paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

ملڪي چونڊون ،افواهون ۽ خدشا

 ملڪي چونڊون ،افواهون ۽ خدشا 


اسانجي ملڪ م جمهوري نظام جي مظبوطي جو اندازو ان مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته هن وقت تائين جي ملڪي تاريخ م اڌ کان وڌيڪ عرصو ملڪ سڌي يا اڻسڌي طرح سان مارشلائن جي ور چڙهيل رهيو آهي ان م ڪهڙا عنصر هئا ۽ ڪهڙا فرد هئا جن هميشه اهڙن رستن جون راهون هموار ڪيون اهو هڪ الڳ بحث طلب موضوع آهي جنهن م پاڻ نٿا وڃئون پر اسان جي ملڪ م جمهوري نظام جيترو به وقت رهيو آهي سو هميشه لڏندڙ ٻيڙي جيان رهندو آيو آهي جنهن م روزانو نيون افواهون،نوان ڪرائيسز ۽ پيشنگويون عوام کي ٻڌڻ لاءِ ملندا رهيا آهن ۽ لڳ ڀڳ جمهوري حڪومتن جو هر ڏينهن انهن افواهن جي ترديد ڪندي ۽ جمهوري نظام جي مضبوطي جي وضاحتون ڪندي گذرندو آهي،

 جيڪڏهن پاڻ موجودا جمهوري حڪومت جي عرصي تي مڪمل نظر ڦيرائيندي هڪ غير جانبدار تجزيو ڪندا سين ته اسانکي سمجهڻ لاءِ تمام گهڻي سولائي ٿيندي ته هتي جمهوريت کي مظبوط ٿيڻ م اڃا ڪيترو سفر طيءِ ڪرڻو آهي،هينئر به جڏهن حڪومت جڏهن پنهنجو مدو مس پورو ڪيو آهي ۽ جمهوريت جي هڪ ٻي دور پنهنجو آئيني مدو پورو ڪيو آهي ته ملڪ م چونڊن جو ماحول جڙجي چڪو آهي ۽ نگران سيٽ اپ وفاق ۽ سنڌ م جڙي چڪو آهي باقي ٻين صوبن م پڻ جڙڻ جي طرف وڃي رهيو آهي پر جڏهن موجودا حڪومت مدو پورو ڪرڻ وقري هئي ته هميشه جيان اهي افواهون ملڪ م ايتري ته زور و شور سان شروع ٿي ويون ته ايندڙ چونڊون ملتوي ٿينديون ۽ انهن م تاخير ٿيندي  جو ملڪ جي وزير اعظم کان ويندي چيف جسٽس،اپوزيشن.وفاقي وزيرن ۽ ملڪ جي وڏين پارٽين جي قيادتن به کلي طرح انه صرف انهن افواهن جي کليل ترديد ڪئي پر ان عزم جو به اظهار ڪيو ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت ٿي ٿينديون ۽ اهڙي ڪنهن به ڪوشش جي مڪمل رستا روڪ ڪئي ويندي جنهن سان چونڊون ملتوي ٿيڻ جا خدشا پئدا ٿين.

هينئر جڏهن اليڪشن ڪميشن 25 جولاءِ تي وفاقي توڙي صوبائي چونڊن جو اعلان ڪري انهن جو شيڊيول جاري ڪيو ته انهن افواهن وقتي طور تي دم ٽوڙي ڇڏيو پر گذريل ڏينهن م ڪجه اهڙا واقعا سيريز سان ٿيا جن کي نظر م رکندي انهن چونڊون ملتوي ٿيڻ جي افواهون وري زور شور سان شروع ٿي ويون ۽ هڪ غير يقيني واري صورتحال جنم.ورتو آهي،

مثالطور 28مئي تي ڪي پي ڪي جي تحريڪ انصاف سان لاڳاپيل وزيراعلي جو اليڪشن ڪميشن کي لکيل اهو خط به معني خيز آهي جنهن م هن چونڊون ڪجه عرصو موخر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي جيڪو بظاهر ته هڪ خط ئي آهي پر  تحريڪ انصاف جي پت کي به وائکو پيو ڪري ته هڪ طرف تحريڪ انصاف چونڊون وقت سر ٿيڻ جي گهر ڪري رهي آهي ته ٻي طرف سندن سان لاڳاپيل اهم عهدي تي فائز اڳواڻ جو اهو خط خدشا ضرور پئدا ڪري ٿو ڇا ملڪ جي ايڏي وڏي پارٽي  هن معاملي تي ايتري غير سنجيدا آهي يا پارٽي اندروني طور ته هن معاملي تي اڃا ڪلئير ناهي؟؟؟ يا جينئن پنجاب جي نگران سيٽ اپ آڻڻ م تحريڪ انصاف طرفان دير ڪئي پئي وڃي ان مان به سندن سياسي سنجيدگي واضح ڏسي سگهجي ٿي،ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان م اڃا تائصن نگران سيٽ اپ ناهي جڙيو جيڪو پڻ سوالن کي جنم ضرور  ڏئي ٿو ته آخر هي سڀڪجه محض هڪ اتفاق آهي يا اهو ڄاڻي ٻجهي ڪيو پيو وڃي،

وفاقي اسمبلي ٽٽڻ بعد نگران وزيراعظم  رٽائرڊ جسٽس ناصرالملڪ عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي جنهن پڻ هر صورت چونڊون وقت سر ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي  ۽ اليڪشن ڪميشن جي ڀرپور سهڪار جو اعلان ڪيو آهي ،انهي اعلان کان ستت پوءِ بلوچستان اسميبلي م هڪ قرارداد متفقا طور منظور ڪئي وڃي ٿي ته چونڊون وقتي طور ملتوي ڪيون وڃن ڇو ته بلوچستان م گرمي گهڻي ۽ ٻوڏ جي صرتحال سبب ماڻهن لڏپلاڻ ڪن ٿا ۽ ٽرن آئوٽ تي اثر پوندو.ان سان گڏو گڏ ملڪ جي  هائڪورٽن ڪجه ضلعن جي تڪبندين کي قلعدم قرار ڏئي هڪ نئون محاذ کولي ڇڏيو آهي ۽ ساڳئي وقت جڏهن اليڪشن ڪميشن جي شيڊيول مطابق جون م نامزدگي فارمن وارو مرحلو شروع ٿيڻ وارو هو ته لاهور هائڪورٽ جي سنگل بئنچ جو اهو فيصلو سامهون آيو آهي  ته نامزدگي فارمن  م آئين جي آرٽيڪل 62ٖ63 جي واضح تشريح ڪئي وڃي  ۽ پوءِ ٻيهر ڇپائي ڪئي وڃي جنهن سبب الڪيشن ڪميشن پڻ ٻڏتر جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ ان رٽرننگ آفيسرز کي نامزدگي فارم جاري ڪرڻ کان وقتي طور منع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان عمل خلاف سپريم ڪورٽ م وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ان کان علاوا انهي فيصلي بعد ملڪ جي مجموعي سياسي قيادت م بيچيني پئدا ٿي وئي آهي ۽ انهن اهڙي فيصلن کي چونڊن م تاخير جو سبب قرار ڏيندي چيف جسٽس کان گهر ڪئي آهي ته اهڙي بيچيني کي ختم ڪرڻ لاءِ  ڪردار ادا ڪري،

اميد اها ئي پئي ڪئي وڃي ته هن مسئلي جو حل خود چيف جسٽس ئي ڪڍندو ڇو ته هيتري وقت هجڻ باجود نگران سيٽ اپ جڙڻ ۽ چونڊن جي تاريخ جي اعلان بعد هن وقت تڪبندين ۽ فارمن متعلق اچانڪ فيصلا عدليا جي ساک کي عوام م سواليا بڻائيندا جنهن سان عدليا جو اهو مورال جيڪو عوام م بلند ٿي رهيو آهي انکي ڪاپاري ڌڪ رسندو،

ٿيڻ ائين گهرجي ها ته اهي معاملا ان وقت ڏٺا وڃن ها جڏهن چونڊن م ڪافي وقت هو ۽ انهن معاملن تي سپريم ڪورٽ ۽ هائڪورٽن م مخصوص بئنچن قائم ڪري اهڙين پٽيشنن جي تڪڙي شنوائي ڪري اهڙن ڪيسن کي وقت سر نمٽايو وڃي ها ته جينئن هي هن قسم جا ابهام پئدا نه ٿين ها.

هوئن به اسان وٽ سنسني جي فهلاءُ لاءِ سدائين افواهن جي بازار گرم رهي ٿي  سو هن وقت اهڙي قسم جا عمل ماڻهن جي نفسيات تي به ناڪاري اثر ڇڏيندا،ٻي طرف سڀني سياسي پارٽين کي هن معاملي تي ميچورٽي جو مظاهرو ڪندي هڪ اي پي سي گهرائي ان م.متقفه طور اها واضح گهي ڪئي وڃي ته چونڊن کي وقت سر ٿيڻ لاءِ ڪيل اعلانن تي مڪمل عملدرامد ڪرائڻ لاءِ  تمام ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جينئن ملڪ م پئدا ٿيل غير يقيني واري صورئتحال جو خاتمو اچي سگهي ڇو ته وقت تمام ٿورو آهي ۽ اهڙي غير يقييني واري صورتحال هوندي به جيڪڏهن چونڊون ٿي ويون ته حقيقي جمهوري نظام ملڪ م.نه اچي سگهندو ڇو ته ان غير يقيني واري صورتحال سبب نه صرف ووٽر پر اميدوار به ٻڏتر م رهندي پنهنجي چونڊ مهم صحيح طرح نه هلائي سگهندا ۽ عوام تائين بهتر پهچ نه ٿيڻ سبب يا ته ٽرن آئوٽ تي خاصو اثر پوندو يا وري ايندڙ اسيمبلي م حقيقي تبديلي بجاءِ ساڳيا رواريتي  چهرا ۽ ساڳيون پارٽيون نظر قينديون جن کي عوام بار بار پئي آزمايو آهي ۽ جيڪي عوام کي بهتر سهوليتون ڊليور ڪرڻ م.مڪمل طور ناڪام ويا آهن سو هن وقت سڀني جون نظرون چيف جسٽس جناب ثاقب نثار  ڏانهن آهن ته هو هن معاملي تي ڪهڙو فيصلو وٺي هڪ تاريخ رقم.ڪري ٿو ڇو ته هن ڪاله ئي فرمايو آهي ته چونڊون ڪنهن به صورت دير سان نه ٿينديون ۽ هي چونڊون ستر جي چونڊن جيان مڪمل شفاف ۽ تاريخي هونديون،

فدا حسين ملڪ گهوٽڪي
Jun 3, 2018

Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *