paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

سنڌ جي سياست کي لسانيت جي باھ کان بچايو

 سنڌ جي سياست کي لسانيت جي باھ کان بچايو


هينئر جڏهن اليڪشن مٿان آهي ته ملڪ جيان سنڌ جي سياسي ماحول م به گرما گرمي وڌندي پئي وڃي،سڄي سنڌ م جتي پ پ پ خلاف پاڳاري جي سربراهي م گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس سندرا ٻڌي اليڪشن جو ميدان سجائڻ جي تيارين م آهي ته اتي وري سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي سياست م دلچسپ صورتحال اختيار ڪندي پئي وڃي،
ڪراچي  سميت شهرن م آباد اردو آبادي جيڪا ماضي م ايم ڪيو ايم.جي وجود کان اڳ م  ته مذهبي جماعتن جي اثر هيٺ رهي پر ضيائي آمريت دوران ايم ڪيو ايم کي نسلي بنيادن تي ٺاهي اهو سڄو اردو آبادي جو ووٽ بئنڪ بلينڪ چئڪ جيان سندن جهولي م وڌو ويو ۽ انهن پنهنجي سياست جا بنياد ئي نسل پرستي ۽ مهاجر ڪارڊ سان وڌا جن سنڌ جي شهري علائقن م اردو آبادي کي هٿرادو خوف م مبتلا احساس محرومي،بنيادي حقوق جي پامالي جا راڳ آلاپي پنهنجي طرف ڪيو ۽ سنڌ م تشدد ۽ نفرت جي سياست جا بنياد وڌا 
ايم ڪيو ايم جي ماضي کي ڏسجي ته  1988ع کان وٺي 2013 تائين هو لڳ ڀڳ هر حڪومت سان اقتدار جي ڪرسي تي براجمان رهندي آئي آهي ۽ صوبائي توڙي وفاقي حڪومتن کان من مانين وسيلي پنهنجا مطالبا مڃرائيندي رهي آهي،سندن هاڻوڪو باغي اڳواڻ پاڪ سرزمين پارٽي سربراه سيد مصطفي ڪمال ماضي م ڪراچص جو هڪ بااختيار ميئر رهيو آهي جيڪو مڪاني ادارن جي وزير کي به نه ليکيندو هيو ۽ مشرف دور م ڪراچي پئڪج جي اربين رپين جي ترقياتي فنڊن م.غبن ڪيو جنهن جو اڄ تائين آڊٽ ناهي ٿي سگهيو هاڻي اهو ساڳيو مصطفي ڪمال سندن سياست کي نفرت انگيز سڏي رهيو آهي،
ايم ڪيو ايم جي ماضي تي نظر وڌي وڃي ته اها ڳاله واضح ٿيندي ته هنن جي اچڻ سان سنڌ جي شهرن م تشدد،فسادن جنم ورتو ۽ هنن هٿيارن جي سياست شروع ڪئي ۽ نفرتن جي بنياد تي ڪڏهن پٺاڻن سان اردو   آبادي کي ويڙهايو ته ڪڏهن سنڌي ماڻهن سان وڙهندي نظر آيا انهي خوف ۽ تشدد واري سياست ڪراچي کي بارود جي ڍير.م.تبديل ڪري ڇڏيو ۽ شهر م رهندڙ سڀ آباديون خوف جي زندگي جينئڻ لڳيون.سندن اڳواڻ جي هڪ پريس ڪانفرنس پر امن شهر کي سنسان قبرستان جيان بڻائيندي رهي ۽ جلاءُ گهيراءُ سبب ڪراچي جو صنعتون ٺپ ٿي ويون سرمائيدارن ڀتي جي مسئلن سبب صنعتون بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن م شفٽ ڪيون.
ايم ڪيو ايم جي انهي پرتشدد دڙڪي ۽ دئونس جي سياست سبب ئي گذريل ٽيهن سالن م ويه هزار کان وڌيڪ معصوم شهري وڳوڙن دوران موت جو کاڄ بڻيا ۽ هو هر اقتدار پارٽي سان اقتدار م شراڪتدار هوندي به مختلف هيلن بهانن سان بليڪ ميلنگ جي سياست ڪندا ساڻن رسندا پرچندا رهيا ۽ کانئن ٻيڻا فائدا وٺندا رهيا،ڪراچي جي سمورن ادارن واٽر بورڊ،ڪي ايم سي،پورٽ قاسم م پنهنجا حلف يافتا ڪارڪن ڀرتي ڪرائي کائن تنظيمص ڪم ورتو ويندو رهيو ۽ گهڻن کان ڏوهي سرگرمين  م پڻ تنظيمي طور استعمال ڪيو ويندو رهيو،ڪراچي م جڏهن 2011-12ع م روزاني جي بنياد تي ٽارگيٽ ڪلنگ وڌي وئي ته سپريم ڪورٽ ان تي سوموٽو ايڪشن ورتو ۽ ان بد امني ڪيس م تمام.ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيا ته هتي جي سياسي پارٽين پنهنجي سياسي اجاراداري قائم رکڻ خاطر  هٿياربند جٿا تيار ڪيا هئا جن م ايم ڪيو ايم سرفهرست هئي ٻارنهن مئي تي وڪيلن جي تحريڪ وقت قتلام هجي يا 9 اپريل تي وڪيلن کي زندا ساڙڻ جا واقعا هجن متحدا پنهنجي ان دهشتناڪ ڪارواين سان سياست جي معني ئي تبديل ڪري ڇڏي ان بعد جڏهن رينجرز سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارا حرڪت م آيا ته ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر آفيسز مان جام هٿيار نڪرندا رهيا ۽ ادارن هٿان گرفتار ٽارگيٽ ڪلرن سوين سياسي مخالفن جي قتلن جا اعتراف ڪيا،اجمل پهاڙي،ڪامران ماڌوري،ڪن ڪٽا،جاويد لنگڙا،صولت مرزا جهڙا ماڻهو به ايم ڪيو ايم جي ئي سياست جي پئداوار آهن صوت مرزا ته فاهص چڙهڻ کان اڳ م ويڊيو بيان ذريعي اصم.ڪيو ايم جي طرز سياست تي کلي عام ڳالهايون ڪيون ۽ نوجوانن کي گذارش ڪئي ته هو ايم ڪيو ايم جي نفرت انگيز سياست جي نعري م پاڻ کي تباه ٿيڻ کان بچائين ۽ هن پنهنجو مثال ڏيندي چيو ته منهنجو عبرتناڪ انجام ڏسي نوجوان سبق حاصل ڪن.ايم ڪيو ايم خود پنهنجي پارٽي اندر مخالفن کي چونڊي چونڊي مارائيندي رهي عظيم طارق خالد بن وليد کان عمرن فاروق تائين سندن اڳواڻ سياسي مخالفت سبب قتل ٿيندا رهيا، 
ايم ڪيو ايم ته اردو آبادي جي سڃاڻپ کي ئي يڪسر تبديل.ڪري ڇڏيو،20 ڪروڙ ڀتي خاطر بلديا فئڪٽري کي باه ڏني وئي جنهن م 240 کان مٿي عام مزدور سڙي ڪوئلو ٿي ويا ۽  پاڪستان جي سياسي تاريخ جڏهن لکي ويندي ته اهو پڻ لکيو ويندو ته سياست کي مافيا طرز تي استعمال ڪرڻ جو بنياد ايم ڪيو ايم هن ملڪ م ايم.ڪيو ايم ئي وڌو پر هر فاسشٽ تنظيم جيڪا نظريات بجاءِ مافيا طرز تي هلائي وڃي انجو بنياد عوام م ڪمزور هوندو آهي جنهن سبب اهي عوام کي ڪجه ڊليور ڪرڻ جي بجاءِ هٿيارن،دڙڪي دٻاءُ ۽ نفرت جي سياست وسيلي ئي پنهنجو پاڻ کي زندا رکنديون آهن

اردو آبادي جي اصل سڃاڻ حڪيم محمد سعيد،ڊاڪٽر اديب رضوي.عبدالستار ايڌي آهن جيڪي هن ڌرتي تي اچي بنا ڪنهن لساني تضاد م پوڻ جي انسانيت جي خدمت ڪندا رهيا جن تي اڄ به سنڌ جو عوام فخر ڪري ٿو،اردو آبادي پڙهيل لکيل باشعور فردن تي مشتمل آهي هنن جي سياست سان اردو آبادي جي سنڌي قوم م ضم ٿيڻ جو عمل مڪمل رڪجي ويو ڇو ته هنن نفرتن جا ٻج ڇٽي اردو آبادي کي سنڌ جي مقامي آبادي کان هٿراڌو خوف وسيلي پري ڪري رکيو،سنڌ محبتن جي سرزمين آهي هتي هر دور م ٻين علائقن کان ماڻهو ايندو رهيا پر ڌرتي جي محبتن م سمائجي ويا.اها ڳاله سڌي آهي ته مهاجر نالي ڪا به قوم دنيا م نٿي هجي ۽ مهاجر دنيا م جتي جتي آباد آهن انهن کي ڪي به شهري حقوق نه آهن ۽ اهي آزاد شهرين بجاءَ ڪيمپن م رهنڙ هجن ٿا ۽  هي  هڪ آبادي جيڪا 70 سال اڳ م سنڌ م هجرت ڪري آئي جنهن جي اڄ ٽين نسل جوان ٿي چڪي آهي پر اها پنهنجو پاڻ کي مهاجر کي ڪينئن ٿي مهاجر سمجهي سگهي جن کي مڪمل شهري سهوليتون ميسر آهن مڪمل آزادي سان ملڪ م رهي رهيا هجن سندن ملڪيتون جيڪي هو انڊيا م ڇڏي آيا اهي کين ڪليمن طور ملڪ م ڏنيون ويون ته پوءِ اها آبادي ڪينئن ٿي مهاجر چئي سگهجي دراصل انهن کي ان لفظ مهاجر  م ڦاسائي رکڻ ۽ ان لفظ جي بنياد تي پنهنجي سياست کي زندا رکڻ ايم ڪيو ايم ئي ڪري رهي آهي جنهن م کيس ناڪامي ملندي
هاڻي جڏهن ڪجه ڏهاڙا اڳ پيپلز پارٽي سندن سياسي ڳڙه لياقت آباد م.جلسو ڪري مٿن ڇوه ڇنڊيا ره هنن جي سياست م وري ساه پئجي ويو آهي ۽ وري جاڳ مهاجر جاڳ جي نعري هيٺ ساڳئي گرائونڊ تي جلسو ڪري پ پ پ کي جواب ڏيڻ جو اعلان ڪيو اٿائون،ھڪ ڀيرو وري ھڪ تمام گھڻي چڙ ڏياريندڙ
۽ ڌمڪي آميز پريس ڪانفرنسون ڪيون پيون وڃن  جنھن م  ڪيتريون ئي متنازع قسم جون
ڳالھيون ڪيون  پيون وڃن،
 جنهن سان سنڌ جي عوام م بيچيني پئدا ٿي وئي آھي.
متحدا اڳواڻن جي جي ھن تقرير،لھجي کي پ پ ،وفاقي حڪومت
  سمجھي يا نھ سمجھي پر سنڌ جو عوام ھڪ ڀيرو وري سوچڻ تي مجبور ٿي رھيو
آھي تھ اقتداري پارٽيون پوءِ اھي ايم ڪيو ايم ھجي يا پ پ پ ھجي آخر
ڪيستائين پنھنجي نام نھاد اقتدار جي حصول جي جنگ م لسانيت جي باھ کي
ڀڙڪائي سنڌ جي عوام کي پنھنجن سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪنديون؟
ٻنھي جماعتن جي سياسي رساڪشي جا نتيجا سنڌ جو اردو ڳالھائيندڙ يا سنڌي
ڳالھائيندڙ عوام ئي ڇو ڀوڳي؟
گذريل دور حڪومت م جڏھن ٻنھي جماعتن وچ م بار بار اتحاد ۽ اختلاف ٿيندا
رھيا تھ ڇا اھي
 ڪڏھن سنڌ جي ٻنھي مستقل آبادين جي مفادن جي ڪري ھيا يا وري پنھنجي نام
نھاد سياسي سگھ کي مضبوط ڪرڻ ۽ پنھنجا ذاتي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ ھئا؟
آئون سمجھان ٿو تھ ٻنھي جماعتن کي پنھنجي سياسي اختلافن کي ايترو گھڻو
ڪري پيش نھ ڪيو وڃي جو انجو اثر سنڌ جي وحدت يا سنڌ جي ٻنھي مستقل آبادين
تي پوي،
ٻنھي جماعتن کي سياسي مفادن جي حصول جي لاءِ سنڌ م ٻيھر لسانيت جي باھ کي
نھ ڀڙڪائڻ گھرجي،
سنڌ پھرين بھ ڪافي ڀوڳي چڪي آھي اڃا سنڌ جا اھي ٽيھ سيپٽمبر ۽ پھرين
آڪتوبر واري ڪوس جا زخم ڪونھ ڀريا آھن،
خدارا سنڌ کي پنھنجي سياسي مفادن جي ڪري وڌيڪ نفرتن جي باھ م نھ ڌڪيو،سنڌ
کي امن،پيار،محبت،اتحاد جي سخت ضرورت آھي ھتي ٻيھر لسانيت جي نفرتن جا
نوان ٻج پوکي سنڌ ڌرتي کي وڌيڪ برباد نھ ڪريو،
سنڌ تي رحم ڪريو،سنڌ جي ماڻھن تي رحم ڪريو،سنڌ م وڌيڪ نفرتن جي ڪا بھ جڳھ ڪونھ آھي،
انھي ڪري اھڙن سياسي اختلافن کي ان سطح تي نھ وٺي وڃو جو سنڌ م وري لساني
قتلام جو ورجاءُ ٿئي،
متحدا اڳواڻن کي
 لسانيت کي ھوا ڏيندڙ بيانن کان پاسو ڪرڻ گھرجي
 ۽ احتجاجن جا جمھوري طريقا ضرور اپنائڻ گھرجن
 پر بار بار سنڌ جي ورھاڱي يا مھاجر مھاجر جي ورجاءَ کي ھميشھ لاءِ ختم
ڪري سنڌ جي حقيقي پٽ ھجڻ جو ثبوت ڏيو،
اختلاف ٻن ڀائرن م بھ ٿيندا رھندا آھن پر اختلافن جو ھرگز ھرگز اھو مطلب
ڪونھ آھي تھ بار بار سنڌ جي عوم جو روح رنجايو وڃي،
سنڌ اسان سنڌين جي محبتن جو مرڪز،اسان جي امڙ آھي توھان جي اھڙن بيانن ۽
سنڌ جي ورھاڱي جي بار بار ورجاءَ سان سڀني سنڌين جي دل آزاري ٿئي
ٿي،سنڌين ھن ملڪ جي قيمت تي ايترو تھ ڀوڳيو آھي جو ھاڻي بار بار اھڙين
ڌمڪي آميز بيانن سان سنڌ جو عوام سچڻ تي مجبور ٿئي ٿو تھ آخر ھي ڪھڙي
سياست آھي جيڪا محبتن بجاءِ نفرتن جا ٻج پوکي؟
خدارا اھڙي ٻولي،بيانن کان پاسو ڪري سنڌ جي عوام کا اتحاد جي طرف وٺي
گڏجو ۽ ڪلھو ڪلھي م ملائي ڌرتي جي وسيلن جي مالڪي ڪريو،سنڌ جو ڪيس وڙھو ۽
ڌرتي جا حلالي پٽ ھجڻ جا ثبوت ڏيو ڇو تھ سنڌ ھڪ آھي،سنڌ ھڪ رھندي ۽ سنڌي
ڪڏھن بھ پنھنجي ڌرتي جو ورھاڱو ٿيڻ ڪونھ ڏيندا،
اسين چاھيون ٿا تھ سنڌ امن جو گھوارو بڻجي انلاءِ سنڌ کي بيروت بڻائڻ
جھڙن بيانن کان پاسو ڪري سياسي ميچيورٽِي جو عملي مظاھرو ڪري ڏيکاريو،d

فدا حسين ملڪ گھوٽڪي
 May 5, 2018


Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *