paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

نياڻين لاءِ غير محفوظ بڻيل سنڌ جون ورسٽيون ۽ حڪومتي ذميورايون

 

نياڻين لاءِ غير محفوظ بڻيل سنڌ جون ورسٽيون ۽ حڪومتي ذميورايون

نياڻين لاءَ غير محفوظ بڻيل سنڌ جو ورسٽيون ۽ حڪومتي ذميواريون)

سنڌ پنهنجي تاريخ م هڪ تهذيب يافتا سماج طور مشهور رهي آهي ۽ هتي جي سماجي برابري ان سطح جي هئي جو موهن جي دڙي جو سماج مدر سري سماج طور اسان جي سامهون مثال آهي جتي عورت ئي فيصلا سازي م مرڪزي ڪردار جي حيثيت رکندي هئي ۽ سندس عظمت عزت سبب کيس ماتا سڏيو ٿي ويو،تاريخ م تارا ٻائي همون ٻائي سومرن جي دور م حڪمران رهيون آهن ۽ هتي  عورت کي ست قران سمجهيو ويندو آهي پر اها سنڌ جي تاريخ اڄوڪي دور م ميساربي پئي وڃي.اڄ جو دور جيڪو سائنسي ترقي جون منزلون طيء ڪندي سڌريل سماج جي هام هڻي پيو اتي سماجي قدر پٺتي پوندا پيا وڃن. عورت اسان جي سماج جي آبادي جو اڌو اڌ حصو آهي پر  سماجي برابري سندس لاءِ هڪ ڀيانڪ خواب ئي آهي هوءَ گهر اسڪول ڪاليج ورسٽي  توڙي ڪم ڪندڙ مختلف ادارن م به مردن طرفان جنسي سماجي جبر جو شڪار آهي.

سماج م موجود چند ئي سهي پر وحشي درندا انسانن جي روپ م اڄ به عورت کي سندس جائز عزت مان مرتبو ڏيڻ بجاءِ کيس هراسان ڪرڻ وري ڪرت سان لڳل آهن

هي موضوع ايترو ته وڏو آهي جو لکبو ته صفحا ڀرجي ويندا سو اڄ اسين سنڌ جي تعليمي ادارن م غير محفوظ ٿيندڙ نياڻين متعلق ڳالهائيندا سين،

سنڌ جا اعلي تعليمي ادارا اڄڪله نياڻين لاءِ هڪ شڪار گاه مثل بنجي چڪا آهن جتي هوا ڄائن کي جنسي هراسان ڪرڻ معمول بنجندو پيو وڃي اسان جڏهن تعليمي ادارن جي ڳاله ڪريون ٿا ته اتي اسان جي شعور جي آبياري ٿئي ٿي جتي گذريل ڪجه عرصي کان ادارن م جيڪا نياڻين کي هراسان ڪرڻ واري پرئڪٽس شروع ٿي آهي سا يقينا ڳڻتي جوڳي آهي اسان جي جاگيرداري قبائلي سماج م جتي هزارين نياڻين مان تمام گهٽ نياڻيون   والدين جا ويساه کڻي ادارن م اعلي تعليم لاءَ اچن ٿيون اتي اهڙي قسم جا ٿيندڙ واقعا ڇوڪرين جي ادارن م اچڻ اڳيان بند ثابت ٿيندا.

اڃا آصفا ڊنيٽل ڪاليج جي مرحوم نياڻي نمرتا جي پراسرار موت واري سوڳ جي سڪتي مان سنڌ نڪتي ئي ناهي ته ڪاله اهي خبرون ميڊيا تي آيون ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي م فارميسي ڊپارٽمنٽ جي فورٿ ايئر جي شاگردياڻي سائرا ٿهيم  پنهنجي نبض ڪٽي آپگهات جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن کي فوري طور طبي امداد ڏئي بچايو ويو ۽ کيس بعد م گهر منتقل ڪيو ويو جتي هن نياڻي اهو انڪشاف ڪيو ته يونيورسٽي م موجود ٻه استاد ٽيچرز ليڪچرار شفقت قادري ۽ پروفيسر احسان ميمڻ شاگردياڻين جي تذليل ڪن ٿا ۽ انهن مان  شفقت قادري جا هڪ شاگردياڻي سان نه صرف لاڳاپا آهن پر کيس ساڳيو استاد پرچا آئوٽ ڪرائي ڏئي ٿو ۽ سندس ئي چوڻ تي هن کي پنج سپليون لڳايون ويون ۽ سندس حاضري به گهٽ ڏيکاري وئي ۽ لاڳاپيل ڇوڪري پنهنجي ڊپارٽمنٽ هيڊ  ناهيد ميمڻ کي ڪمپلين به ڪئي پر ڪو نتيجو نڪرڻ بجاءِ معاملي کي دٻايو ويو جنهن سبب هن ڊپريشن م اچي اهو انتهائي قدم کڻڻ جو جوکم کنيو ڇو ته هن موجوب هوءَ استادن طرفان حراسان ڪرڻ سميت سموري صورتحال مان تنگ ٿي ذهني اذيت م مبتلا ٿي وئي هئي سندس والد چيو ته اسين ڳوٺن مان لڏي اولاد جي تعليم واسطي شهرن م آباد ٿيو ٿا پر هتي اعلي تعليمي ادارن م ٿيندڙ اهڙن واقعن جي دانهن ڪير ڇو نٿو ورنائي؟؟؟

صورتحال جو جيڪڏهن جائزو وٺبو ته خبر پودي ته جيسين سنڌ جي تعليمي ادارن م شاگرد سياست جو وجود هيو تيسين سوين اوڻاين باوجود به سنڌ جون نياڻيون ڪنهن نه قسم جي هراسان ٿيڻ کان محفوظ هيون جڏهن شاگرد سياست کي ادارن مان جبري ختم ڪيو ويو ته انجا جيڪي نتيجا نڪتا اهي اسان اوهس اڄ تائين ڀوڳي رهيا آهيون شاگرد سياست جي موجودگي م سنڌَ جي ادارن م ڪنهن انتهاپسند مذهبي جماعت جو ڪو جوجود نه هيو پر ان زوال بعد اسان اهو به ڏٺو ته لمس هي ئي شاگردياڻي نورين لغاري دائش جي هٿ چڙهي وئي جنهن کي لاهور مان آپريشن وسيلي بازياب ڪرايو ويو

سنڌ ورسٽي جي مارئي هاسٽل مان  سنڌي شعبي جي فائنل ائير اسٽوڊنٽ نائلا رند جو سندس ڪمري مان پکي م ٽنگيل لاش ائين ئي اسان کي مليو جينئن نمرتا جو سرد ٿيل جسم،

ويجهي ماضي م ئي اسان اڳيان نوابشاه م شهيد بينظرر يونيورسٽي م انگلش ڊپارٽمنٽ جي شاگردياڻي فرزانا جمالي سان سندس ئي ڊپارٽمنٽ جي استاد طرفان کيس مارڪن لاءَ جنسي حراسان ڪرڻ جو ڪيس به هائلائٽ ٿيو جنهن تي پڻ سنڌ جي شعور اهو ئي شديد ردعمل ڏنو جيڪو نائلا رند جي آپگهات توڙي  نمرتا جي خون ناحق وقت ڏنو پت اسان جي اهل اقتدار حڪمرانن جي ڪن تي جوئن به نه چري جو هنن اهڙن واقعن جي شفاف تحقيقات بجاءِ ڇوڪرين جي ڪردار تي ئي سوال اٿاري معاملن کي تضقدن طرف ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي.

اسين ڪينئن نه سمجهون ته هنن سڀني واقعن م انتظامي لاپرواهين سان گڏوگڏ حڪمرانن جي لاپراهي ۽ بيحسي پڻ واضح سامهون اچي ٿي جڏهن اهڙن واقعن م ملوث ڪردارن کي سزا ڏيڻ بجاءِ معاملن کي ڪنهن ٻين طرفن م ڌڪي الجهايو وڃي ٿو؟؟؟

آخراسان جي ورسٽيون نياڻين لاءِ صحتمند تعليم لاءَ محفوظ پناهگاهون ڪڏهن بڻجنديون؟؟؟

هنن واقعن کي بند ڪير ٻڌندو؟؟؟

ڇوڪرين کي مارڪن،حاضري سميت ٻين معاملن تي جنسي لاڳاپن حراسان ڪرڻ جو سلسلو آخر ڪڏهن رڪجندو؟؟؟

آئون سمجهان ٿو ته هي مجموئي طور تي حڪومت وقت جي ذميواري آهي ته عورتن سان ٿيندڙ جنسي حراسان وارن معاملن تي اسيمبلي مان قانون پاس ڪرائي ملوث جوابدارن جي سخت سزائن جو تعين ڪري ۽  نه صرف ادارن جي انتظاميا کي پابند بڻائي پر تعليمي ادارن م نياڻين لاءِ محفوظ ماحول کي يقيني بڻائڻ لاءَ تڪڙا اپاءَ وٺي ۽ ان معاملي تي سنڌ سطح تي هڪ نئون هراسمنٽ ڪمپلينٽ سيل جهڙو ادارو قائم ڪيو وڃي جيڪو نه صرف تعليمي ادارن پر سماج م هر عورت مٿان ٿيندڙ اهڙي استحصال کي سختي سان  روڪي.

هن وقت ورسٽين م هراسمنٽ ڪمپلينٽ سيل قائم آهن جن م موجود انتظاميا لاڳاپيل يونيورسٽين جي آهي ۽ اها ماتحت پڻ انهي ساڳئي انتظاميا جي آهي جيڪا خود نياڻين کي بهتر ماحول ڏيڻ م ناڪام آهن ته اهي هراسمنٽ سيل آزادي ۽ غير جانبداري سان ڪينئن ڪم ڪري رهيا هوندا ان جو اندازو ان مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته ڇوڪريون اتي ڪمپلينٽ ڪرڻ بجاءِ يا ته فرزانا جمالي جيان عوامي احتجاج  ڪن ٿيون يا وري ڪورٽ سان رجوع ڪن ٿيون  سو اهڙن پتلي نما لولن لنگڙن ڪمپلينٽ سيلز کي فوري طور بند ڪيو وڃي جيڪي معاملن جي شفاف جاچ بجائي انتظاميا سان ملي معاملا دٻائن ٿا.

سڌريل سنڌ جو خواب تيسين ساڀيان ڪونه ٿيندو جيسين اسين پنهنجي نياڻين کي صحتمند ماحول نه ڏيندا سين ۽ ادارن م شاگرد سياست جي بحالي لاءِ سماج جي هر ڌرکي اڳتي اچڻ گهرجي ته جينئن اهڙن واقعن م ملوث جنسي بگهڙ نما ڪردارن کي وائکو ڪري سگهجي هينئر به وقت ناهي ويو اچو ته سوشل ميڊيا سميت هر طريقو اپنائيندي ان گهر کي حڪمرانن تائين پهچايون ته ادارن کي جنسي بگهڙن کان پاڪ ڪري نياڻين  کي ذهني جسماني آذيتن کان بچايو وڃي ڇو ته جيڪڏهن هي خاموشي وڌيڪ برقرار رهي ته هي انڌ جو قانون ائين ئي هلندو رهندو ۽ اسين رڳو ڪڏهن نائلا ته ڪڏهن نمرتا جا لاش ائين ئي وصول ڪندا رهندا سي

ليکڪ : فدا حسين ملڪ گهوٽڪي

Dated:11:10:2019


Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *