين ضلعي طور سڃاتو وڃي ٿو جتي تعليم،صحت،روزگار جھڙيون ڪي بھ

بنيادي سھولتون اڄ بھ عوام کي ميسر نھ آھن ۽ سڄي ضلعي م گھڻيون آئل فيلڊس

ھجڻ باوجود اتي ھڪ آفيسر کان وٺي ھڪ مالھي تائين سڄو اسٽاف ٻين صوبن جو

آھي مقامي ماڻھن لاءِ ڄڻ تھ اڻ اعلانيھ بندش لڳل آھي،

ساڳي صورتحال سنڌ جي ٻي صنعتي ضلعي گھوٽڪي جي آھي جيڪو ڪراچئ کانپوءِ

پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ ضلعو آھي پر اتي بھ عوام ساڳين مسئلن

کي منھن پيو ڏئي ۽ اتي جي سڀني صنعتي ادارن م بھ چؤڪيدار کان ايم ڊئ

تائين سڄين نوڪرين تي ٻين صوبن جا ماڻھو ڀرتي ٿيل آھن،

پاڪستان جي ھڪ سؤ ڇويھ آئل ۽ گئس فيلڊس مان ايڪيانوي سنڌ م آھن پر پوءِ

بھ سنڌ جا ماڻھو غربت جا لڪير کان ھيٺ زندگي گھارڻ تي مجبور آھن،

ستر سيڪڙو گئس ۽ تيل ڏيڻ جي باوجود بھ سنڌ م گئس جي لوڊشيدنگ روز جو معمول آھي،

جڏھن ارڙھين ترميم م صوبن جي قدرتي وسيلن تي انھن جو حق حڪميت مڃيو ويو

آھي تھ پوءِ عملي طور انھن کي حق

ڏيڻ کان ڪھڙي قوت حڪمرانن کي روڪيو ويٺي آھي؟

اگر ارڙھين ترميم سان صوبن کي قدرتي وسيلن تي سندن اختيار ڏنا ويا تھ ملڪ

جي ننڍن صوبن جي عوام جي احساس محرومي کي ختم ڪري ملڪ کي مضبوط ڪري سگھجي

ٿو،

اھا ھڪ فطري ڳالھ آھي تھ اگر ماڻھن کي انھن جي وسيلن تي سندن حق نھ ڏنا

ويندا تھ ھو مجبور ٿي ھن ملڪ،ھن سماج خلاف نفرت طور قانون ھٿ م کڻي بغاوت

ڪندا  ۽ ڳالھ پوءِ گھڻو اڳتي نڪري ويندي،

ماضي م بھ صوبن جا جائز حق نھ مڃڻ جي ڪري ھي ملڪ ٻھ اڌ ٿي چڪو آھي ۽

ھينئر بھ ملڪ جي مختلف علائقن م جيڪا بغاوت جي باھ ڀڙڪي رھي آھي ان م

انھن ماڻھن جو احساس محرومي ئي آھي جنھن ڪري اھي پنھنجي ئي ملڪ کان

بيزاري جو اعلان ڪن ٿا،

جڏھن صوبا خودمختيار ھوندا اتان جو عوام خوشحال ھوندو تھ ان سان وفاق ئي

مضبوط ٿيندو انلاءِ موجودھ حڪمرانن کي سوچڻ گھرجي تھ صوبن کي انھن جي

قدرتي وسيلن تي  مڪمل اختيار ڏئي انھن جو اھو احساس محرومي ختم ڪيو وڃي

ڇو تھ ھاڻي پاڪستان داخلي طور تي ٻين گھڻن مسئلن م گھيريل آھي انلاءِ

ھاڻي ارڙھين ترميم تي مڪمل عمل ڪري صوبن کي خودمختيار ڪري ملڪ کي مضبوط

ڪيو وڃي،

فدا حسين ملڪ گھوٽڪي

Dec 23, 2013

Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *