paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

عوامي مفادن کان وانجهيل سياسي پارٽيون ۽ اميدوار ۽ ايندڙ اليڪشن

 (عوامي مفادن کان وانجهيل سياسي پارٽيون ۽ اميدوار ۽ ايندڙ اليڪشن)

هن دفعي ايندڙ اليڪشن گذريل اليڪشنن جي مقابلي م دلچسپ آهي هڪ سبب اهو چئي سگهجي ٿو ته هن دفعي هڪ ته ميڊيا تمام زور و شور سان اشوز کي اٿاري اليڪشنز جي ڪوريج بهترين انداز م ڪري رهي آهي ٻيو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته ميڊيا کانسواءِ اسانجو نوجوان وري سوشل ميڊيا جي استعمال کي لاڀائتو بڻائيندي اليڪشنز  جي هر هڪ خبر کي دلچسپي سان  نه صرف ڏسي پيو پر ان تي پنهنجو پسند ناپسند سميت مختلف ردعمل ڏئي پنهنجي سوچ ۽ خيالن جو اظهار ڪري پيو باقي سوشل ميڊيا جي دنيا م مگن انهن نوجوانن جو سڄو تعداد سياسي طور ڪيترو ميچوئر هجي ٿو اهو هڪ الڳ بحث ضرور آهي پر  هڪ ڳاله جيڪا مثبت آهي سا اها آهي ته ماضي جي اليڪشنز جيان لاتعلق رهڻ بجاءِ نوجوان پنهنجي پنهنجي سوچ آڌار هن اليڪشن تي نه صرف نظر رکيو ويٺو آهي پر دلچسپي سان هر صورتحال کي مانيٽر پڻ ڪري پيو جنهنجا ايندڙ وقت م مثبت نتيجا سامهون اچڻا آهن ۽ ٻيو ته جينئن جينئن ڏهاڙا گذرندا پيا وڃن تينئن تينئن پارٽيون توڙي اميدوار هڪٻئي جي مخالفن سان جوڙ توڙ واري ڪم کي خوب وڌائيندي نظر اچن پيا،سنڌ جي صورتحال هن دفعي تمام گهڻي دلچسپ ٿي چڪي آهي ڇو جو سڀ کان وڏي اقتداري جماعت پيپلز پارٽي هڪ طرف ڪجه مشڪلاتن ۽ امتحانن کي منهن ڏيندي صورتحال کي پنهنجي ڪنٽرول م رکڻ جي ڪوششن م مصروف آهي ته ٻي طرف وري گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ۽ تحريڪ انصاف،سنڌ يونائٽيڊ پارٽي سميت ٻيون جماعتون پ پ پ جي انهي ڪمزورين ۽ پريشانين جو فائدو وٺندي پنهنجي پنهنجي پوزيشنز کي مضبوط ڪرڻ م رڌل آهن.
پاڻ گذريل آرٽيڪل م ذڪر ڪري چڪا آهيون ته پ پ پ جيڪو پنهنجي خراب حڪمراني ۽ پاپولر ووٽ ختم ٿيڻ بعد ايندڙ اليڪشنز کٽڻ جو توڙ ڪڍيو  هو جو هنن سنڌ جي هر علائقي جي ننڍي وڏي وڏيري ۽ اثر رکندڙ شخص کي پنهنجي ٻيڙي م سوار ڪيو پر هاڻي اهو سندن لاءِ پنهنجو پئدا ڪيل هڪ اهڙو ڄار بڻجندو پيو وڃي جيڪو پ پ پ کي وڏو ڌڪ ڏئي سگهي ٿو جنهنجو مثال ڪجه هن طرح ڏسي سگهجي ٿو جو
ڪاله ئي پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ نثار کهڙي جو اهو اعتراف به سامهون آيو ته سنڌ م 130 تڪن تي  اسانکي اميدوارن جو هڪ هزار اٺاويه 1028درخواستون موصول ٿيون آهن سو هينئر قيادت اميدوارن کي هٿ کڻائڻ،پرچائڻ ۽ گڏ ويهارڻ لاءِ ننهن چوٽي جا زور پئي ڏئي،
گهوٽڪي م ٽيڪٽن تي اختلاف وڌڻ بعد آخر ڪار مهر خاندان جا سردار به  هڪٻئي کان الڳ ٿيندي نظر آيا ۽ علي گوهر مهر،علي محمد مهر جي ڊي سان جڏهن ته سندن ئي ڀاءُ راجا خان ۽ سوٽ محمد بخش خان مهر پ پ پ جي ٽڪيٽ تان هڪٻئي جي مخالفت م بيهندا ۽ ساڳئي صورتحال مخدوم خاندان سان به آهي جو هنن پ پ پ کان رستا جدا ڪري ڇڏيا آهن ۽ لاڙڪاڻي م تازو تحريڪ انصاف م ويل اڳوڻو پ پ پ ايم اين اي شاهد ڀٽو ڪاله ٻيهر پ پ پ م شامل ٿي ويو آهي،ڄامشوري م ملڪ اسد کي  پ پ پ قيادت ويندي ويندي سندس مطالبا مڃي پرچائي ورتو پر اتي سڪندر شوري جي نارازگي سندن لاءِ مٿي جو سور آهي،ٽنڊي آدم جا ڏيرا ۽ جوڻيجا پڻ سيٽن جي معاملي تي قيادت اڳيان لچڪ ڏيکارڻ کان معذرت ڪري چڪا آهن،جيڪب آباد م بجاراڻين کي آخري وقت م پرچايو ويو آهي،مطلب سڄي سنڌ ۾ هي صورتحال لڳي پئي آهي جو هڪ ڏينهن اميدوار ڪنهن هڪ پارٽي م ويٺو آهي ۽ ٻي ڏينهن هو ڪنهن ٻي پارٽي م اعلان ڪري ٿو يا آزاد بيهڻ جو اعلان ڪري ٿو،
اها پرئڪٽس ڪا اڄوڪي ڪانهي هي ستر سالن م هن ملڪ جي جمهوريت جي هڪ راند آهي جيڪا اسانجا سياسي خاندان کيڏندا پيا اچن ڇو ته سڌريل ملڪن م جمهوري نظام م اليڪشنز م اميدوار جڏهن اليڪشن مهون هلائيندا آهن ته اهي عوام اڳيان وڃي مختلف ايجنڊائون رکندا آهن.جنهن جي بنياد تي اهي عوام کان ووٽن جي گهر ڪندا آهن ۽ پارٽيون پڻ اليڪشنز منشور جو اعلان ڪنديون آهن ۽ انهن بنيادن تي ئي پنهنجي اليڪشنز مهمون هلائي عوام م لهنديون آهن ۽ چونڊجڻَ بعد انتي عمل ڪري عوام کي رليف ڏينديون آهن پر اسانجي هن ملڪ جي جمهوري نظام جو اهو الميو ئي چئجي جو هتي اسانکي پارٽين توڙي اميدوارن م اها شيءَ بالڪل به نظر نه ٿي اچي پارٽيون هر دفعي اليڪشنز منشورن جو اعلان ته ڪنديون آهن پر اهو به ملڪي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪمن واري ڊاڪيومنٽن جيان رڳو ڏيکاءُ ۽ ڪاغذن تائين محدود رهجي ويندو آهي جنهن جو عملي اظهار ذرو برابر به عوام ناهي ڏٺو باقي اميدوارن م ته شخصي طور اهو ڪو تصور ئي ناهي جو هو ووٽ واسطي اهڙي ڪنهن ايجڻڊا يا ڊرافٽ  ٺاهي علائقي جي مسئلن بابت ڪو هوم ورڪ ڪن ۽ انهن تي اسيمبلين م وڃي آواز اٿاري انهن جي حل لاءِ ڪوششون ڪن،سنڌ م ووٽ جا پراڻا روايتي طريقا نافذ آهن  هتي ووٽ جو جديد تصور ۽ انجي اهميت بابت عوام م به آگاهي ناهي نتيجتن هتي ووٽ ڀوتارڪي اثر،برادري،مذهبي،لساني بنيادن تي ورتو ۽ ڏنو وڃي ٿو،
عوام مسئلن جي چڪي م پسجندي به اميدوارن کان ڪڏهن مسئلن  ۽ اشوز جي حل لاءِ ڪون ٿا پڇن،سنڌ جي سياست جو هڪ ٽرينڊ ٿي چڪو آهي جيڪو شايد ستر سالن کان ئي جاري آهي جو هتي جمهوري نظام کي اهڙو ته بدنام ڪيو ويو آهي جنهن جو شايد ئي دنيا م ڪٿي ڪو مثال هجي،هتي اميدوار لاءِ عوامي مفاد ڪجه به ناهن هتي اسانجي سردار پير وڏيري مير کي رڳو اسيمبلي جي سيٽ سان دلچسپي آهي جنهن بعد هو ٺٺ ٺانگر سان پنهنجي علائقي م پوليس  پروٽوڪول سان ذاتي گارڊن جون ڏه ڏه گاڏيون پويان ڊوڙائي گهمي سگهي انهن کي اهو فڪر به نٿو هجي ته ڪو اسيمبلي اهڙو فورم هجي ٿو جتي ويهي عوام جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ نه صرف قانونسازي ڪجي ٿي پر عوامي فلاح ۽ بهبود جا قانون جوڙي عوام کي بنيادي سهوليتن سان آراستا ڪجي ٿو اهوئي سبب آهي جو اسانجا چونڊيل نمائندا يا ته اسيمبلي  جي اجلاسن کي ايترو غير سنجيدا وٺن ٿا جو اتي هلندڙ اجلاسن دوران ايسيز م ننڊون ڪندي ملن ٿا يا اوٻاسيون ڏيندي نظر اچن ٿا يا وري پورا پنج سال اسيمبلي اجلاسن م شرڪت ڪرڻ به گوارا نٿا ڪن،
ڪجه مثال آئون هتي ڏيندس ته گهوٽڪي ضلعو جيڪو گئس ۽ صنعتي ادارن جي  حوالي سان مالا مال آهي ۽ ڪراچي بعد ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ ضلعو آهي جتي جو عوام اڄ به انهن وسيلن جي مالڪي کان محروم آهي ۽ جتي جي وسيلن هوندي مالهي کان چوڪيدار   تائين جا ملازم گهوٽڪي بجاءَ ٻين صوبن مان ڀرتي ڪيل آهن ۽ مهر خاندان ضلعي م 1937 کان سياست تي ڇانيل آهي اتي مهر سردار قومي اسيمبلي جي ٻنهي سيٽن تي چونڊيل رهيا  ، نمائندن جي اسيمبلي م سڀ کان گهٽ م گهٽ شرڪت جو رڪارڊ رڳو 17%  به گهوٽڪي جي حصي م رهيو ۽ ٻئي نمبر تي اهو اعزاز  ملڪ جي پاپولر جماعت جي چيئرمين عمران خان 33% سان حاصل ڪيو،ائين ئي سنڌ اسيمبلي م اسانکي ارباب غلام رحيم پورن پنجن سالن جي عرصي م حلف کڻڻ بعد آخري ڏينهن تي فوٽو سيشن وقت صرف نظر آيو سو هي آهي اسان جي مجموئي ايليٽ ڪلاس جي نفسيات جن کي اسين اسيمبلين م محض ان لاءِ موڪليون ٿا ته اتي عوام جو آواز بڻجن.
پر اهو هڪ تمام وڏو الميو آهي جو هن جمهوري نظام  جي موجودا حالت م عوامي فلاحي ۽ بهبود جون اميدون ڄڻ هڪ ديواني جي خواب مثل آهن جيڪو حقيقتن کان ڪوهين ڏور بيٺل آهي انجي بنيادي وجه اها آهي ته اسان جا اميدوار بشمول سياسي پارٽيون رڳو سيٽ اسڪورنگ  واري گيم م مصروفِ عمل آهن انهن جا مقاصد سيٽن جي حاصلات ۽ حڪومت سازيون ته آهن پر عوامي مفادات سان انهن جو ڪو سروڪار ناهي اهوئي سبب آهي جو اٽي لٽي ۽ اجهي جي نعري هيٺ ڪم ڪندڙ پيپلز پارٽي گذريل ڏهن سالن جي ٻن لاڳيتو دورن سميت چار ڀيرا اقتدار م رهي آهي ۽ پر اڄ به سنڌ جي اسي سيڪڙو ماڻهو صاف پاڻي جي بنيادي سهوليتن کان محروم آهي ۽ غليظ پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي،
اڄ به دنيا جا ادارا سنڌ م غربت جي شرح 75 سيڪڙو کان مٿي رپورٽ پيا ڪن.
اڄ به عمرڪوٽ ضلعو م غربت جي شرح سڄي ملڪ مان وڌيڪ 85 سيڪڙو آهي،
اڄ به سنڌ جو پڙهيل لکيل نوجوان ڊگريون هٿ م کنيون هزاين جي تعداد م ميرٽ جي آسري نوڪرين ملڻ جي آس لڳايو ويٺو آهي،
اڄ به سنڌ جا پنجاه سيڪڙو کان مٿي ماڻهو سائي م ورتل آهن،
اڄ به ٿر جي عورت غذائي ڪمي م نائجيريا جي عورت کان به وڌيڪ ڪمزور آهي جيڪو ٽين دنيا جو پسماندا ملڪ تصور ڪيو وڃي ٿو،
اڄ به غذائيت جي کوٽ ۽ صحت جي سهوليتن نه هجڻ سبب ٿر م معصوم مورن جهڙا ٻارڙا سون جي تعداد م موت جو کاڄ پيا بڻجن،
اڄ به ادارن جي تباهي ان حد تائين پهتل آهي جو ڪيمشن پاس نوجوان نوڪرين واسطي  ڪورٽن جا در پيا کڙڪائين،
ساڳيو حال پيپلز پارٽي کان علاوا ٻين ڌرين جو به آهي ڇو ته مجموعي طور  ڏسجي ته سڀني پارٽين م جيڪي به اميدوار آهن ۽ رهيا آهن اهي هڪ مخصوص مخصوص ڪلاس سان واسطو رکندڙ هجن ٿا ۽ انهن سڀني جو  عوام ۽ اليڪشن بابت مائينڊ سيٽ ساڳيو ئي آهي هتي رڳو پ پ پ کي بحث هيٺ انڪري آندو ويو آهي جو هو وڌ کان وڌ عرصو اقتدار م رهيا آهن ۽ باقي ٻين دورن م به سنڌ ڪو خاص سک ناهي ڏٺو جيڪو هتي لکڻ جهڙو هجي،
سنڌ جي عوام جو اهو الميو رهيو آهي جو اهي اسيمبلين م وري وري اهڙن ماڻهن کي يا سندن خاندانن کي اقتدار جي چائنٺ تائين موڪلين ٿا جن جو سندن عوامي مفادن سان ذري برابر به واسطو نٿو هجي سو هن دفعي اليڪشن ان حد تائين ته دلچسپ آهي ته پ پ پ توڙي انجون مخالف ڌريون هڪٻئي جق اميدوار حمايتي ٽوڙڻ جي ڪم م مصروف آهن پر مجموئي طور جيڪو نظر پيو اچي انهن ٻنهي ڌرين جو مقصد رڳو اقتدار جي حاصلات آهي جنهن م ڪوبه فلاحي عوامي مفاد شامل ناهي انهن ڌرين جي هوندي سنڌ م هن دفعي هڪ نواڻ ضرور نظر اچي پئي سا اها آهي ته هن دفعي جي اليڪشنز م  لڳ ڀڳ ڇٽيه تڪن تي هڪ ته سنڌ يونائٽڊ پارٽي اميدوار آندا آهن جيڪي مڊل ڪلاس طبقي سان واسطو رکندڙ آهن ٻيو ته سڄي سنڌ ۾ مختلف تڪن تي ڪجه آزاد پڙهيل لکيل نوجوان سامهون اچي بيٺا آهن جيڪي هن فرسودا بڻيل سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ جا خواب اکين م سجائي هنن عوامي مفادن کان وانجهيل چهرن ۽ پارٽين  اڳيان للڪار بڻيا آهن ڀلي جو هو کٽين يا هارائين پر سندن آخري ڏينهن تائين بيهڻ ئي ايندڙ مستقبل لاءِ اها اميد پئدا ٿي پئي آهي ته هاڻي نوجوان سجاڳ ٿئي پيو ۽ ماڻهو هن سسٽم م پيڙهجي تنگ اچي چڪا آهن ۽ هي هن سسٽم جي انڪار جي سگه جيڪا هن وقت ڪمزور ئي آهي پر اهو ڏينهن پري ناهي جو هو عوام کي بيدار ڪري هن سينواريل سماج م تبديلي جو  حقيقي سج اڀاريندا،اسان جي عوام مٿان وري به اها ئي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو هن دفعي پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪن ۽ انهن چهرن  ۽ پارٽين کان بيزاري جو اعلان ڪن جيڪي اقتدار م اچي رڳو پنهنجي ذاتي مفادن جا محافظ بنجي عوام کي مسئلن جي چڪي م پيسجڻ لاءِ ڇڏي ڏيندا آهن ڇو ته بهتر سماج جو حل بهتر سياست م ئي آهي اهو ممڪن ئي ناهي جو اسان جي سماج کي سڌارڻ لاءِ ڪو ٻاهريون ماڻهو  ايندو ان جي سڌارڻ جي ذميوراي هر ان فرد تي آهي جيڪو ووٽ ڏئي ٿو ۽ دانستا نا دانستا هو پنهنجي انهن مسئلن جو پاڻ ئي ذميوار هجي ٿو جيڪي مسئلا هن کي ووٽ ڏيڻ بعد نئين حڪومتن م پيش اچن پيا،سنڌ م جيڪو نئون ٽرينڊ جيڪا نئين مڊل ڪلاس سنڌ دوست عوام دوست قيادت اڀري رهي آهي انجا هٿ لازمي مضبوط ڪرڻا پوندا جيڪڏهن اسين چاهيون ٿا ته هن فرسودا نظام کي تبديل ڪريون نه ته وري ساڳيا چهرا ۽ ساڳيا مسئلا اسان جي قوم جو مقدر ئي رهڻا آهن سو ڏسجي ته هن دفعي اسانجو عوام ڪيترو سنجيدگي سان  ان ووٽ جي اهميت کي سمجهندي انجي جي طاقت کي استعمال ڪندي عوامي مفادن کان وانجهيل سياستدانن ۽ پارٽين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ٿو، 
Jun 9, 2018 
فدا حسين ملڪ گهوٽڪي

Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *