paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

دهشتگردي،سنڌ ۽ حڪومتي بي حسي

دهشتگردي،سنڌ ۽ حڪومتي بي حسي



 مون نه ائين ڪو ڄاتو هو

سنڌڙي اهڙا ڏينهن به ڏسندي…
قلندر جي درگاه تي ٿيل حملي بعد سنڏ وري سوڳ م وٺجي وئي آهي اها سنڌ جنهن جي سڃاڻپ صوفين جي نگري طور دنيا م مشهور آهي سا اڄ دهشتگردن جي نشاني تي آيل آهي گذريل ڪجه سالن کان هتي جي درگاهن تي هي حملا شروع ٿيا اهي درگاهون جتي محبت جا درس انسانيت سان پيار جي پرچار ڪئي پئي وئي
هوئن ته سڄو ملڪ انهي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي لپيٽ ۾ هو پر سنڌ ئي اهو واحد صوبو هو جيڪو مذهبي دهشتگردي کان پاڪ هو ۽ پنهنجي صوفياڻي مزاج ۽ روين سبب سنڌي ماڻهن مذهبي ڪٽرپڻي ۽ تنگ نظري تشدد واري سوچ کي پنهنجي سماج م جاءِ نه پئي ڏني،
 هي درگاهون هي مجلسون مذهبي ڪٽرپڻي خلاف هڪ وڏو مورچو آهي ڇو ته هتي ايندڙ ماڻهو مذهبن فرقن کان بالاتر ٿي روحاني سڪون لاءِاچن ٿا اڄ به قلندر جي ميندي هندو کڻي ايندا آهن
اڄبه اڏيري لال م مسجد مندر لڳ لڳ آهن
 اڄ به ٺٺي م وچ شهر م مسجد ۽ مندر وچ م هڪئي ديوار آهي
اڄ به حيدرآباد م عزاداري جو هڪ پڙ هندو ڪڍندا آهن
هنن درگاهن تي هي ٿيندڙ حملا سنڌ جي صدين پراڻي صوفياڻي رواداري ۽ مساوات واري تشخص کي هٿراڌو طريقي سان  مسخ ڪرڻ جي سازش آهن جنهن کي سنڌي ماڻهن کي رد ڪرڻ گهرجي ڇوته
اسين انسانيت جا پرچارڪ آهيون ۽ 
مذهب خدا ۽ انجي بندي جي وچ م هڪ خاص تعلق آهي جنهن م ڪنهن کي ڪو به حق ناهي ته اهو فتوا فروش بنجي ٻي تي پنهنجي سوچ جبرا مسلط ڪري
اوهانجون عادتون ڏسندي اسانجو روح روئي ٿو
اهو تنهنجو جي مذهب آته مان شيطان جي پاسي

اسلام خود اصل معنائن م هر قسم جي دهشتگردي کي رد ڪري ٿو
اسلام لا اڪراه گي الدين،
لڪم دينڪم ولي الدين جهڙا ارشاد  انجا واضح الهامي اظهار آهن 
اسلام انساني عظمتن جي تشريح واضح ڪندي حقوق الله کان وڌ حقوق العباد تي زور ڏئي ٿو ته پوءِ هي وحشي ظالم اسلام جو نالو وٺي اسانکي ڪهڙي دين جي تشريح پيا سيکارين.؟؟؟؟؟
انسانيت جا منڪر
اسلام جي غلط تشريح ڪندڙ
اسلام کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪندڙن جو خدا جي ان آفاقي دين سان ڪو به تعلق نه آهي
هي وحشي رولاڪ ڀاڄوڪڙ بزدل انسانيت جا دشمن
 دينِ محمدي جا پيروڪار  نه آهن
هنن جو دين جيڪوجبر تشدد نفرت سان ڀرپور آهي انسانيت جي  تشخص جو ئي انڪاري آهي پر
محمد جو دين پيار محبت ڀائيچاري ۽  انسانيت جو درس ڏي ٿو
هي جديد دور جا خوارج آهن جيڪي اسلام کي ڍال بڻائي پنهنجا من پسند عزائم پورا ڪن پيا
ڇا هنن کان ميثاق مدينا وسري ويو آهيٖ
انسانيت کي رت سان وهنجارڻ واري هي مشق بار بار دهرائي ڪهڙي جنت جي طلبگاري گهرن پيا؟؟؟؟؟
سنڌ توڙي وفاقي حڪومتون قانون لاڳو ڪندڙ ادارا نيڪٽا آخر  ڇو جامع پروگرام ناهن ڏئي سگهيا؟؟؟؟؟
سنڌ ۾ 93 مدرسن جي ايپڪس ڪميٽي م ثبوتن جي بنياد تي مڪمل نشاندهي ٿي چڪي آهي ته اتي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي ٽريننگ ڏني پئي وڃي ۽ برين واشنگ ڪئي پئي وڃي،
ڇاپن دوران اتان هٿيار  زير زمين اسلحي لڪائڻ جا ته خانا مليا
انتهاپسندي وارو نفرت آميز لٽريچر ملي چڪو آهي اڄ ڏينهن تائين اهي سِيل.ڇو ناهن ٿي سگهيا؟؟؟؟
انهن خلاف ڪاروائي م ڪير رڪاوٽ آهي؟؟؟؟
اها بي حسي غير سنجيدگي آخر ڪيترن انسانن کي رت سان وهنجاريندي آخر ڪيترن گهرن جون قربانيون گهرجن جو حڪومت ۽ ادارن جو ضمير جاڳندو؟؟؟؟؟؟؟
اسانجون مذهبي جماعتن جي خاموشي ڪهڙي مصلحت پسندي آهي؟؟؟؟ اها مفاهمت چئجي يا منافقت؟؟؟؟؟
تاريخ اسلام م مسجدِضرار جو ذڪر ملي ٿو جنهن کي ڊاهڻ جو حڪم پاڻ سڳورن خود ڏنو هو ڇو ته اتي اسلام جي آڙ ۾ فتنو پئي پکيڙيو ويو ته آخر اسان جون مذهني جماعتون اسانجي نبي جي ان عملي جي پيروي ڪندي اهڙن دهشتگردي جي مرڪزن کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت سان سهڪار ڇو ڪونه ٿيون ڪن؟؟؟؟؟
اسان جون مذهبي ڌريون انهن نشاندهي ڪيل مدرسن کي امڪاني طور سيل ڪرڻ جي صورت م حڪومت کي ڪيرائڻ جون ڌمڪيون ڇو پيون ڏين؟؟؟؟
ڇا انهن مذهبي جماعتن جو اهو فرض نٿو بڻجي ته فراخدلي ۽ حقيقت پسندي جو  مظاهرو ڪندي اڳتي اچن ۽ اهڙن ماڻهن اڳواڻن ۽ تنظيمن کي پاڻ کان ڌار ڪن جيڪي انهن واقعن م ملوث آهن ۽ جن تي خود سپريم ڪورٽ ۽ حڪومت طرفان پابندي مڙهيل آهي،
آخر ڪهڙيون وجوهات آهن جو اهي پابندي مڙهيل تنظيمون بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي سڄي سنڌ ۾ مدرسا هلائين پيون
ريليون ڪڍن پيون سندن اڳواڻ کلي عام چرپر ڪري پنهنجون سرگرميون تيز ڪندا پيا وڃن ۽ حڪومت رڳو بيانن کان اڳتي ڪونه وڌي سگهي آهي انهن خلاف ڪاروائي ڪونه پئي ٿئي،
دهشتگردي م ملڪ سڙي رهيو آهي ۽ اسان جا حڪمران نيرو جيان هن سڙندڙ  سماج جو بيحسي سان تماشو پيا ڏسن،
هي ملڪ م انتها پسندي جو جَن ڪو هڪدم ڪونه نمودار ٿيو آهي اها هڪ واقعن جو تسلسل آهي جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي
ڪجه عرصي کان سنڌ ۾
تيزي سان روڊن لڳ قائم ٿيندڙ مدرسا جيڪي رجسٽرڊ ئي ناهن سرڪاري زمينن تي ٺاهيا ويا آهن وري
انهن م  غير مقامي ماڻهن جي موجودگي
اتي ڏنو ويندڙ نفرت انگيز  لٽريچر جن تي اسلام جي هٿ ٺوڪي تشريح ڪئي وئي آهي وري انهن مدرسن م موجود اسلحو لاتعداد
اتي ڏني ويندڙ اسلحي جي ٽريننگ
 ۽ اسلحي لڪائڻ لاءَٺهيل ته خانا
بندش پيل فرقيواريت دهشتگردي م ملوث جماعتن جي اڳواڻن پاران کلي جلسن جلوسن م شرڪت ۽ چرپر
وري حڪومت جي مجرمانا خاموشي جو بندش پيل تنظيمن جي اڳواڻن سان وفاقي گهرو وزير جون ملاقاتون
سپريم ڪورٽ خود واضح لفظن م پنهنجي خدشن جو اظهار ڪري چڪي آهي ۽ ساڳين ڳالهين جي نشاندهي
 سپريم ڪورٽ جي ڪوئٽا سانحي م ٺهيل جڊيشيل ڪميشن ڪري چڪي آهي
ته آخر اهي ڪهڙا خفيا هٿ آهن جيڪي هڪ شفاف آپريشن ڪونه ٿا ڪرڻ ڏين ۽ روز ملڪ م ڪٿي نه ڪٿي اهڙا دهشتگرد واقعا هڪ چين جيان ٿي رهيا آهن
آخرڪڏهن ادارن ۽ قيادتن کي عوام جي بيگناه وهندڙ رت تي قياس پوندو؟؟؟؟؟
ڪراچي بد امني ڪيس م سپريم ڪورٽ واضح چيو هو ته بدامني دهشتگردي م ڌاريا ماڻهو ملوث آهن ته آخر حڪومتون پنهنجي ذميوارين جون تعين ڪندي انهن ڌارين کي نيڪالي ڇو ڪونه پئي ڏئي؟؟؟؟؟
آخر حڪومتن جي هن مجرمانا خاموشي کي ڇا چئجي؟؟؟؟ دهشتگرد ڌماڪا ڪري دهشتگردي ڪري ماڻهو مارين پيا پر جيڪي زخمي ماڻهو ايمبولينسس نه هجڻ سبب اسپتالن م پهچڻ کان اڳ ۽ وري اسپتالن م پهچڻ بعد طبي سهوليتن.جي اڻاٺ سبب مري رهيا آهن ته حڪومتي جي ان بيحسي کي دهشتگردي جي ڪهڙي زمري م آڻجي؟؟؟؟؟؟
علي حسن زرداري جي گهر مان ڏه کان مٿي ايمبولنسز هٿ ڪيون ويون هيون جيڪي پينٽ ڪرائي ٽرانسپورٽ طور استعمال ڪيون پئي ويون
ڪير عوام.جي دردن جو درمان ڪندو؟؟؟؟
عوام حڪومتي بي حسي
انصاف جي علمبردارن جي مجرمانا خاموشي
دهشتگردن طرفان روز ٿيندڙ ڌماڪن سبب ڪيترين ئي چڪين م هڪ ئي وقت پيسجي رهيو آهي
هاڻي سنڌ جي ماڻهن کي پاڻ سجاڳ ٿيڻو پوندو
پنهنجي اردگرد جي ماحول تي پاڻ نظر رکڻي پوندي
ڌارين ماڻهن کي پنهنجي شهرن م ڪرائي جون جايون ڏيڻ وقت پوليس کان تصديق ڪرائڻي پوندي
ڇوته سماج حڪومتن کان وڌيڪ طاقتور هوندا آهن ۽ سنڌي سماج م اها طاقت موجود آهي جو هن دهشتگردي مذهبي انتهاپسندي واري پئدا ٿيندڙ سوچ کي مڪمل طور رد ڪن ۽ پنهنجي مساوات ۽ برداشت واري سوچ ۽ صوفياڻي پيغام جي پرچار ڪن
فدا حسين ملڪ گهوٽڪي
Feb 17, 2017

Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *