paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

سنڌ جي وحدت اقتدارن کان مٿانهين آهي

 اڄ وري ايم ڪيو ايم اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ پ تي ڇوه ڇنڊيندي سنڌ جي وحدت خلاف تڪراري بيان ڏنا آهن سندن چوڻ مطابق ته جن ملڪ ٽوڙيو انهن ئي سنڌ تقسيم ڪري ڇڏي آهي جنهن جو اعلان ٿيڻ باقي آهي ۽ ان کان علاوه هنن ساڳي احساس محرومي، ڪوٽا سسٽم، شهري بجٽ ٻهراڙين تي خرچ ڪرڻ سميت مختلف الزام لڳايا آهن جيڪو ماضي م سندن روايتي طريقو رهيو آهي،

هن وقت جڏهن تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي ارڙهين ترميم واري مسئلي تي آمهون سامهون آهن ته اتي حڪومت جي اتحادي جماعت طرفان اچانڪ سنڌ حڪومت خلاف لسانيت جي راڳ  سان ڀرپور پريس ڪانفرنس ۽ وزير اعظم کي سنڌ متعلق آرٽيڪل 149 تحت مداخلت ڪرڻ جون اپيلون آخر ڪهڙي ماجرا آهي؟؟؟؟

اچو ته متحدا جي ڪجه ماضي بابت ڳالهايون ٿا ملڪ م جڏهن جمهوريت جي بحالي ۽ ضيائي آمريت خلاف ايم آر ڊي جي تاريخ ساز جدوجهد هلي ته سنڌ ان م هڪ فيصلا ڪن حيثيت سان شامل رهي سنڌ جي خمير م موجود انهي سياسي مزاحمت کان خائف ڌرين ن سياسي مزاحمت کي بند ٻڌڻ لاءَ سنڌ جي شهري علائقن م احساس محرومي ۽ لسانيت جي مسئلي کي اٿاري ايم ڪيو ايم کي نه صرف ٺاهيو ويو پر کين مڪمل وسائل سان پالي تاتي سنڌ م منظم طريقي سان ٿافيو ويو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو امن جي ڌرتي سنڌ م نفرتن جي فضا پئدا ٿي ۽ سياست م نعرن نظرين بجاءِ  هٿيارن ۽ تشدد کي عام ڪيو ويو نتيجو اسان سڀني ڏٺو ته اسي جي ڏهاڪي کان وٺي ڪجه سال اڳ ئي الطاف جي ملڪ دشمن تقرير بعد ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن  ۽ سندن مرڪز نائن زيرو جي سيل ٿيڻ تائين سنڌ جي شهرن م هزارين ماڻهو تشدد ۽ گولين جو کاڄ بڻيا،

ايم ڪيو ايم اردو ڳالهائيندڙن کي احساس محرومي ۽ لسانيت جي راڳ وسيلي  سنڌين خلاف گڏ ڪري ڪراچي حيدرآباد ميرپورخاص مان سيٽون ضرور کٽيون پر هنن اردو آبادي جي نوجوانن کي ڪرائم طرف آندو ۽ اردو آبادي جيڪا ملڪ جي سڀني قومن کان وڌيڪ پڙهيل لکيل تصور ڪئي ويندي آهي انهن جي نوجوانن جي سڃاڻپ کسي کين ڪامران ماڌوري،فيصل موٽا،اجمل پهاڙي،زبير چريا،رحمان ڀولا،طاهر لمبا.عبيد ڪي ٽو جهڙن قاتلن طور ملڪي طور متعارف ڪرايو،سندن مافيائي طرزِ سياست تان پردا سندن ئي ڪارڪن صولت مرزا ڦاهي اچڻ کان اڳ هڪ تفصيلي ويڊيو بيان م ڪئي ته ڪينئن نه نوجوانن جو برين واش ڪري کين نفرتن ۽ ڪرائيم طرف آڻي پنهنجا مقصد حاصل ڪيا ويندا رهيا،

ايم ڪيو ايم سدائين جمهوريت بجاءَ هر دور م هر حڪومت سان اقتدار جي ڪرسي سان چنبڙيل رهي مشرف جي دور م هنن کي مڪاني نظام م ڪراچي ۽ حيدرآباد جو بي تاج بادشاه بڻائي اقتدار م آندو ويو تڪبنديون سندن مرضي سان ڪيون ويون ضلعا سندن مرضي مطابق ٽوڙي کين ڏنا ويا اربين رپين جي بجيٽ بنا آڊٽ جي سندن حوالي ڪئي وئي،سندن هزارين ڪارڪن پوليس سميت واٽر بورڊ ڪي ايم سي ۽ ٻين ادارن م ڀرتي ڪيا ويا جتان کين ڏوهاري سرگرمين م پڻ استعمال ڪيو ويندو رهيو ۽ ملڪي ادارن سندن ڪافي ڪارڪن ائين ثبوتن سميت پڪڙيا  پر ان سڄي عرصي م ڪراچي حيدرآباد جو عام اردو ڳالهائيندڙ سواءَ تشدد لاشن ۽ نفرتن جي ڪجه به حاصل ڪونه ڪري سگهيو عوامي بجيٽ جي پئسن سان لنڊن ڏکڻ آفريڪا دبئي م اربين رپين جون جائدادون اڳواڻن طرفان وٺي بندربانٽ ڪيون ويون مقامي صنعتڪارن کان ڌمڪين دهمانن وسيلي ڪروڙين رپيا ڀتو ورتو ويندو رهيو جنهن جو مثال اسان آڏو بلديا فئڪٽري واري هلندڙ جاچ آهي جنهن م سندن اڳواڻ رئيس مما،سيڪٽر انچارج رحمان ڀولا ڪارڪن زبير چريا خود انڪشاف ڪيا آهن ته ويه ڪروڙن جي ڀتي نه ڏيڻ تان هنن فئڪٽري کي باه ڏئي اڍائي سئو کان مٿي ماڻهن کي جيئرو ساڙڻ جو انسانيت سوز عمل پارٽي قيادت جي حڪمن تي ڪيو.حيرت ان ڳاله جي آهي ته انهي ساڳئي ايم ڪيو ايم کي ماضي م ڏوهارين جي ۽ ملڪ دشمن جماعت سمجهندڙ تحريڪ انصاف اڄ پنهنجي اقتدار خاطر کين نه صرف گڏ ويهاريو ويٺي آهي پر کين نازڪ و نفيس ڪوٺيو پيو وڃي،هڪ اهڙي فاشسٽ جماعت جنهن مٿان ڪراچي کي

 بدامني جي باه م ڌڪي هزارين بيگناه ماڻهن کي مارڻ جا الزام هجن جنهن جي دامن تي ٻارنهن مئي نو اپريل توڙي بلديا جهڙن انسانيت سوز سانحن جا داغ هجن جنهن جي ملڪ دشمن سرگرمين بعد ملڪي سڪيورٽي ادارن مٿن تازو آپريشن ڪري ڪراچي مان سندن تشدد پسند سياست کي ختم ڪيو ويو هجي ان جي مئل گهوڙي م فقط اقتدار جي ضرورت خاطر ساه وڌو پيو وڃي ته جينئن هو ٻيهر مظبوط ٿي سنڌ م نفرتن جي باه ڀڙڪائي پمهنجي سياست کي ٻيهر مضبوط ڪري سگهن؟؟؟؟

اڄ ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي ھن تقرير ۽ لھجي کي پ پ توڙي تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت

  سمجھي يا نھ سمجھي پر سنڌ جو عوام ھڪ ڀيرو وري سوچڻ تي مجبور ٿي رھيو

آھي تھ اقتداري پارٽيون پوءِ اھي ايم ڪيو ايم ھجي يا پ پ پ ھجي آخر

ڪيستائين پنھنجي نام نھاد اقتدار جي حصول جي جنگ م لسانيت جي باھ کي

ڀڙڪائي سنڌ جي عوام کي پنھنجن سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪنديون؟

ٻنھي جماعتن جي سياسي رساڪشي جا نتيجا سنڌ جو اردو ڳالھائيندڙ يا سنڌي

ڳالھائيندڙ عوام ئي ڇو ڀوڳي؟

گذريل دور حڪومت م جڏھن ٻنھي جماعتن وچ م بار بار اتحاد ۽ اختلاف ٿيندا

رھيا تھ ڇا اھي

 ڪڏھن سنڌ جي ٻنھي مستقل آبادين جي مفادن جي ڪري ھيا يا وري پنھنجي نام

نھاد سياسي سگھ کي مضبوط ڪرڻ ۽ پنھنجا ذاتي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ ھئا؟

آئون سمجھان ٿو تھ ٻنھي جماعتن کي پنھنجي سياسي اختلافن کي ايترو وڌائي

ڪري پيش نھ ڪيو وڃي جو انجو اثر سنڌ جي وحدت يا سنڌ جي ٻنھي مستقل آبادين

تي پوي،

ٻنھي جماعتن کي سياسي مفادن جي حصول جي لاءِ سنڌ م ٻيھر لسانيت جي باھ کي

نھ ڀڙڪائڻ گھرجي،

سنڌ پھرين بھ ڪافي ڀوڳي چڪي آھي اڃا سنڌ جا اھي ٽيھ سيپٽمبر ۽ پھرين

آڪتوبر واري ڪوس جا زخم ڪونھ ڀريا آھن،

خدارا سنڌ کي پنھنجي سياسي مفادن جي ڪري وڌيڪ نفرتن جي باھ م نھ ڌڪيو،سنڌ

کي امن،پيار،محبت،اتحاد جي سخت ضرورت آھي ھتي ٻيھر لسانيت جي نفرتن جا

نوان ٻج پوکي سنڌ ڌرتي کي وڌيڪ برباد نھ ڪريو،

سنڌ تي رحم ڪريو،سنڌ جي ماڻھن تي رحم ڪريو،سنڌ م وڌيڪ نفرتن جي ڪا بھ جڳھ ڪونھ آھي،

انھي ڪري اھڙن سياسي اختلافن کي ان سطح تي نھ وٺي وڃو جو سنڌ م وري لساني

قتلام جو ورجاءُ ٿئي،

ايم ڪيو ايم اڳواڻن کي پنهنجي ماضي مان گهٽ ۾ گهٽ هيئنر سبق ضرور سکڻ گهرجي ۽  لسانيت کي ھوا ڏيندڙ بيانن کان پاسو ڪرڻ گھرجي جيڪڏهن هنن جا پيپلز پارٽي سا ڪي مسئلا معاملا آهن ته انهن کي سيادت تائين رکڻ گهرجي

 ۽ احتجاجن جا جمھوري طريقا ضرور اپنائڻ گھرجن

 پر بار بار سنڌ جي ورھاڱي يا مھاجر مھاجر جي ورجاءَ کي ھميشھ لاءِ ختم

ڪرڻ گهرجي.

اختلاف ٻن ڀائرن م بھ ٿيندا رھندا آھن پر اختلافن جو ھرگز ھرگز اھو مطلب

ڪونھ آھي تھ بار بار سنڌ جي عوم جو روح رنجايو وڃي،

سنڌ اسان سنڌين جي محبتن جو مرڪز،اسان جي امڙ آھي توھان جي اھڙن بيانن ۽

سنڌ جي ورھاڱي جي بار بار ورجاءَ سان سڀني سنڌين جي دل آزاري ٿئي

ٿي،سنڌين ھن ملڪ جي قيمت تي ايترو تھ ڀوڳيو آھي جو ھاڻي بار بار اھڙين

ڌمڪي آميز بيانن سان سنڌ جو عوام سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو تھ آخر ھي ڪھڙي

سياست آھي جيڪا محبتن بجاءِ نفرتن جا ٻج پئي پوکي؟

جيڪڏهن هنن کي ارڙهين ترميم مان مسئلو آهي ته انتي سڌو اسٽينڊ وٺن ساڳي جماعت ارڙهين ترميم تي زود صحيح ڪري چڪي آهي ته هينئر ڪنهن جي چرچ تي اهڙي پريس ڪانفرنس ڪري وري نفرتن جي باه پئي ڀڙڪائي؟؟؟ سنڌ ھڪ آھي،سنڌ ھڪ رھندي ۽ سنڌي

ڪڏھن بھ پنھنجي ڌرتي جو ورھاڱو ٿيڻ ڪونھ ڏيندا،

اسين چاھيون ٿا تھ سنڌ امن جو گھوارو بڻجي انلاءِ سنڌ کي بيروت بڻائڻ

جھڙن بيانن کان پاسو ڪري سياسي ميچيورٽِي جو عملي مظاھرو ڪرڻو پوندو ڇو ته سياسي اختلافن کي جي آڙ م جيڪڏهن سنڌ جي وحدت سان ڪا به هٿ چراند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اها تمام خطرناڪ هوندي اردو آبادي کي پڻ اڳتي اچڻ گهرجي ۽ چئن سيٽن تان ڪامياب ٿيل هڪ جماعت کي سڄي اردو آبادي جي نام نهاد نمائندگي کان لاتعلقي ڪرائڻ گهرجي گڏوگڏ جيڪڏهن تحريڪ انصاف سربراه به اندن انهي پريس ڪانفرنس جو نوٽيس نٿو وٺي ته پو سنڌ جو عوام اهو به سوچڻ تي مجبور ٿيندو ته ڪٿي ايم.ڪيو ايم جي انهي سوچ پٺيان تحريڪ انصاف ته ناهي جنهنجو سربراه ڪجه ڏيهن پهريان به چئي چڪو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ سندن منشور ساڳيو آهي؟؟

سنڌ جي وحدت اقتدارن کان مٿانهين آهي

پ پ پ جي سنڌ ۾ ڪيل ڪرپشن تي سنڌ جو هر باشعور فرد ڏکايل ڏمريل آهي پر انجو اهو مطلب هرگز ناهي ته جيڪڏهن ڪا جماعت گروه پيپلز پارٽي سان سياسي رساڪشي م سنڌ جي وحدت تي وار ڪندا ته سنڌ جو عوام سندن ساٿ ڏيندو هنن جماعتن کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ جو عوام سنڌ جي وحدت واري معاملي تي بالڪل ڪليئر آهي 

فدا حسين ملڪ گھوٽڪي

Dated:14-04-2019


Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *