paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

شيخ اياز ڌرتي جو شاعر

شيخ اياز ڌرتيءَ جو شاعر

 شيخ اياز ،سنڌ جو ھڪ عظيم شاعر

ڊسمبر جو مھينو ھوئن تھ وڇوڙن جو مھينو تصور ڪيو و سنيندو آھي پر سنڌ

لاءِ ھي مھينو اذيتن،درد،پيڙائن،ڏک،رنج ۽ ماتم ڪرڻ مثل آھي جو ھن مھيني

سنڌ جي مامتا جھڙي وجود کي ڏاڍا گھاؤ ڏنا آھن،

ڊسمبر جي مھيني سنڌ کان پنھنجا ڪونڌر سپوت کسيا آھن،

سرمد سنڌي جھڙي

 منصوري آوازجي خوفناڪ ايڪسيڊنٽ م ٿيل موت

کان وٺي محترمھ بينظير جي دردناڪ شھادت جا يا وري سنڌ جي ويھين صدي جي ھڪ

مھان ڪوي شيخ اياز تائين جي موت جھڙا زخم ھن ئي مھيني سنڌ کي مليا آھن،

اھڙا املھھ انسان اسان کان ھن مھيني کسيا جن جو خال سنڌ اڃا تائين نھ ڀري سگھي آھي،

شيخ اياز جو جنم سنڌ جي پيرس سڏجندڙ شھر شڪارپور م ٿيو،سندس پورو نالو

مبارڪ علي شيخ ھو،پر شيخ اياز بطور شاعر جي ھن تخلص استعمال ڪيو،ھن وڪالت

جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ انھي پيشي سان ئي سکر مان شروعات ڪيائين پر وڪالت کان

وڌيڪ شاعري م ھن اعلي مقام حاصل ڪيو،

ھو ھڪ عظيم

ڪردار ھو جنھن پنھنجي شاعري جي ذريعي سنڌ کي ھڪ نئون روپ ڏئي نوجوان نسل

اڳيان پيش ڪيو،

اياز سنڌ جي سرزمين تي اھو ساز ۽ آواز آھي جنھن ماضي م تھ پاڻ مڃايو پر

مستقبل م جيسين سنڌ ڌرتي رھندي تيسين اياز امر رھندو،

شيخ اياز جا گلابي گيت آزادي ۽ آجپي جو الستو آواز بڻجي ڳلي ڳلي م گونجيا آھن،

وستي وستي نگري نگري،

گيت اسانجي گونج ڪئي،

چانڊوڪي م چنگ وڳو ٿي،

رات پرين جو پور ھيو،

دريا دريا ھن جو من ھو،

صحرا صحرا نيڻ ھيا،

پل جو پانڌيئڙو آيو،

وڃڻو ھن کي ڏور ھيو،

اياز ھن ستمگر سماج جي بغاوت خلاف اھو بارود ھيو جنھن جي انقلابيت وقت جي

ويرين تي قھري وار ڪيا،اياز ظلمت جي ھن ڪاڪ مھل کي ٽوڙڻ جا اھڙا تھ

آثرائتا گيت ڏنا جو سنڌ جو نوجوان نسل سر جا سانڀا لاھي ڌرتي جي آجپي جي

پنڌن جو راھي ٿيو،

سندس شاعري سنڌ جي نوجوانن م نئون جوش،ولولو پئدا ڪيو،

سندس اھا انقلابي شاعري ئي ھئي جو اياز کي سنڌ م ڀٽائي جو ثاني ڪوٺيو ويو،

اياز بنيادي طرح پيشي سان تھ ھڪ وڪيل ھو پر سنڌ م ھن جي سڃاڻپ ڌرتي جي ھڪ

عاشق،انقلابي شاعر طور گھڻي آھي،

جڏھن 1955

 م اولھ پاڪستان جي ننڍين قوميتن جي پيرن م ون يونٽ ذريعي غلامي جا

زنجير وجھي انھن جي قومي تشخص کي ميسارڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي وئي تھ سنڌ م

ھڪ زبردست سياسي جدوجھد شروع ٿي وئي ۽ سنڌ م سائين جي ايم سيد سڀني سنڌ

دوست سياستدانن کي گڏ ڪري ھن عمل خلاف اڳتي آيو تھ سنڌ جا اديب،شاعر بھ

ھنن سان ڪلھو ڪلھي م ملائي ڌرتي جي ٿڃ ملھائڻ لاءِ ميدان تي آيا،

تاريخ گواھ آھي تھ اياز انھي دور م م ڪڏھن بھ خاموش ڪونھ ويٺو ھن باغي

روح اھڙِي تھ شاعري ڪئي جو حڪمرانن جي ايوانن جو ديوارون لرزي ويون،

مون ڏات انوکي آندي ا،ٿي تند وڙھي تلوارن سان،

 ٽڪرايان پنھنجا گيت جڏھن ٿو آئون سندءِ ديوارن سان،

ٿا تنھنجا ٿاري برج لڏن،تون ھيڻو آن ھٿيارن سان،

۽ انھي اينٽي ون يونٽ تحريڪ م سنڌ جا شاگرد تمام اڳڀرا رھيا جن جي روحن

کي وري شيخ اياز جي شاعري ئي لوھ مان رڪ بڻائي ميدان تي آندو،

ھي ماڻھو وھ جو ڍڪ ٿيا،جينئن لڪ لڳي تينئن رڪ ٿيا

اڄ آزادئ جي نعري تي،سڀ درد ويا دلگيرن جا،

انھي تاريخي جدوجھد تي سرڪار قومي ڪارڪنن،اڳواڻن،شاعرن،اديبن تي ڏمري

پيئي ۽ سوين اڳواڻ،ڪارڪن،شاعر،اديب جيلن ڀيڙا ڪيا ويا پر اياز انھن کي بھ

شاعري م اتساھ ڏنو،

جي ھانءٌ نھ ھارين ڪوھيارل ھي ڏينھن بھ گھاري وينداسين،

ڇو پير پساري ويٺو آن، اٿ ڏنگر ڏاري وينداسين،

ڇو گھٻرائين ٿو ڪوٽ ڏسي،ھي اوچي اوچي اوٽ ڏسي،

زندان اڏاري وينداسين،زنجير پگھاري وينداسين،

اياز جي شاعري ان وقت فقڀ سنڌ سان منصوب ٿي وئي سندس ھر شعر جتي نوجوانن

کي اتساھ ڏئي جدوجھد م اڳتي آڻي رھيو ھو اتي حڪمرانن جي مٿي جو سور بڻجي

مٿن وڄ جيان ڪڙڪي رھيو ھو،

انھي دؤر م اياز جي ڪيل شاعري جا ڪجھ شعر ھيٺ ڏجن ٿا،

سنڌڙي تي سر ڪير نھ ڏيندو،سھندو ڪير ميار او يار،

جاڳ ڀٽائي گھوٽ توکي سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري،

ڳوڙھا ڳاڙ نھ سنڌڙِي،وري ورندو واءُ،

سنڌڙي تنھنجو ساھ جرڪيو منھنجي جيءَ م،

سنڌڙي تنھنجو ساھ اياز،مري نھ ٿيڻو آھي مات،

ڪاتي ھيٺان ڪنڌ،پوءِ بھ نعرا نينھن جا

سنڌڙي جو سوڳنڌ،مرنداسين پر مرڪندي،

سنڌڙي شاھ لطيف جي،لھر نھ ڪو لوڏو،

سک نھ سنبري سنڌڙي،اڀري سج لٿا،

سنڌڙي ساٿ سچوم،ڪوري ڪنڌ ڏنوم،

انھي دؤر م سنڌ جي نالي وٺڻ تي پابندي ھئي وئي ھئي ۽ سنڌ جو نالو وٺڻ ھڪ

ڏوھ تصور ڪري سزائون پئي ڏنيون ويون تھ اتي بھ شيخ اياز خاموس ڪونھ ويٺو،

سنڌڙي تنھنجو نانؤ وتو،ڄن ڪاريھر تي پير پيو،

ون يونٽ کي سنڌ جي ڪجھ غدار اسيمبلي ميمبرس جي حمايت سان سرڪار اسيبملي

مان پاس ڪريو ھو اھڙن ماڻھن جي روس تي شيخ اياز چيو،

ھي پنھنجي ڪرڻي ڀرڻي ا،پر سنڌ اياز نھ مرڻي آ،

وقت جي آمر حڪمران جرنيل ايوب

 اياز کي خاموش ڪرڻ لاءِ پھرين ھن کي مختلف لالچون ڏئي خريد ڪرڻ جي ڪوشش

ڪئي پر اياز پنھنجي ضمير جو سؤدو ڪونھ ڪيو،

منھنجو اگھھ پڇين ٿو آمر،منھنجا گيت ڳنھي سگھندين تون؟

انھي قھري ڪاري دؤر م اياز جي ٽن ڪتابن تي بندش وڌي وئي

1964 م سندس ڪتاب ڀؤر ڀري آڪاس ضبط ٿيو،

1968 م سندس ٻھ ڪتاب ھڪ شعري مجموعو ڪلھي پاتم ڪينرو ۽ ٻيو نثري ڪتاب جي

ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙِي ضبط ٿيا،

سيپتمبر 1965 م شيخ اياز کي پھريون ڀيرو جيل موڪليو ويو ٽن مھينن لاءِ ۽

ھن اتي ھي ھڪ مشھور نظم زندان ھزارين مان نھ رڳو تخليق ڪيو،

اياز کي ساھيوال جيل م رکيو ويو ھو جنھن جو احوال ھن پنھنجي ڪتاب ساھيوال

جيل جي ڊائري م قلمبند ڪيو،

انکان پوءِ بھ جرنل يححي طرفان بنگالين جي قتل جي مذمت ۽ مارشلا خلاف

جدوجھد تي کيس ٻيھر جيل م واڙيو ويو پر اياز جا حوصلا اھي بنديخانا ڪونھ

ٽوڙي سگھيا،

جڏھن ھن کي جيل موڪليو پئي ويو تھ ان وقت سندس گھروارن ڪيس چيو تھ اھڙي

شاعري ڇو ٿا ڪريو جو توھان کي جيل موڪليو پيو وڃي جنھن جو اظھار ھن ڪجھ

شعرن م ھينئن ڪيو آھي،

مان توکي گيت ڏيان اي ڌرتي،

تون مونتي ٿي زنجير وجھين،

يا وري پنھنجي پٽ جي زباني ڪجھ ھن طرح لکي ٿو تھ،

سردي م سنگينون آھن،

وردئ وارا بوٽ اچن ٿا،

مون تھ چيو ھو توکي بابا،

اھڙا گيت لکين ڇو ٿو تون،

جو توتي زنجير وجھن ٿا،

ڪوڙا ڪائنر بڪ بڪ ڪن ٿا،

 شيخ اياز

1976 کان 1980 تائين

 سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پڻ رھيو ۽ ھن سنڌي ادب جي مختلف

 صنفن تي طبع آزمائي ڪئي ۽ سنڌي ادب کي نون لاڙن سان روشناس ڪرايو،

منظوم ڊراما،نظم،غزل،بيت،وايون،ڏوھيڙا،ٽيڙو،چؤسٽا،آزاد نظم،گيت،ڇيڄ،قطعا،

وغيرھ شامل آھن

ھن جو ادبي ڪيريئر لڳ ڀڳ ڇھن ڏھاڪن تي مشتمل آھي ۽ سندس ڪتابن جو مجموعي

تعداد ب لڳ ڀڳ پنجاھ کن آھي،پاڻ اردو م پڻ شآعري ڪيائين سندس ٽي

مجموعا نالاءِ دل،بوءِ گل،نيل ڪنٺ اور نيم ڪي پتي شايع ٿيا،انکان سواءِ

سندس ھڪ ٻيو وڏو ڪارنامو سنڌ جي گھوٽ حضرت شاھ عبدالطيف جي رسالي جو اردو

م ترجمو پڻ آھي،

 حڪومتي اسرار تي سنڌ يونيورسٽِي جو وائس چانسلر پڻ مقرر ڪيو ويو ۽ پاڻ

اھا ذميواري بھ نھايت ئي ايمانداري سان نڀايائين،شيز اياز جي علمي،ادبي

خدمتن عيوض

کيس پاڪستان حڪومت طرفان ستارھ امتياز پڻ ڏنو ويو

تازو ئي بنگلاديش جي حڪومت طرفان بنگالين جي حمايت ڪرڻ تي کيس بنگلاديش

جو سڀ کان وڏو سول ايوارڊ ڏنو ويو جيڪو سندس وارثن وصول ڪيو،

اياز تي سندس زندگي م تمام گھڻا الزام لڳا مولوين مٿس دھرئي،ڪافر ھجڻ جا

الزام ھنيا تھ وري ڪجھ مورک قومپرست ماڻھن ھن کي غدار جا لقب ڏنا،

جنھن تي پاڻ ئي چيائين تھ،

ھيرا تھ ڏسو ڪنڪر نھ ھڻو،ايندو نھ وري ھي وڻجارو،

ڪجھھ ڏات ڏسو پوءِ بات ڪريو،ھي شور اجايو آ پيارا،

 شيخ اياز 28ڊسمبر 1997 تي

سنڌ ڌرتي کان ھميشھ لاءِ موڪلائي ويو کيس ڀٽ شاھ م شاھ لطيف جي نگري م

ڌرتي پنھنجي ھنج م جاءِ ڏني،

ٿو موڪلايان الوداع،

اي سنڌ توکي الوداع،

اي ھند توکي الوداع،

تو م ھيو سارو جڳت،

اي جند توکي الوداع،

فدا حسين ملڪ

تاريخ 28-12-2013


Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *