paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

نئون پاڪستان،احتسابي اعلان ۽ مونجهارن جي ڀونر م ڦاٿل پيپلز پارٽي

 نئون پاڪستان،احتسابي اعلان ۽ مونجهارن م جي ڀونر ڦاٿل پيپلز پارٽي)

۽ ڪاله آخر ڪار تحريڪ انصاف سربراه عمران خان ملڪ جي ٻاويهين وزيراعظم طور حلف کڻي ورتو ۽ خان صاحب پنهنجي جدوجهد جي تاريخ جي فيصلائتي مرحلي م داخل ٿي چڪو آهي،

جيتوڻيڪ هن وقت جڏهن تحريڪ انصاف جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن جي بقول تبديلي جي جيڪا نيئن شروعات ۽ نئين پاڪستان جو بنياد پئجي چڪو آهي سو ڪيتري حقيقي معنائن م تبديلي آڻي سگهندو اهو چوڻ اڃا ته قبل از وقت آهي ۽ انهي انومان تي بهتر بحث لاءِ حڪومت جي سو ڏينهن جي ڪارڪردگي وارو پلان ۽ انتي عملدرامد ئي ايندڙ  پنجن سالن جي واضح تصوير ڏيکاري ڇڏيندا ته تحريڪ انصاف جي قيادت جيڪي اعلان ڪيا هئا انهن تي هو ڪيتري سنجيدگي سان اڳتي وڌندي نظر اچن پيا ڇو ته سو ڏينهن جي ڪارڪردگي ڪنهن حڪومت جي انداز مزاج ۽ ڪم جي سنجيدگي کي سمجهڻ لاءِ هڪ بهتر وقت هجي ٿو پر جينئن ته لوٽن جي هڪ وڏي لوڌ به هن قافلي م شامل آهي جيڪي ماضي جي مختلف دورن م اقتدار سان ڄئورن جيان چهٽيل رهيا آهن سي مفاداتي چهرا هن ڀيري به هن نئين پارٽي لاءِ هڪ وڏو امتحان هوندا ٻئي طرف سندن اتحاد م شامل ٿيل هڪ متحدا قومي موومينٽ به آهي جنهن جو هو ڪراچي مان مينڊيٽ کسي کيس ويڳاڻو ڪري 6 سيٽن تائين محدود ڪري چڪا آهن ۽ جيڪا پڻ هڪ نازڪ مرحلي ته پنهنجي پاڻ کي سنڌ حڪومت م شامل ٿيڻ واري آفر ٺڪرائي پ پ پ جي اتحاد کان نڪري مرڪز م اتحادي ٿي وڌيڪ محفوظ سمجهي رهي آهي ڇو ته هن وقت ن ليگ قيادت م بڙي ميان ته ڌيءَ سميت اڊيالا جو مهمان بنجي چڪو آهي پر ان کان علاوا ٻن جماعتن ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جي چوڌاري ڪرپشن ۽ اين آر او وارو گهيرو تنگ ٿيندي نظر اچي پيو ڇو ته اين آر او وارو ڪيس پڻ سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي جنهن سان متحدا قيادت مٿان هزارين ڪيس ختم ٿيا هئا ۽ سندن اڳواڻن خود ساختا جلاوطنيون ختم.ڪري ڪراچي اچي ديرا ڄمايا، ان لاءِ ايم ڪيو ايم ته ڌانڌلين جي رڙن باوجود وڌيڪ گهاون جي سٽ  نه سهي سگهڻ واري امڪاني رد عمل سبب حڪومتي ٻيڙي م سوار ٿيڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجهندي پنهنجو پاڻ کي وقتي طور نه صرف محفوظ ڪري ورتو آهي پر ايندڙ وقت م سندن حڪمت عملي حڪومت م رهندي ڪراچي م وڃايل مينڊيٽ جي واپسي به هوندي ڇو ته هن وقت جينئن حڪومت سازي لاءِ تحريڪ انصاف لاءِ متحدا وٽ وڃڻ کان سواءَ ٻيو هو حل ڪونه هو تهڙي ريت ايم.ڪيو ايم وٽ به اين آر او ڪيسز کلڻ ۽ انهن ڪيسن کي منهن ڏيڻ سميت پنهنجي ڪراچي م گرفت ٻيهر مظبوط ڪرڻ خاطر حڪومتي ٽولي م سوار ٿيڻ کان سواءِ ڪو حل ڪونه هو ائين کڻي چئجي ته ٻئي ڌريون هڪ نظريه ضرورت تحت ماضي م هڪٻئي جون شديد مخالف هجڻ باوجود هڪٻئي سان نئين سياسي نڪاح تي راضي ٿيون پر  متحدا جو  رسڻ پرچڻ ناز نخرا به ماضي م هر حڪومت لاءَ مٿي جو سور بڻبا رهيا آهن ڏسجي ته هن دفعي متحدا کي خان صاحب ڪهڙي نموني ٿو ڊيل ڪري.ٻئي طرف هڪ پيپلز پارٽي آهي جنهن کي پڻ هن وقت شديد مشڪلات کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ڇو ته هي پهريون دفعو ٿيو آهي جو سندن سياسي مستقبل ڪرپشن ڪيسز جي ڪُن م ايتري سنگين طرح سان ڦاسي پيو آهي،اچو ته ان تي ٿوري نظر وجهجي ته ڇا اهو سڀ محض اتفاق آهي يا ڪا پري پلان ٿيل راند آهي جنهن م  بقول پ پ پ قيادت جي ته کين آهستي آهستي سوڙهو ڪيو پيو وڃي ۽ ماضي جيان سياسي انتقام جو نشانو بنايو پيو وڃي ،  اليڪشنز کان ٿورو ئي اڳ م ايف آئي اي طرفان پنجٽيه اربن جي رقمن جي مشڪوڪ منتقلي جو انڪشاف ٿيڻ ۽ ان بعد بينڪر حسين لوائي جي گرفتاري ۽ سپريم ڪورٽ م ڪيسن جو وڃڻ  ان بعد ان جي شنوائي اليڪشنز  تائين ملتوي ڪري روڪڻ ۽ وري جڏهن اليڪشنز جي فورا بعد  سڀني سياسي جماعتن طرفان ڌانڌلين جو الزام هڻندي هڪ مظبوط اپوزيشن اتحاد جي صورت اليڪشن جي نتيجن کي رد ڪندي مزاحمتي دڳ وٺڻ جو اعلان ڪرڻ،ته ساڳئي وقت زرداري طرفان سڀني پارٽين کي پارليامنٽ جي بائڪاٽ واري مطالبي تان دستبردار ڪرائڻ، ساڳئي وقت هن ڪيسن  جو ٻيهر کلڻ ۽ وزيراعظم جي چونڊ وقت زرداري جي ڪاروباري پارٽر اومني گروپ جي سربراه جي ڪورٽ مان پٽ سميت گرفتاري ٿيڻ ڪا عام ڳاله ناهي هي سڀ ڪجه محض اتفاق چئجي يا ڪجه ٻيو،

پيپلز پارٽي ڇا ايتري مجبور ٿي وئي جو گڏيل اپوزيشن طرفان وزير اعظم اسپيڪر ڊپٽي اسپيڪر جي متفقه نامزدگين  جي اعلان بعد اسپيڪر لاءِ  گڏيل اپوزيشن جو ووٽ  پنهنجي اميدور خورشيد شاه کي وٺي ڏيڻ باوجود گڏيل اپوزيشن طرفان ئي نامزد ڪيل وزيراعظم جي اميدوار ميان شهباز شريف کي ووٽ ڏيڻ واري اعلان کان پاسو هڪدم ڪري بيهي رهڻ ڪو اتفاق هرگز نٿو ٿي سگهي ۽  جن پنهنجي دفاع م رڳو ايترو پئي چيو ته شهباز شريف ماضي م سندن قيادتن خلاف تمام نازيبا رويا رکيا آهن انڪري کيس ووٽ نٿو ڪري سگهجي اهو هر سياسي سوچ رکندڙ ماڻهو ڀلي ڀت سمجهي ٿو هن بيان پٺيان اصل معاملا اهي  ڪرپشن ڪيسز ئي آهن جن پ پ پ قيادت کي حقيقي طرح سان سوڙهو ڪيو آهي ڇو ته سياست م ڪا به شيءِ حرف آخر ناهي هوندي ۽ زرداري صاحب ته انهي سٽن کي عملي طور ماضي م بيبي شهيد جي شديد مخالفن گجرات جي چوڌرين،منظور وٽو  جهڙن ماڻهن سان گڏ ويهي ثابت ڪيو آهي، اسان اهو به ڏٺو ته پيپلز پارٽي پنهنجي  سڄي تاريخ م اسيمبيلي م پهريون ڀيرو اهڙي بيوس نظر آئي جو وزيراعظم جي چونڊ وقت اسيمبلي م موجود هوندي به ووٽ ڪاسٽ نه ڪري سگهي ۽ ويٺي پنهنجي بيوسي جو تماشو ڏسندي رهي،

پر لڳي تو هي ڪهاڻي ڪا هتي دنگ ڪونه ڪندي ايندڙ ڏينهن م پيپلز پارٽي جي قيادت  ساڳئي طرح شديد سياسي دٻاءَ  جو شڪار رهندي ڇوته اڃا گهڻا معاملا ڪورٽن م هلي رهيا آهي مني لانڊرنگ جي ساڳئي ڪيس م ڪاله زرداري جي ضمانت منظور ٿي آهي پر اڃا تائين معاملا گهڻو اڳتي ويندا ڇو ته وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي جي پهرين اجلاس م سخت احتساب ۽ پرڏيهي ناڻي جي واپسي جا بيان ڏئي چڪو آهي جنهن جو اڻسڌو اشارو زرداري ڏانهن ئي هو ڇو ته ليگي قيادت ته ڪيسن کي اڊيالا م رهندي ڀوڳي پئي باقي زرداري قيادت خلاف تمام گهڻو مواد ادارن وٽ ڪرپشن توڙي ڪرائيم جي حوالي سان موجود آهي جن جا  ٽيلر آهستي آهستي جي آئي ٽيز جي اعترافي بيانن وسيلي ظاهر ڪيا ويندا،اڃا عزير بلوچ سميت نثار مورائي جهڙا پتا اسٽيلشمنٽ وٽ موجود آهن سو پيپلز پارٽي قيادت هن نئين حڪومت جي پنجن سالن م  اسٽيلشمنٽ جي ئي پچ تي کيڏڻ لاءِ مجبور هوندي جنهن سبب هڪئي وقت مسلسل دٻاءُ  م رهندي هن جي ڪن مهٽ به ٿيندي رهندي ۽ پيپلز پارٽي اپوزيشن م موجوي هوندي به اپوزيشن جي مزاحمت واري عنصر کي وقتا بوقتا جهڪو ڪندي نظر ايندي ڏسڻو اهو آهي ته زرداري قيادت هنن مونجهارن ۽ دٻاءُ ۾ هوندي  هن دفعي سنڌ م ڪهڙو طرز حڪومت اپنائي ٿي ڇو ته جيڪڏهن احتساب جو عمل ڀلي سست رفتاري سان ئي مٿن جاري رهيو ته سنڌ حڪومت ماضي جي طرز عمل م بدلاءُ ڪندي ڪجه ڪاڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندي.

ليکڪ فدا حسين ملڪ گهوٽڪي

Dated:19-08-2018


Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *