paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

سنڌ م قومپرست پارلياماني سگهاري پارٽي جي ضرورت ۽ اهميت

 سنڌ م قومپرست پارلياماني سگهاري پارٽي جي ضرورت ۽ اهميت

اليڪشن ويجهو ايندا پيا وڃن ۽ 25 جولاءِ م باقي ڪجه ڏينهن بچيا آهن ۽ اميدوارن پنهنجا نامزدگي فارم مختلف پارٽين جي پليٽفارمن تان يا آزاد حيثيت م جمع ڪرائي ڇڏيا آهن سو ڏسجي ته هن دفعي اليڪشن جو ميدان ڪير ٿو ماري ڇو ته سنڌ م هڪ طرف پيپلز پارٽي اڪيلي آهي ته ٻي طرف سندس مخالفت م گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس،سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ۽ تحريڪ انصاف آهن جن به پنهنجي اميدوارن جو اعلان ڪاغذات جمع ڪرائي ورڪ شروع ڪري ڇڏي آهي،
سنڌ جي سياست تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته سنڌ م شروع کان ئي  پيپلز پارٽي لاءِ هڪ مضبوط سگهارو متبادل نه هجڻ سبب اليڪشنز م کليل ميدان رهندل آيو آهي جنهن سبب هو هميشه تقريبا سنڌ مان ڪلين سوئيپ ڪندي رهي آهي ۽ هڪ اڌ دفعا جيڪڏهن اقتدار کائنس کسيو به ويو آهي ته انجو سبب ڪو مظبوط سگهارو متبادل نه پرفنڪشنل ليگ سميت ننڍيون ننڍيون جماعتون،آزاد اميدوار ،پ پ پ جا   باغي  ڪيل اميدوارن جو اتحاد ۽  ايم ڪيو ايم سان ملائي تمام سادي اڪثريت وسيلي حڪومتون ٺاهيون ويون آهن،
اهو به هڪ الميو چئجي يا پيپلز پارٽي جي سياسي ڏاهپ چئجي جو پيپلز پارٽي جڏهن جڏهن اقتدار کان ٻاهر رهي آهي ته اها پنهنجي جوهر م مڪمل قومپرست جماعت طور سامهون ايندي سنڌ جي عوامي ۽ قومي اشوز تي باقائدا اسٽينڊ وٺي بيٺل نظر ايندي  رهي آهي جينئن ماضي م سندن ڪالا باغ خلاف لڳل ڪموشهيد وارو يادگار تاريخي ڌرڻو، اينٽي گريٽر ٿل ڪئنال ڪاميٽي م ڪيل جدوجهد واضح مثال  آهن  پر جڏهن جڏهن اقتدار جي ايوانن م.پهچي ٿي ته انجو روپ قومپرست بجاءِ مفاد پرست سياسي پارٽي م بدلجي وڃي ٿو جيڪا رڳو پنهنجي اقتدار جي دور کي مستحڪم رکڻ لاءِ بار بار سنڌ جي مفادن کي نقصان ڏيندي رهي آهي،
سنڌ ۾ جديد قومپرست تحريڪ جو بنياد ستر جي ڏهاڪي م سائين جي ايم سيد جيئي سنڌ تحريڪ جي قيام سان وڌو  پر سائين جي ايم سيد سنڌ جي آزادي جي گهر ڪندي ملڪ ۽ ملڪي پارليماني سياست کي رد ڪيو جنهن سبب قومپرست سياست عوامي طور تي مقبول ۽ متحرڪ هجڻ باوجود اسيمبلين کان ٻاهر رهي ۽ سماج م هڪ خال پئدا ٿيو،منهنجي خيال م سنڌ جي قومپرست ڌارا جو پارلياماني سياست مان خودساختا طور واڪ آئوٽ ڪرڻ سبب سنڌ  م پيپلز پارٽي لاءِ ڪو مضبوط متبادل نه جڙي سگهيو ۽ جنهن سبب اهو جيڪو پئدا ٿيل خال هو سو سنڌ جي موقعي پرست پير مير وڏيري جاگيردار ڀريو جيڪو هميشه اقتدار جو بکيو ۽ مها مفاد پرست رهيو آهي جڏهن ته ٻين صوبن م صورتحال انجي ابتڙ بيٺي ۽ بلوچستان توڻي خيبر پختونخواه م قومپرست قيادتن پارلياماني سياست جي مورچي کي هٿن مان نه وڃڻ ڏنو جنهن سبب اتي ولي خان جي عوامي نيشنل پارٽي پارٽي، عبدالصمد اچڪزئي جي پشرونخواه ملي عوامي پارٽي جي صورت م توڙي بلوچ قومپرست به مختلف پارٽين توڙي علحدا قومپرست نظريار هوندي پنهنجي پنهنجي طور تي پارلياماني سياست سان ڳنڍيل رهيا،اها به هڪ حيرت جوڳي ڳاله آهي ته سنڌ جي قومپرست تحريڪ پرامن عدم تشدد تي ملڪي سياست کي ئي رد ڪندي آزادي جي گهر ڪئي ته بلوچ قومپرست سياست حڪومت خلاف هٿياربند مزاحمت ڪندي به پارلياماني سياست کي هٿن مان نڪرڻ نه ڏنو توڙي جو انجي قيادت مڊل ڪلاس بجاءِ سردارن جي هٿ هيٺ هئي نتيجو اهو نڪتو جو اڄ به بلوچستان  توڙي ڪي پي ڪي م قومپرست ڌريون نه صرف متباسل پر هڪ سگهاري آواز سان   صوبائي اسيمبلين ۽  قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ م پڻ موجود آهن جڏهن ته سنڌ م اهو مورچو قومپرستن طرفان خالي ڇڏڻ سبب پيپلز پارٽي سنڌ جي ڊي فيڪٽو اڪثريتي جماعت بنجي ايوانن م چونڊجي ايندي رهي آهي جنهن نه صرف سنڌ جي مفادن تي سوديبازيون ڪيون آهن پر پنهنجي سياسي مفادن خاطر سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندي قومپرستي جا ڪوڙا لباس پائي به بيٺل نظر آئي آهي.
اسان کان اهو ڏينهن به نٿو وسري جڏهن ساڳئي پيپلز پارٽي سنڌ کي ٻن حصن م تقسيم ڪري ڇڏيو ۽ اسان جو قومپرست آواز ان خلاف روڊن تي ته موجود هو پر اسيمبليون اهڙي آواز کان خالي رهيون ڇو ته ملڪي صوبائي اسيمبليون هڪ اهڙا قانون ساز ادارا آهن جتي قانون پاس ٿيڻ کان اڳ بحث لاءِ آندا وڃن ٿا ان بعد اتي ووٽنگ وسيلي اتفاق سان پاس ڪري لاڳو ڪيا وڃن ٿا پر فرض ڪيو جيڪڏهن سنڌ دوست آواز اسيمبلين م موجود هوندا ته اهي هميشه عوامي ۽ قومي مفادن سان ٽڪراءُ واري هر قانون خلاف نه صرف اسيمبلين م احتجاج ڪندا پر ان خلاف مزاحمتي آواز بنجي اتي ڳالهائيندا پر هتي اڪثر قومي اسيمبلي م اهو ڏٺو ويو آهي ته سنڌ  جي وسيلن پاڻي،ناڻي توڙي ٻين مسئلن تي ٿيندڙ قانون سازين وقت  اسان جا چونڊجي آيل وڏيرا يا ته موجود ئي نه هوندا آهن يا وري ويهي رڳو اوٻاسيون ڏيندا ۽ بحث م حصو وٺڻ بجاءِ خاموش تماشائي بنيل هوندا آهن جيڪڏهن اتي ڪو قومپرسرت سنڌ دوست اڳواڻ  هجي ته اهو يقينن آواز اٿاريندو بحث ۾ حصو وٺندو ۽ سنڌ خلاف ڪنهن به قانون سازي تي احتجاج ڪندو پر اسان جو اهو الميو رهيو آهي ته سگهاري قومپرست  ڌر نه هجڻ سبب هميشه پ پ پ ۽ ٻين ڌرين سنڌ جي ووٽ کي پنهنجي سياسي مقصدن لاءَ استعمال ڪري ڪيش ڪرايو آهي سنڌ م خود پ پ پ جي ڪارڪردگي ڪنهن کان ڳجهي ناهي عوام هن سسٽم مان بيزار ٿي چڪو آهي پر ڪو سگهارو متبادل نه هجڻ سبب اٻوجه عوام وري به بار بار يا ته پ پ پ کي چونڊي ٿو يا ته وري سندس مخالف ڪنهن ٻي وڏيري پير مير کي چونڊي ٿو جنهن سبب ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي طور تي عوامي استحصال ڪنديون رهيون آهن ڇو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي سنڌ م ڀينگ ڪئي آهي ته پيپلز پارٽي کان علاوا ٻين چونڊجي آيل ڌرين به ڪو سنڌ م کير.جون نديون ناهن وهايون،
فنڪشنل ليگ جي دور حڪومت  م سنڌ جو پاڻي جو 1994 وارو تڪراري ٺاه ٿيو.ساڳئي فنڪشنل ليگ جي مخلوط حڪومت وقت مشرف دور م بنگالين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جو ٺهراءَ سنڌ اسيمبلي مان پاس ٿيو،سنڌ جي ڊوميسائيل وارن شاگردن جا دروازا ڪراچي جي يونيورسٽين م ساڳي دور م بند ٿيا،سنڌي مزدورن جي ڪراچي جي صنعتي ادارن م رستا خاطر ڪراچي جي ڊوميسائل سان ملازمتون مشروط ڪرڻ جهڙا تڪراري ٺهراءُ به ساڳئي مخلوط حڪومت م آيا جنهن م فنڪشنل ليگ سنڌ م اڇي ڪاري جي مالڪ هئي سو چوڻ جو مقصد اهو ئي آهي ته پ پ پ جو سنڌ م جيڪڏهن ٿورو گهڻو ڪو متبادل به آهي ته اهو به سنڌ لاءِ ايترو ئي مفاد پرست آهي جيترو پيپلز پارٽي.جيڪڏهن سنڌ م هڪ مضبوط قومپرست پارٽي اڀري ٿي ته يقينا اهو سنڌ جي عوام لاءَ مستقبل بعيد م تمام بهتر نتيجا کڻي ايندي سنڌ م قومپرست پارلياماني پارٽين تي نظر وجهجي ته هن وقت سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جنهن جي قيادت سائين زين شاه جهڙي عوام دوست اڳواڻ ۽ سائين جلال محمود شاه جهڙي باڪردار سياستدان جي هٿ م آهي.سنڌ ترقي پسند پارٽي جنهن جي اڳواڻي ڊاڪٽر مگسي  ڪري ٿو جيڪو ماضي جو شاگرد اڳواڻ رهيو آهي ۽ ٽين ڌر قومي عوامي تحريڪ آهي جنهن جو اڳواڻ سائين اياز لڀيف پليجو آهي جيڪو جهوني قومپرسرت اڳواڻ رسول بخش پليجو جو فرزند پڻ آهي،
هن وقت هي ٽئي پارٽيون اهڙيون آهن جيڪي قومپرست سياست  جو هڪ سگهارو آواز آهن ۽ سندن مقبوليت  ۽ ساک عوام م بهتر آهي جن ماضي م سنڌ جي هر مسئلي تي عوام سان ڪلهو ڪلجي م.ملائي سندن اڳواڻي ڪري سندن مفادن جو تحفظ ڪيو آهي اهو سندن ئي جدوجهد جو نتيجو هو جو جڏهن پ پ پ سنڌ ۾ ٻٽي نظام کي لاڳو ڪيو ته هنن عوام کي ايترو ته موبيلائز ڪيو جو پ پ پ جي اڳواڻن لاءِ عوامي رد عمل سبب سڄي  سنڌ نوگو ايريا بنجي وئي هئي ۽  اقتدار جي نشي م چور حڪمران  پوليس پروٽوڪول م به عوامي ڪروڌ سبب ٻاهر نڪرڻ کان سڪي ويا سندن بنگلن گهرن تي عوام احتجاج ڪيا ۽ توا چوڙيون ۽ روا ٽنگيا جنهن سبب ڪجه ئي ڏينهن اندر  هنن اهو ٻٽو نظام معطل ڪري ڇڏيو ان کان علاوا 2013 م متضاد آدمشماري کي رد ڪرائڻ  جو ڪريڊٽ به سنڌ جي هن قومپرست قيادت ڏانهن وڃي ٿو،هينئر به عوامي مسئلن تي سدائين متحرڪ رهيا آهن پر ڪجه ڪميون ڪوتاهيون ۽ اليڪٽورل پوليٽڪس جي داءُ پيچ کان نا واقفيت ۽ ڪجه ذاتي انائن سبب ڪا وڏي ڪاميابي ناهن حاصل ڪري سگهيا،هن دفعي هي بهترين موقعو آهي هنن ٽنهي پارٽين ۽ سندن اڳواڻن لاءِ ته قومي مفادن خاطر گڏجي ويهن ۽ مختلف تڪن تي هڪ ئي اميدوار آڻي پ پ سان مقابلو ڪن ته اميد آهي ته ڪجه سيٽون ڪڍي ويندا ڇو ته  هن وقت پ پ پ خراب ڪاڪردگي ۽ پارٽي اندر شديد اختلافن سبب ڪافي تڪن تي ڪمزور پوزيشن م آهي جيڪڏهن انهن  تڪن تي فوڪس ڪري پ پ پ مخالف هڪ ئي گڏيل اميدوار آندو ويندو ته تمام آساني سان پ پ پ کي شڪست ڏئي سنڌ دوست ميمبر چونڊرائي سگهجن ٿا پر جيڪڏهن 2013 جي اليڪشنز جيان هن دفعي به ذاتي اختلافن سبب پ پ پ مخالف ووٽن کي مختلف اميدوارن م ورهايو ويو ته ماضي جيان وري پ پ پ ڪامياب ٿي ويندي سو هي بهترين موقعو آهي ته ليڊرشپ دورانديشي جو مظاهرو ڪندي بهتر فيصلا ڪري نه تي وري ايندڙ پنج سال عوام مسئلن جي چڪي م پيسبو پيو،سو ڏسڻو اهو آهي ته هن دفعي ماضي جي ڪيل غلطين جي درستگي ڪندي هڪٻئي جي سپورٽ ڪمي ويندي يا وري ساڳين شخصي انائن عوامي مفاد هارائي پ پ پ کي ڪامياب ڪرڻ جو رستو مهيا ڪيو ويندو.
Jun 12, 2018
فدا حسين ملڪ گهوٽڪي

Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *