paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

نمرتا جو قتل،حتمي پوسٽ مارٽم ۽ انصاف جي گهر

 نمرتا جو قتل،حتمي پوسٽ مارٽم ۽ انصاف جي گهر

نمرتا جو قتل،حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ  ۽ انصاف جي گهر

16 سيپتمبر تي هڪ اهو نڀاڳو ڏينهن هيو جڏهن لاڙڪاڻي جي شهيد راڻي جي ننڍڙي ڌيءَ آصفا جي نالي قائم ڪيل ڊينٽل ڪاليج جي هاسٽل هي ڪمري مان فائنل ايئر جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نمرتا جو پراسرار نموني لاش هٿ آيو،جنهن تي ان وقت ئي انصاف جي گهر سميت مختلف بحث شروع ٿي ويا ڪن هن معاملي کي پسند جي شادي نه ٿيڻ سبب خودڪشي جو نالو ڏنو،ڪن شاگردياڻي جي ڪردار کي متضاد بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي،ڪمري ۽ ان م موجود شين سميت سڄي ڪرائم سين کي اهڙي نموني مس هينڊل ڪيو ويو جنهن سان معاملو سلجهڻ بجاءِ الجهندو ويو.

نمرتا جو وڏو ڀاءُ خود ڊاڪٽر آهي جنهن ن مهل ئي ميڊيا آڏو تصويرن ۽ نياڻي جي ڳلي تي موجود نشانن وسيلي انهي ڳاله جي دعوي ڪئي ته اهڙي قسم جا نشان خودڪشي ڪندڙ شخص جي جسم تي ناهن هوندا ۽ هن قتل جو شڪ ظاهر ڪيو.

سنڌ جي شعور هن معاملي تي پاڻ ملهايو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هن غم ۽ ڪروڌ واري انداز سڄي سنڌ کي احتجاج واري عمل طرف آندو ۽ ڪراچي کان ڪشمور تائين مسلسل مظاهرا ۽ ريليون ڪڍي نياڻي جي قتل جي شفاف تحقيقات واري گهر تي زور ڏنو ويو ۽ حڪومت انهن احتجاجن بعد انڪوائري ويهاري ته ساڳمي وقت سنڌ هائڪورٽ سيشن جج ذريعي جڊيشل ڪميشن جو پڻ اعلان ڪيو جيڪا اڃا هن آرٽيڪل لکڻ تائين مختلف رخن کان تحقيقات ڪري رهي آهي  .پوليس انهي وقت موبائل رڪارڊ وسيلي نمرتا سان ويجهو سندس ٻن ڪلاس فيلوز کي گرفتار ڪيو جيڪي اڃا سوڌو حراست م آهن جنهن سبب شوسل ميڊيا تي نياڻي جر ڪردار کي متضاد ثابت ڪرڻ جو هن طوفان بدتميزي برپا ڪيو ويو پر سنڌ جي شعور کي پو به شابس آهي جو هنن هن واقعي تي پاڻ ملهايو ۽ ڪاله ئي هن معاملي تي ميڊيڪو ليگل آفيسر ڊاڪٽر امرتا حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن م حيرت انگيز انڪشاف سامهون آيا آهن جن سان تحقيقات سلجهڻ بجاءَ اڃا الجهي وئي آهي. نمرتا جي ڪپڙن ۽ جسم مان مليل ڊي اين ايز گرفتار ٿيل سندس ءنهي ڪلاس فيلوز جي ڊي اين اي سان ميچ نه ٿيا پر اهي ڪنهن اڻڄاتل ماڻهو جا آهن جنهن سان اهو دعوي پنهنجي سر پاڻ ئي دم ٽوڙي ومي ته ڪو نمرتا جا انهن شاگردن سان ڪي لاڳاپا هئا ۽ هن انهن مان ڪنهن سان شادي ڪرڻ پئي چاهي ۽ اها نه ٿيڻ سبب خودجشي ڪئي ۽ ان سان گڏ فائنل پوسٽ مارٽم رپورٽ م ڊاڪٽر امرتا نمرتا سان جنسي ڏاڍائي جي تصديق ڪئي آهي ۽ لکيو آهي ته سندس موت ساه گهٽجڻ سبب ٿيو آهي گڏوگڏ سندس ڳلي تي نشان موجود آهن،رپورٽ موجب لمس ليبارٽري ڄامشورو جي ٽيسٽ مان ثابت ٿيو آهي ته مرداڻا جزا شاگردياڻي جي ڪپڙن ۽ نازڪ عضوي مان مليا آهن جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ساڻس قتل کان اڳ جنسي عمل ٿيو آهي ۽ اها حتمي رپورٽ جڊيشل ڪميشن اڳيان به جمع ڪرائي وئي آهي.


هن سڄي واقعي جي ذميواري ڪنهن کي ڏجي؟؟؟

جيڪڏهن نياڻي سان ريپ ٿيو آهي ۽ سندس لاش هاسٽل جي ڪمري مان ان صورت م ملي ٿو جو دروازو بند آهي ۽ ان واقعي کي ظاهري طور ڏسڻ بعد هر ڪنهن ان کر خودڪشي قرار ڏنو ته ان معاملي تي ڇا يونيورسٽي انتظاميا پنهنجي غير ذميواري جو اعتراف ڪندي پاڻ کي احتساب لاءَ پيش ڪندي؟؟؟هن قتل جا پيرا ڪٿي به دنگ ڪن پر هي واقعو هڪ هاءَ پروفائل واقعو آهي ۽ ان م ملوث جيڪو به ڏوهاري آهي اهو به ايترو ئي هاءَ پروفائل آهي ڇو ته هن کي ڇوڪرين جي هاسٽل تائين ائين رسائي ڪنهن عام شاگرد کي به نٿي هجي،

هينئنر انهن ڌرين کي به تحقيقات جي دائري م آندو وڃي جن نمرتا جا ڪاليج م ويڊيوز سوشل ڪري سندس ڪردار کي مشڪوڪ بنڻائي قاتل جي سهولتڪاري ڪئي گڏوگڏ وي سي سميت تمام اسٽاف جيڪو به هاسٽل سميت انتظامي عهدن تي موجود آهين انهن کي تحقيقات جي زمري م آندو وڃي ته  هڪ گرلز هاسٽل تائين ايتري ائپروچ ڪنهن کي ڪينئن ٿي ٿئي ته اهو اهو سڀ عمل ڪري قتل ڪري ايڏي آساني سان گم به ٿي وڃي ٿو ۽ ثبوتن کي ائين صاف ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري معاملي کي خودڪشي جو رنگ به ڏياري ٿو ته جينئن ئي خون به ڦٻي سگهي پر خون ۽ کٿوري ناهن لڪندا.


هن رپورٽ بعد پوليس جي سڄي تحقيقات تي سواليا نشان لڳي ويا آهن جيڪي رڳو ان معاملي کي صرف عليشقن ميمڻ ۽ مهراڻ ابڙو تائين فوڪس ڪيو بيٺا هئا ۽ گڏوگڏ هن معاملي جي ايف آئي آر به ٻيهر داخل ڪرڻ گهرجي جنهن م دهشتگردي،زنا ۽ قتل جا قلم لڳائي قاتل تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

هي واقعو سڄي سنڌ جي عزت ۽ غيرت تي هڪ چامٽ آهي پهرين نائلا رند جهڙا واقعا ته ادارن م موجود جنسي مافيائن کي ڦٻي ويا پر هن معاملي تي سنڌ جي شعور کي فوڪس رکي انجي تحقيقات کي حتمي نتيجي تائين پهچائڻو پوندو ته جينئن ادارن م استادن جي مقدس پيشي جي روپ م لڪيل جنسي درندن کي وائکو ڪري سگهجي.

سنڌ جي تعليمي ادارن م جڏهن کان شاگرد سياست جي دروازا بند ٿيا آهن تڏهن کان جن بحرانن جنم ورتو آهي اهي پنهنجي جڳه تي پر انهي عمل بعد سنڌ جي ورسٽين م جيڪو سڀ کان وڌيڪ طبقو متاثر ٿيو آهي اهو اسان جون نياڻيون ئي آهن.سنڌ جو زرعي قبائلي پٺتي پيل سماج جتي اسانجون نياڻيون اڳ م ئي گهرن کان وٺي اسڪولن ويندي ادارن تائين گهٽ ٻوسٽ واري ماحول م رهي پنهنجي دامن کي بچائيندي والدين کي ويساهن جا واعدا ڪري اعلي تعليم لاءِ ادارن م پهچن ٿيون پر هتي به جڏهن ساڳيا ڪِيس ٿين ته پوءِ ڏوه ڪنهنکي ڏجي؟؟؟

اهڙا واقعا هر والدين کي سوچڻ تي ضرور مجبور ڪن ٿا ته اهڙن حالتن م هو پنهنجي نياڻين کي  اعلي تعليم لاءَ موڪلڻ وقت سندن عزت ۽ زندگين کي داءُ تي لڳائڻ جو جوکم ڇو ۽ ڪينئن کڻن جتي جيڪڏهن ڪا نياڻي سائرا ٿهيم ۽ فرزانا جمالي جيان پنهنجي عزت جي بچاءُ واسطي استادن جي روپ م وحشي درندن اڳيان انڪار جي علامت بنجي انصاف جي گهر واسطي احتجاجي طريقو اپنائن ٿيون ته حڪومتي ادارن ۽ تعليمي ادارن جي بيحسي ڏسڻ وٽان هجي ٿي جو ساڻن انصاف ڪرڻ بجاءِ پهرين سندن خاندان ۽ بعد م کين ئي پنهنجو پاڻ کي عزتدار ثابت ڪرڻ لاءِ جتن ڪرڻا پون ٿا پوءَ انڪوائرين م معاملن کي الجهائي کين ايترو پريشرائز ڪيو وڃي ٿو ته يا ته هو تعليم کي خير آباد ڪن يا وري ماٺ م ئي ٺاه ڪندي معاملي کي لئءِ مٽي ڪن پر پو به اهڙين نياڻين جي جرئت ۽ عظمت کي سلام ئي پيش ڪري سگهجي ٿو جو هو پنهنجي عزت جو سودو ڪرڻ بجاءِ والدين جون باغيرت ڌيئرون ٿي پنهنجي والدين جي 

اعتماد تي پورو لهندي بغاوت جو علم کڻندي هن معاشري جي شعور کي جهنجهوڙي پاڻ سان گڏ بيهي انصاف جا واڪا ڪن ٿيون،

نمرتا جو خون حڪمرانن کان انصاف جي گهر ڪري ٿو،پيپلز پارٽي جيڪا عورتن جي حقن جي چيئمپئن سڏائيندي رهي آهي ۽ آصفا ڀٽو  جي نالي تي قائم ڪيل هن ڪاليج م لاڙڪاڻي اندر ٿيل ئي واقعو سندن ساک لاءِ پڻ سواليا نشان آهي ۽ جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ اچڻ بعد معاملو اڃا واضح ٿي ويندو پر انهي ڳاله کي يقيني بڻايو وڃي ته هن معاملي تي وري به  پوليس ادارن حڪومت کي شفاف نموني انصاف جي تقاضائن کي پورو ڪري قاتل کي پڪڙي  نشان عبرت بنايو ويندو ته جينئن نه صرف نياڻين مان عدم تحفظ وارو احساس ختم ٿئي پر والدين جو به اهو ٽٽل ويساه بحال ٿي سگهي ته هو پنهنجي نياڻين کي اعلي تعليم طرف وٺي اچن جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته سماج م موجود انتشار اڃا وڌندو ۽ ايندڙ وقت م جيڪا انارڪي سبب جيڪي به صورتحال پئدا ٿيندي انجي سڄي ذميوراي حڪومت وقت تي هوندي.

پاران: فدا حسين ملڪ گهوٽڪي

Dated:07-11-2019


Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *