paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

سنڌ جي وسيلن تي مقامي ماڻهن جي مالڪي ۽ سنڌ هائڪورٽ جو چيف جسٽس

 ڇا سنڌ هائڪورٽ سنڌ جي وسيلن تي مقامي ماڻهن جي مالڪي بحال ڪرائي سگهندي؟

عدليا جي بحالي جي تحريڪ بعد جهڙي ريت ملڪ عدليا ايڪٽو ٿي انجو مثال پهرين ڪڏهن ملڪي تاريخ م ڪونه ٿو ملي،ان جڊيشل ايڪٽوزم سبب جتي مختلف وقتن تي عدالتي آمريت جا پڙڏا ملڪ م گونجندا رهيا ته اتي ڪافي عوامي مسئلن تي به سوموٽو ايڪشنز سبب عوام ڪنهن حد تائين نه صرف رليف حاصل ڪيو پر مفلوج ۽ سست ٿيل ملڪي نظام م هڪ هلچل پڻ پئدا ٿي،ظاهر آهي هاڻي اسان جي هن ترقي پذير ملڪ م مسئلا ايتري تعداد م گهڻا آهن جو روز ملڪ م ڪيترائي مسئلا ٿين ٿا پر هر مسئلي تي عدليا جو نوٽيس نٿو وٺي اگهجي ٿو پر ايترو ضرور ٿيو آهي جو جڊيشل ايڪٽوزم سبب نه صرف ادارن پر ڪامورن م پڻ احتسقب ۽ پڇاڻي جي ڊپ سبب معاملا پهرين کان ڪجه مختلف ضرور ٿيا آهن،

پهرين کان مختلف ڳاله اها آهي ته ماضي جي بنسبت عدليا ڪافي حد تائين آزاد ٿي فيصلا ڪري رهي آهي ۽ هن وقت ملڪ م عدليا ان هاٿي مثال ٿي اڀري آهي جنهن جي نڪ م ناڪيلي وجهڻ هاڻي ڪنهن اسٽبلشمنٽ،اداري يا حڪومت جي وس جي ڳاله ناهي،

توڻي جو ڪافي اشوز اهڙا آهن جيڪي عدليا جي دائراءِ اختيار م به ناهن پو به جڊيشل ايڪٽوزم سبب عدليا وڏي فخر سان پاڻي جهڙن نازڪ معاملن م به خودساختا فيصلا ڪندي نظر اچي ٿي جيڪو معاملو مڪمل طور آئيني طرح سان

 بين الصوبائي معاملو ۽ ڪائونسل آف ڪامن انٽيسٽ جي دائري م اچي ٿو،ان ئي جڊيشل ايڪٽوزم جو هڪ تازو مثال سنڌ هائڪورٽ جي چيف جسٽس جناب احمد علي شيخ پاران سنڌ جي تيل ۽ گئس ڪمپنين م مقامي ماڻهن سان ڪيل زيادتين بابت  داخل ڪيل درخواستن جي سماعت آهي جنهن نه صرف ڪامورن پر تيل گئس ڪمپنين جي اعلي عملدارن جا به پگهر ڪڍي ڇڏيا آهن.

سنڌ جيڪا قدرتي وسيلن سان مالا مال صوبو آهي ۽ ملڪ جي گئس جي ٽوٽل پئداوار مان ستر سيڪڙو تائين گئس جي پئداوار ڏئي ٿي ۽ ملڪي تيل جي ٽوٽل انگ اکرن مان چاليه سيڪڙو تيل سنڌ جي آئل فيلڊن مان نڪري ٿو.

سنڌ قدرتي وسيلن تيل گئس ۽ ڪوئلي سان مالامال آهي هن صوبي م  هائڊروڪاربانز جون ٻه اهم رينجز آهن جن م هڪ سنڌ مونوڪلائن جنهن کي عام طور تي بدين بلاڪ چيو وڃي ٿو جيڪا گئس ۽خاص طور تي تيل جي پئداوار سان مالامال آهي ۽ ٻيو آهي سنڌ مونو ڪلائن کان ٻاهريون زون جنهن م سکر رفٽ زون،مزاراڻي فولڊ زون، کيرٿر ڊپريشن ۽ ڪراچي ڊپريشن جا علائقا شامل آهن جيڪي مجموعي طور گئس جي ڀنڊارن سان مالامال آهن جن م قادرپور گئس فيلڊ،ماري گئس فيلڊ،ماري ڊيپ فيلڊ،زمزمه ،مزاراڻي،ڪنڌڪوٽ،ڪنڙ ڊيپ،ڪنڌرا،ساوڻ ،ڪڍڻ واري گئس فيلڊز شامل آهن جيڪي روزاني جي بنياد تي 10لک 34 هزار ڪوبڪ فٽ گئس پئدا ڪن ٿيون جيڪو ملڪي پئدوار جو 69 سيڪڙو بيهي  ٿو جڏهن ته ان مان سنڌ استعمال رڳو ٽيه سيڪڙو ڪري ٿي جڏهن ته پنجاب ملڪي گئس پئداوار جو   5 سيڪڙو پئدا ڪري ٿو،

جڏهن ته تيل پئدا ڪندڙ فيلڊز م خاصخيلي آئل فيلڊ،ٻوٻي آئل فيلڊ،سونو آئل فيلڊ ٽنڊو عالم آئل فيلڊز سميت ڇويه آئل فيلڊون آهن جيڪي روزانو جي بنياد تي ايوريج سنڌ مان 11.37 ملين بيرل تيل پئدا ڪن ٿيون.

ارباب رحيم جي دور م سنڌ اسيمبلي هڪڙو قانون پاس ڪرايو ته صنعتي ادارن م صرف مقامي ڊوميسائل وارن ماڻهن کي اوليتي بنيادن تي نوڪري ڏني ويندي پر افسوس جو ان ٺهراءُ تي ايم ڪيو ايم عمل ڪرائيندي ڪراچي جي صنعتي ادارن مان سنڌي ماڻهن جي ته نيڪالي ڪرائي ورتي پر سنڌي جي تيل گئس فيلڊز م مقامي ماڻهو اڄ ڏينهن تائين نوڪرين کي ديواني جو خواب ئي سمجهن ٿا.

جديد دنيا جي مڃيل قانونن موجب جتي جتي صنعتي ادارا هجن ٿا اتي ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي طور اتي جي علائقي م گئس جي سهوليت ڏيڻ سميت  مقامي ماڻهن جي فلاح ۽ بهبود سميت مختلف ڪم ڪرڻا هجن ٿا جن م ٽيڪنيڪل ادارا قائم ڪري مقامي ماڻهن کي هنري سکيا ڏئي ادارن م نوڪرين جي قابل بنائڻ ۽ ماحولياتي آلودگي جي اثرن کي ختم ڪرڻ واسطي اپاء َتوڙي  هيلٿ ۽ سوشل ويلفيئر جا ٻق ڪم شامل آهن پر جيڪڏهن اسين ڪارڪردگي ڏسندا سين ته اسان کي رڳو ڪاري وارا ڪک ئي نظر ايندا،اهي تمام ادارا مقامي ماڻهن لاءِ ڄڻ نوگو ايريا لڳا پيا آهن ۽ هڪ ورڪر کان وٺي آفيسر ۽ مالهي خاڪروب تائين جهڙن عهدن تي ٻين صوبن مان ماڻهو آڻي ڀرتي ڪيل ملندا ۽ مقامي ماڻهو جڪڏهن ٿورو گهڻو احتجاج به ڪن ته پئسي جو استعمال ڪندي سردارن ۽ پوليس جي مدد سان مقامي ماڻهن کي ڪوڙن ڪيصن م ڦاسائي هراسان ڪرڻ معمول بڻيل آهي ائين ئي هڪ دفعي ڏهرڪي جي علائقي م ماڙي گئس انتظاميا خلاف هاري اڳواڻ مرحوم ڪامريڊ مانڌل شر جڏهن عوامي جدوجهد هلائي سياسي مزاحمت ڪئي ته سردارن ۽ پوليس جي مدد سان کيس نه صرف حراسان ڪيو ويو پر کيس پڇاڙڪا ڏهاڙا به روپوشي م گذارڻا پيا ۽ سندس اولاد کي ڪوڙن ڪيسن م فاسائي جينئڻ جنجال ڪيو ويو.

ارڙهين ترميم بعد جيڪي صوبن ڏانهن رائلٽي جي مد م پئسا آيا ته انهن تي به سنڌ سرڪار ڪو ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ۽ اهي پئسا به ڪرپشن جي نظر ٿي ويا جنهن تي ماضي م  پڻ سپريم ڪورٽ سخت نوٽيس ورتو هو سو هاڻي به بال هائڪورٽ جي ڪورٽ م آهي ته مقامي ماڻهن سان ڪيترو انصاف ڪري ٿي،

چيف جسٽس احمد علي شيخ صاحب هڪ سٺي ساک رکندڙ جج طور سڃاتو وڃي ٿو ۽ سندس فيصلا عوامي ساراه جوڳا هجن ٿا،

ماضي م سندس ئي ڪوششن سان هارين،مزدورن ۽ مڊل ڪلاس طبقي سان تعلق رکندڙ نوجوان ميرٽ وسيلي جڊيشل امتحان پاس ڪري جج طور ڀرتي ٿيا.

وسيلن جي مالڪي جو قصو تمام ڊگهو ۽ پيچيدا آهن جنهن م مختلف ملڪي لابيون ۽ سياسي ڌريون شامل آهن جيڪي اقتداري ايوانن م مضبوط آهن جن وٽ پئسو  ۽ اثر رسوخ آهي ۽ جيڪي ماضي م به اهڙين پٽيشنز تي اثر انداز ٿينديون رهيون آهن  ۽ هي ڪيس خود چيف جسٽس صاحب لاءِ به ڪنهن امتحان کان گهٽ نه آهي  ڇو ته هن مهل تائين ٿيندڙ شنوائين م جيڪي شيون سامهون آيون آهن ته اهي اهي آهن ته مقامي ماڻهن سان کلي عام ويڌن ٿيل آهي ڪارپوريٽ سوشل ريسپانبلٽي جو ادارن وٽ ڪو عملي اظهار علائقي م نظر ناهي آيل رڳو ڪاغذي خانا پوري ڪئي وئي آهي ۽ اوهين رڳو هڪ بدين ضلعي جو مثال وٺو جيڪو ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ تيل.پئدا ڪندڙ ضلعو آهي هجڻ ته ائصن گهربو هو ته بدين شهر پاڪستان جي ترقي يافتا تعليم يافتا  شهر هجي ها ڇو ته جتي صنعتون ۽ قدرتي وسيلا هجن ٿا اتي خوشحالي روزگار هجي ٿو پر هتي قصو ابتو آهي ،تيل جي دولت سان مالامال ضلعو بدين ملڪ جو پسماندا ترين ضلعو آهي  جتي شرح خواندگي رڳو ويه سيڪڙو پرائمري تعليم رڳو ايڪيه سيڪڙو جتي پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت صرف سترنهن سيڪڙو ماڻهن کي ميسر آهي جتي ماڻهو اڄ به ٻه ويلا ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن اتي انهن ڳوٺن جي ڀر م ئي هي گئس آئل فيلڊون يورپي طرز ماحول جي زندگي سان ڀرپور آهن خاصخيليآئل فيلڊ جي ته شفٽ اسٽاف روزاني هيليڪاپٽر تي ڪراچي کان اچي ۽ واپس وڃي ٿي جيڪو شاه خرچي جو هڪ وڏو مثال آهي۽  ٻين ضلعن م به ساڳئي ئي صورتحال آهي.چيف جسٽس صاحب آڏو ڪاله به شنوائي وقت  اها ڳاله سامهون آئي ته قادرپور گئس فيلڊ انتظاميا ضلعي م ڪوبه ترقياتي فنڊ ناهي ڏنو ۽ ڪنڌڪوٽ واري گئس فيلڊ م مسجد جو پيش امام به آزاد  ڪشمير جو رهواسي آهي ۽ اتي سنڌي آفيسر رڳو هڪڙو آهي قمبر جي گئس فيلڊ م پڻ ڇهن آفيسرن مان رڳو هڪڙو مقامي انجينئر آهي ،جنهن تي چيف جسٽس صاحب انتظاميا جي عملدارن کي ڇنڊ پٽيندي سڀني فيلڊس جي ملازمن جا ڊوميسائلن جا تفصيل به گهرايا آهن ۽ لاڳاپيل ضلعي جي ڊي سيز کي به ڇنڊ پٽيندي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هو عوام جا نمائندا آهن ته عوامي نمائندگي جي فرض کي سرانجام ڏيندي ڪمپنين کي مڪمل پابند بنائيندي عوامي مفادن جي تحفظ کي ترجيح ڏين،سو ڏسجي ته هي مقامي ماڻهن جي مالڪي جو ڪيس منطقي انجام تي ڪهڙي فيصلي سان پهچي ٿو ۽ ڇا سنڌ جي قدرتي وسيلن تي سنڌ جي مقامي ماڻهن جو واقعي حق حاڪميت بحال ٿيندو يا هي ڪيس به رڳو ڪيس ئي رهجي ويندو جيڪڏهن چيف جسٽس صاحب سنڌ جي ماڻهن.جي دردن جو درمان عملي طور ڪري ورتو ته سندس نالو تاريخ م هڪ عوام دوست جج طور ضرور ياد رکيو ويندو.

ليکڪ فدا حسين ملڪ گهوٽڪي

Dated:17-10-2018


Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *