paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

نون صوبن جو شوشو ۽ ملڪي سالميت

 (نون صوبن جو شوشو ۽ ملڪي سالميت)

ڪجه ڏينهن کان ٻيهر هن ملڪ م نون صوبن جي شوشي زور ورتو آهي ان مئل گهوڙي م جيتوڻيڪ ساه پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملتان  جي جلسي م اهو بيان ڏئي وڌو ته ”پ پ پ هميشه سرائڪين جي محرومين تي آواز اٿاريو آهي ۽ پ پ پ جڏهن ايندڙ اقتدار م آئي ته ڏکڻ پنجاب کي تخت لاهور کان آزاد ڪرائي سرائڪين کي سندن سڃاڻپ واپس ڪرائيندي“ پر هن ڳاله کي نوازليگ ان وقت سيريس ورتو جڏهن جلسي جي ٻين ڏينهن تي ڏکڻ پنجاب سان لاڳاپيل ن ليگ جي ارڙهن صوبائي توڙي قومي اسيمبلي ميمبرن استعفائون ڏئي سردار بلخ شير مزاري جي اڳواڻي م سرائيڪي صوبه محاذ جوڙي سرائيڪي صوبي جي قيام جو باضابطامطالبو ڪيو ۽ سرائڪين جي احساس محرومي ۽ نظرانداز ڪرڻ جا به الزام هنيا.
ڪاله ئي نوازليگ جي چونڊيل وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو اهو بيان به ميڊيا جي زينت بڻيو آهي جنهن م موصوف فرمايو آهي ته  ”الڳ صوبي جي آواز رڳو پنجاب نه پر بلوچستان،ڪي پي ڪي ۽ سنڌ ۾ به اچي رهيا آهن جيڪڏهن انتظامي بنيادن تي صوبا ٺاهڻا آهن ته ان لاءِ سڀني جماعتن م اتفاق راءِ ضروري آهي باقي ڪنهن هڪ جماعت جي مطالبي تي  رڳو پنجاب م صوبا نٿا ٺاهي سگهجن ۽ آئيني ترميم ڪا هڪ جماعت نٿي ڪري سگهي ان لاءِ صوبن متعلق معاملا اتفاق راءِ سان طي ٿيڻ گهرجن انلاءِ سڀ جماعتون اليڪشنز منشور م اها ڳاله شامل ڪن ته پاڪستان جي بهتري لاءِ نوان صوبا ٺاهڻا پيا ته اسين نوان صوبا ٺاهيندا سين پو اليڪشن بعد ويهي اهو مسئلو حل ڪندا سين باقي پريس ڪانفرنسن سان صوبا نٿا ٺاهي سگهجن “.
ساڳي طرح ڪاله  ڪراچي م ئي پنجاب جي وڏي وزير ميان شهباز شريف جو به بيان آيو آهي ته ”نون صوبن جي قيام لاءِ هڪ قومي ڪميشن جوڙي وڃي جنهن م چئني صوبن جا اڪابر شامل هجن جيڪا طيءِ ڪري ته ڪٿي ڪٿي نوان صوبا ٺاهي سگهجن ٿا“
هي معاملو جيڪو پريس بيانن تان شروع ٿيو آهي ۽ ڏسڻ م اچي پيو ته جينئن جينئن اليڪشنز ويجها ايندا ويندا هي معاملو اڃا اڳتي تائين ويندو ڇوته مختلف جماعتن وٽ نون صوبن جو راڳ هڪ آڪسيجن آهي جنهن ذريعي هو سياست ڪري پنهنجي سياسي بقا ڳولين ٿيون،اسان ان وقت به سمجهيو هو ته پ پ پ لاءِ ڀلي محض هي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جو هڪ ڪارڊ هجي پر نون صوبن جي ڳاله جا اثر ڦري گهري سنڌ جي سياست تي ضرور پوندا ڇو ته ماضي م سنڌ م سڀ کان وڌيڪ هن معاملي تي گوڙ ڪندڙ هڪ ئي ڌر ايم ڪيو ايم رهي آهي جيڪا  سدائين پ پ پ جي سنڌ ڪارڊ جيان مهاجر ڪارڊ استعمال ڪندي نفرتن جي سياست کي هٿي ڏئي اهڙا مطالبا بار بار ڪندي رهي آهي، ايم ڪيو ايم ڪڏهن تعصب پرستي جو ڳالهيون ڪندي آهي ته ڪڏهن ڪوٽا سسٽم واري ڳاله ورجائي احساس محرومي جو ڪوڙو ناٽڪ رچائيندي رهي آهي جنهن جو حقيقت سان ڪوبه تعلق ڪونه آهي، ان ڏس م سطحي ڳالهين کان اڳتي اچي جيڪڏهن اسين 73 جي آئيم تي غور ڪندا سين ته 
1973 جي آئين جو آرٽيڪل 239 جو ڪلاز 4 ان ڏس م اسانجي رهنمائي ڪري ٿو ته ”جيڪڏهن نون صوبن جي قيام جو ڪو به مطالبو ٿئي ٿو ته ان صوبي جي صوبائي اسيمبلي2/3 اڪثريت سان قررداد منظور ڪري ته پو لاڳاپيل صوبي جي حدن م فير گهير ٿي سگهي ٿي“
مان سمجهان ٿو ان آئين تحت سنڌ م ڪنهن به نئين صوبي جي ڪابه گنجائش ناهي ڇو ته سنڌ جو مجموئي جماعتون اهي ڀلي پ پ پ ،ف ليگ سميت پارلياماني هجن يا پارلياماني  قومپرست جماعتون سڀ ان معاملي تي مڪمل طور متفق آهن ته سنڌ جي وحدت پاڪستان جي سالميت سان لاڳاپيل آهي ۽ سنڌ تاريخي طور هڪ رهي آهي ۽ هتي ڪنهن به صوبي جي ڪا گنجائش ناهي، رڳو ايم.ڪيو ايم ان معاملي تي بار بار ڌار صوبي جو راڳ شروع ڪري صوبي م.نفرتن جي ٻج کي ڇٽڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي رهي آهي،ماضي م ايم ڪيو ايم ته آئين.جي انهي آرٽيڪل 239 جي چوٿين ڪلاز جي خاتمي لاءِ به بار بقر قومي اسيمبلي م پلي بارگين ڪندي رهي آهي ته جينئن سندن ان خواب کي عملي جامو ملي،
شهابز شريف جو صوبن متعلق ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو مڪمل طور غير آئيني آهي جنهن کي رد سمجهيو وڃي ڇو ته اهڙا مطالبا آئين سان کيڏڻ برابر آهن ۽ اهڙا مطالبا ڪندڙن يا تجويزون ڏيندڙن کي هڪ دفعو آئين جو مطالعو ڪرڻ گهرجي،
سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ رهندي سرائڪي تحريڪ جي تاريخ تي نظر وجهبي ته اسان کي خبر پوندي ته سرائڪي پنجاب کان تاريخي طور الڳ قوم رهيا آهن سندن ڪلچر ثقافت پنجابين کان الڳ آهي ۽ ملڪ جي آزادي کان اڳ به بهالپور رياست موجود هئي جيڪا سرائڪي بئلٽ تي مشتمل هئي  ۽ پاڪستان جي قيام کان پو به بهاولپور رياست 1955 تائين تيسين قائم رهي جيسين ون يونٽ قائم ڪري اندس اها حيثيت ختم.نه ڪئي وئي ان بعد جڏهن ون يونٽ جو ڳٽ لٿو ته ٻين صوبن جي اصلي شناخت ته بحال ٿي پر بهاولپور رياست  کي پنجاب م ضم ڪيو ويو ان بعد اڄ تائين سرائڪي عوام پنهنجي حقن جي لاءِ آواز اٿاريندو رهيو آهي پر سنڌ جو ڪيس ان کان بنه مختلف آهي هتي هڪ ئي قوم آهي باقي جيڪي لڏپلاڻ ڪري هن ملڪ م آيا سنڌين کين جيءَ م جايون ڏنيون،سندن ٽين نسل سنڌ م جوان ٿي آهي جيڪي گهڻي ڀاڱي سنڌي آبادي م سلهاڙجي چڪا آهن پر ڪي ڌريون جيڪي نفرتن جي بنياد تي پنهنجي سياست کي زندا رکڻ چاهين ٿيون اهي بار بار تعصب،احساس محرومي جا ڪوڙق ناٽڪ رچائي ڌار صوبي جا مطالبا ڪندا رهيا آهن جن جو عوامي مفادن سان ڪو به تعلق ناهي،ساڳين ڌرين اردو آبادي کي بار بار ڪڏهن لسانيت جو خوف ڏياري پٺاڻن سان ٽڪراء م آندو ته ڪڏهن سنڌي اردو فساد ڪرايا.
سنڌ جو اڄ به اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌي سمجهي ٿو ۽ ڊاڪٽر اديب رضوي،عبدالستار ايڌي،حڪيم محمد سعيد تي اڄ به اسين اوترو ئي ناز ڪريون ٿا جيترو ڪنهن سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ تي ڇو ته سنڌ م رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي ۽ سنڌي ماڻهو سنڌ جي وحدت جي معاملي تي تمام حساس آهن سنڌي ماڻهو  اهڙي ڪا ڳاله ٻڌڻ به پسند ڪونه ڪندو جيڪا ڌرتي جي ورهاڱي بابت هجي ان لاءِاهڙن بيانن کان پاسو ڪندي انتشار نه پکيڙيو وڃي انهن ڌرين کي ياد هندو ته ماضي م پ پ پ حڪومت رڳو سنڌ م ٻٽو نظام لاڳو ڪيو هو ته سڄي سنڌ ٻري اٿي هئي ۽ ان شديد غصي ۽ ڪروڌ جي اها صورتحال هئي جو پ پ پ جا منسٽرز سرڪاري پوليس پروٽوڪول هوندي پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا هئا سندن گهرن آڏو هزارين ماڻهن توا ٽنگي ساڻن پنهنجي نفرت جو ڀرپور اظهار ڪيو هو جنهن سبب ڪجه ئي ڏينهن م ساڳي پ پ پ سرڪار اهو نظام واپس ورتو هو سو اهو سوچيو وڃي ته سنڌين جڏهن اهڙي ورهاڱي وارو مشڪوڪ نظام تي ايترو شديد رد عمل ڏيکاريو ته ڌار صوبي واري عمل تي هي ڪروڌ ڪاوڙ ڪيترو اڳتي وڃي سگهي ٿي، ان لاءِ نون صوبن جي راڳ کي مڪمل طور بند ڪيو وڃي ۽ سياست دانن کي گهرجي ته سياسي اسڪورنگ  لاءِ باه سان کيڏڻ جهڙن عملن کان پاسو ڪن ڇو ته صوبن جو موجودا حدون هن ملڪ جي سالميت سان لاڳاپيل آهن ۽ انهن م امڪاني ڦير ڦار ملڪي سلامتي کي داءُ تي لڳائي سگهي ٿي.
ليکڪ : فدا حسين ملڪ گهوٽڪي
Apr 16, 2018

Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *