paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

جنرل قاسم سليماني جو موت ۽ مشرق وسطي جي امڪاني صورتحال

جنرل قاسم سليماني جو موت ۽ مشرق وسطي جي امڪاني صورتحال

 جنرل قاسم سليماني جو موت ۽ مشرق وسطي جي امڪاني صورتحال

مشرق وسطي هڪ دفعو ٻيهر دنيا جي ميڊيا جي شه سرخين م نماينا ٿي ويو آهي انجو سبب ايراني پاسداران انقلاب جي ۽ القدس فورس جي سربراه ميجر جنرل قاسم سليماني تي اهو  ٽارگيٽڊ ڊرون حملو آهي جيڪو سڌو آمريڪي صدر جي منظوري بعد عراق م ڪيو ويو جنهن م جنرل قاسم سليماني سميت چار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. هي ڪاروائي مقامي وقت مطابق رات جو هڪ بجي ٿي ۽ ان بعد صدر ٽرمپ پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي ان حملي جي تصديق پڻ ڪئي.

جنرل سليماني کي 

 وقت نشانو بڻايو ويو جڏهن هوپنهنجو لبنان ۽ شام جو دورو مڪمل ڪري عراقي م دوري تي آيل هيو ۽ بغداد م اڃا جهاز مان لٿو ئي مس هيو  ته مٿس ڊرون حملو ٿيو سندس سڃاڻپ کيس آڱر م پاتل منڊي مان ڪئي وئي،

هن سان گڏ جيڪي ٻيا چار ماڻهو ٽارگيٽڊ ڪاروائي جو نشانو بڻيا تن م عراق م ايراني اثر هيٺ دائش ۽ آمريڪي مفادات خلاف ڪم ڪندڙ تنظيم پاپولر موبيلازيشن فورسز جو سربراه ابو مهدي المهندس پڻ شامل آهي جيڪو پڻ آمريڪا کي مختلف حملن م ڪافي عرصي کان مطلوب هيو ۽ هن کي ڪويت جي عدالت پاران  1983 م ڪويت م آمريڪي ۽ فرانسيسي سفارتخانن م ٿيل بم حملن جي الزام هيٺ موت جي سزا ٻڌايل هئي،

هن ڪاروائي بعد آمريڪي دفتر خارجا جيڪو بيان جاري ڪيو ان م چيو ويو ته جنرل سليماني آمريڪي تنصيبات تي حملن جي منصوبابندي جو ذميوار آهي ۽ هو خطي م مزيد سفارتخانن ۽ فوجي اهلڪارن تي حملن جون منصوبابنديون ڪري رهيو هيو ۽ هن ئي 29 ڊسمبر 2019 تي شام ۽ عراق م آمريڪي حملن بعد آمريڪي سفارتخاني تي حملي جي منظوري ڏني هئي ۽ هن حملي جو مقصد مستقبل جي حملن کي روڪڻ آهي.

جنرل قاسم سليماني جو مختصر پروفائل:

جنرل سليماني جو جنم 11 مارچ 1957 تي ايران جي صوبي ڪرمان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ قنات ميلڪ م هڪ غريب هاري جي گهر م ٿيو جتي سندس والد کي شاه ايران طرفان ڪجه زمين مليل هئي،جواني م ئي هو ڪرمان شهر آيو جتي هن 1975 م ڪرمان واٽر آرگنائيزيشن ٺيڪيدار طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو جتي هن جم وڃڻ سان گڏوگڏ آيت الله خميني جا خطبا ٻڌڻ پڻ شروع ڪيا ۽ 1979 جي ايران م آيل انقلاب بعد هن پنهنجي ملٽري ڪيرئير جو آغاز  ايراني انقلابي جنگي محافظ (IRCG)م شموليت سان ڪيو ۽ هو مغربي آذربائيجان صوبي م ڪرد بغاوت کي ڪچلڻ واري مهم جوئي جو به حصو رهيو.

22سيپتمبر 1980 تي جڏهن عراقي صدر صدام حسين ايران تي حملو ڪيو ته هو  ڪمپني ڪمانڊر جي حيثيت سان ان م شامل ٿيو هو گهڻو عرصو ڏاکڻي محاذ تي ئي تعينات رهيو،جنرل سليماني آپريشن ”طارق القدس“ م شديد زخمي پڻ ٿيو.1999 م تهران م ٿيل شاگرد بغاوت جي خاتمي لاءَ ايران جي تڏهوڪي صدر محمد الخاتمي کي (IRCG) جي آفيسرن جي لکيل خط م هن طرفان به صحيح ٿيل هئي جنهن م کيس زور ڏنو ويو هيو ته جيڪڏهن هن شاگرد بغاوت کي ختم نه ڪيو ته فوج پنهنجو ڪم ڪندي ۽ هي محمد الخاتمي جي خلاف فوجي بغاوت جو آغاز پڻ ٿي سگهي ٿو،

هن جا ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنائي سان انتهائي ويجها تعلقات رهيا ۽ هن کيس 24 جنوري 2011 تي ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني ۽ هن کيس ”زندا شهيد“ جي لقب سان سڏيو،جنرل سليماني هن وقت ايراني سپريم ڪمانڊر بعد ايران جو ٻيو سڀ کان بااثر شخص هيو ۽ پوري مشرق وسطي م سعودي سني نظرئي جي مقابلي م  ايراني شيعا پراڪسي  جي ڦهلاءُ  ۽ خطي م مغربي ملڪن جي پاليسين کي ڪاميابي سان ڪائونٽر ڪندڙ شخص طور سڃاتو وڃي ٿو.

لبنان م حزب الله ،عراق م موجود شيعا مليٽنٽ تنظيمن،فلسطين م حماس توڙي يمن م حوثي باغين تائين ڦهليل ايراني اثر رسوخ جو سڌو ڪريڊٽ جنرل قاسم سليماني ڏانهن وڃي ٿو جنهن ٿوري ئي عرصي م خطي م   پراڪسي ايليمنٽس مظبوطي سان اڀاري سعودي سني بلاڪ توڙي اسرائيلي آمريڪي مفادن کي ڇيهو رسايو ۽ خطي م پنهنجي اثر کي مضبوط ڪيو.

شام م شروع ٿيل بغاوت ۽ اتي پير مظبوط ڪندڙ دائش خلاف هن کلي طرح سان شامي حڪومت جي مدد ڪئي ۽ روس سميت اتحادي ملڪن کي پاڻ سان گڏ بيهاري شام م شروع ٿيل شورش کي ختم ڪرڻ م اهم ڪردار ادا ڪيو،هن تي مختلف وقتن تي حملا به ٿيندا رهيا ۽ ڪافي دفعا سندس موت جون خبرون به ميڊيا م اينديون رهيون جيڪي سدائين افواه رهيا پر ڪله واري ڪاروائي جو ايران طرفان پڻ اعتراف ڪيو ويو آهي

ڪنهن ٿي ڄاتو ته هڪ غريب هاري جي گهر م جنم وٺندڙ شخص دنيا جي مڃيل جنرلن م شمار ٿيندو ۽ سندس موت تي سڄي دنيا خاص ڪري مشرق وسطي م ٻيهر جنگ جو خوف پکڙجي ويندو.

جنرل سليماني جي موت بعد ايران طرفان تمام سخت رد عمل ڏنو ويو آهي ايران طرفان ملڪ م ٽي روزا سوڳ جو اعلان ڪندي ان ڪاروائي جو سخت بدلو وٺڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي گڏو گڏ خطي م موجود ايراني اثر هيٺ ايندڙ ملڪن ۾ پڻ سوڳ واري صورتحال آهي،حزب الله طرفان جاري ڪيل بيان م کيس خراج تحسين پيش ڪندي سندس مشن کي اڳتي کڻي هلڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي،

”مشرق وسطي ڪٿي بيهندو؟؟؟“

هن حملن بعد آمريڪي حڪومت حرڪت م اچي وئي آهي ۽ مائڪ پومپيو طرفان خطي م پنهنجي اتحادين سميت مختلف ملڪن جي حڪومتي توڙي فوجي سربراهن کي فون وسيلي اعتماد م ورتو ويو آهي ۽ گڏوگڏ خطي م سعودي اسرائيل هاءَ الرٽ ٿي ويا آهن ۽ آمريڪا پڻ پنهنجي شهرين ک فورن عراق مان نڪرڻ سميت خطي م پنهنجي چرپر محدود ڪرڻ جا احڪامات جاري ڪيا آهن،

روس چين طرفان اهڙي ڪارواين کي ننديو ويو آهي ۽ ٻنهي ملڪن تي زور ڏنو ويو آهي ته هو تحمل کان ڪم وٺن،

خطي م هڪ ڀيرو ٻيهر جنگ جا ڪڪر لامارا ڏئي رهيا آهن امڪان اهي آهن ته ايران پنهنجي ڪمزور معاشي پاليسين سبب ڪو تڪڙو جوابي ڪم ته شايد نه ڪري پر هو خطي م ڪم ڪندڙ مختلف تنظيمن وسيلي پنهنجي وڌيل اثر کي استعمال ڪندي آمريڪا ۽ سندس اتحادين لاءَ ايندڙ وقت م تمام مشڪل حالات پئدا ڪندو جنهن جا نه صرف عالمي سياست پر تيل جي معيشت تي پڻ سڌا اثر پوندا ۽ دنيا ٻيهر  هڪ نئين عالمي بحران کي برداشت ڪندي.

فدا حسين ملڪ گهوٽڪي

Dated:04-01-2020


Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *