paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

ووٽ جي طاقت کي سمجهڻ جي ضرورت

ووٽ جي طاقت کي سمجهڻ جي ضرورت




ووٽ جي طاقت کي سمجھن جي ضرورت
سنڌ حڪومت آخرڪار مڪاني چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري ڪري ڇڏيو آھي ۽ وري
سياست جا نوان معرڪا ٿيڻ ڏانھن وڃي رھيا آھن ۽ نوان سياسي اتحاد ٺھڻ جا
اشارا بھ نظر اچي رھيا آھن،نيون سياسي صفبنديون ٿي رھيون آھن پر ھن دفعي
جي صورتحال سنڌ م گذريل اليڪشن کان ٿوري مختلف ۽ دلچسپ انڪري بھ آھي جو
گذريل اليڪشن م سنڌ م فنڪشنل ليگ قومپرستن سان گڏجي پنھنجي روايتي حريف
پيپلزپارٽي جو مقابلو ڪيو ھو جنھن م پيپلزپارٽي اڪثر تڪن تان ڪاميابي
ماڻي ھئي پر ھن دفعي اھا فنڪشنل ليگ قومپرستن بجاءِ ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ
سان امڪاني اتحاد ڏانھن وڌي رھي آھي جنھن جو مثال ڪراچي م ڪجھ ڏينھن اڳ
فنڪشل ليگ جي اڳواڻ ڄام مدد علي جي رھائشگاھ تي اھا ٿيل گڏجاڻي آھي جنھن
م ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ شرڪت ڪئي پر سنڌ جي ڪنھن بھ قومپرست ڌر کي مدعو نھ
ڪيو ويو ھو.
سنڌ جي سياسي وايومنڊل م اھو عام ڏٺو ويندو آھي تھ جڏھن بھ اليڪشن ويجھي
ايندس آھي تھ سنڌ م نوان اتحاد وجود م ايندا آھن جن جي نعرن م تھ ھميشه
سنڌ جي ايجنڊا ھوندي آھي پر اليڪشنن کانپوءِ اھي غيرفطري اتحاد ختم ٿي
ويندا آھن ۽ انھن ماڻھن،پارٽين جي سنڌ دوستي جي دعؤي بھ ائين ئي گم ٿي
ويندي آھي جينئن اھي اتحاد،
اھا بھ ھڪ تلخ حقيقت آھي تھ سنڌ جي اليڪشني سياست آزادي کا وٺي
جاگيردارن،وڏيرن،پيرن،ميرن جي ڪنٽرول م رھي آھي جنھن ڪري سنڌ  ھميشھ
پنھنجي حقن جي حاصلات جي صرف گھرجائو ئي رھي آھي پرتيل،گئس،ڪوئلي سميت
قدرتي وسيلن سان مالامال امير سنڌ جا ماڻھو اڄ بھ غربت جي زندگي گھاري
رھيا آھن،
سنڌ م نااھل سياسي قيادت جي ڪري سنڌ ھميشھ ڀوڳيندي رھي آھي ۽ اھا بھ ھڪ
حقيقت آھي تھ   سنڌ م دوست قيادت جو فقدان رھيو آھي ۽ سنڌ م
 مڊل ڪلاس سنڌ دوست قيادت اڃا تائين اڀري ڪانھ سگھي آھي جيڪا سنڌ جي ڪيس
کي صوبي توڙي وفاق م صحيح نموني پيش ڪري ۽ سنڌ جا حق وٺي سگھي ۽ ٻيو تھ
سنڌ جي ماڻھن ووٽ جي سياست کي سنجيدگي سان ورتو ئي نھ آھي ۽ انجو نتيجو
اھو نڪتو آھي جو گذريل
67 سالن م سنڌ جي چونڊيل ايوان مان ڪيترائي سنڌ دشمن فيصلا ايندا رھيا آھن
جنھن ڪري سنڌ اڄ پنھنجي تاريخ جي نازڪ موڙ مان گذري رھي آھي،
سنڌ تمام گھڻن مسئلن کي منھن ڏئي رھي آھي جن مان ڪجھ جي نشاندھي آئون ھتي
ڪرڻ چاھيندس جيڪي سنڌي ماڻھن جي پارلياماني سياست کي سيريس نھ وٺڻ ۽ ووٽ
جي طاقت جي صحيح استعمال نھ ڪرڻ ڪري پئدا ٿيا آھن ۽ اسين انھن کي ڀوڳي
رھيا آھيون،
سنڌ جي شھرن م ڌاريا ماڻھو تيزي سان آباد ٿي رھيا آھن جنھن ڪري سنڌ جي
شھرن م بدامني عروج تي پھچي وئي آھي جنھنڪري
سنڌ ڌرتي تان سنڌي ماڻھن جو حق حاڪميت ختم ٿي رھيو آھي
۽
سنڌ جي شھرن تي ڌارين جو قبضو ٿي رھيو آھي،
سنڌ جي ٻھراڙين م ڌاڙيل ڪلچر،اغوا،ڦرون،ھٿ وٺي قبائلي جهڳڙا ڪرائي وڏيرين
جي اجارا داري قائم ڪرائي وئي آھي،
سنڌ جي پرائمري تعليم گوسڙو استادن،سيڪنڊري تعليم ڪاپي ڪلچر جي ڪري تباھي
جي ڪناري تي پھتل آھي،
سنڌ جي اعلي تعليمي ادارن م سازش تحت بدامني پئدا ڪرائي سنڌ کان تعليم کسي وئي آھي،

ڪراچي کان گھوٽڪي،بدين کان ٿرپارڪر تائين جي سنڌ جي صنعتي ادارن م سنڌي

ماڻھن لاءِ روزگار جا دروازا بند آھن،
اڃا بھ مسئلا تمام گھڻا آھن جيڪي اسان جا پنھنجا پئدا ڪيل آھن ڇو تھ اگر
اسان ھنن روايتي ماڻھن کي ووٽ ڏيڻ بجاءِ اگر صحيح قيادت جي چونڊ ڪئي تھ
اسانجا تمام گھڻا مسئلا پاڻ ئي حل ٿي ويندا
فدا حسين ملڪ گھوٽڪي

تاريخ : 19-12- ڇپيل روزاني اخبار سوڀ2013


Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *