paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

ڇا نادرا چيئرمين عدالتن،اسمبلين.قانون،ادارن کان مٿاهون آهي؟

ڇا نادرا چيئرمين عدالتن،اسمبلين.قانون،ادارن کان مٿاهون آهي؟


 گذريل ڏينهن ڪراچي لکين غير قانوني طور ترسيل ڌارين ماڻهن کي بنا تصديق جي شناختي ڪارڊن جو اجراءِ شروع ٿي چڪو آهي،اهو سڀ ڪم نادرا چيئرمين عثمان مبين جي خاص مهربانين سان سر انجام ڏنو پيو وڃي جنهن نادرا جي قانونن کي باءِ پاس ڪندي ڪراچي لاءِ خاص هدايتون جاري ڪيون آهن جتي عملي کي صبح 9 بجي کان رات 9 بجي تائين مسلسل ڪارڊ جاري ڪرڻ جا احڪام جاري ڪيا ويا آهن،ياد رهي ته ساڳئي چيئرمين عثمان مبين کي سندس انهي مشڪوڪ سرگرمين ۽ قانون کان مٿانهن عملن سبب گذريل گهرو وزير جي دور م سندس عهدي تان فارغ ڪيو ويو هو

هاڻي جيڪڏهن اها مهم جيڪا مڪمل طور ڪنهن خاص اشارن تي ذاتي،سياسي،مافيائي مفادن تحت اداري کي استعمال ڪندي شروع ڪئي وئي آهي جنهن سان ڪجه ئي عرصي اندر ڪراچي سميت ملڪ م رهندڙ لکين غير قانوني آباد ٻاهرين ملڪن جي شهرين کي پاڪستاني شهريت ڏئي ڇڏيندي،اهي به رپورٽون آيون آهن ته ڪراچي مان چئن ڊپٽي ڊاريڪٽرن کي عهدن تان برطرف ڪيو ويو آهي انهن جو ڏوه اهو هو ته هنن پرڏيهين کي ڇنڊڇاڻ بنا ڪارڊ جاري ڪرڻ واري مذڪورا چيئرمين جي اهڙي نادري حڪمن کي لکت م ڏيڻ جي گهر ڪئي،

نادرا جي ڪارڪردگي جيڪا ماضي م پڻ سواليا نشان ۽ مشڪوڪ رهي آهي اتي هن وقت اهڙا غير سنجيدا ۽ غير قانوني عمل ويتر نادرا جي ساک کي عوام جي نظرن م ڪيرائيندا ڇو ته ماضي م اهڙا گهڻا مثال اسان جي سامهون آهن،ڪجه سال اڳ ئي ڪراچي جي ئي علائقي لانڍي م هڪ لساني تنظيم جي سيڪٽر آفيس تان ڇاپي دوران رينجرز کي شناختي ڪارڊن جو ٻه ٻوريون هٿ آيون هيون جيڪي جيڪي ان سياسي تنظيم نادرا جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري ٺهرايون هيون ۽ انهن جو استعمال اليڪشنز م ٿيڻو هيو جيڪو رينجرز ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ ماضي م ناظم آباد مان اهڙين غير قانوني عملن سبب ئي اتان جي ڊائريڪٽر کي برطرف ڪيو ويو هو،

ڪراچي جي سياست جا به عجيب رنگ آهن جتي سياسي تنظيمون مافيائون بنجي اهڙن عملن جي منظم نموني نه صرف حمايت ڪنديون رهيون آهن پر انهن غير قانوني ترسيل ماڻهن کي شناختي ڪارڊن جي اجراءَ جون مهمون پڻ هلائينديون رهيون آهن انجو سبب اليڪٽورل سياست م پنهنجا ووٽ وڌائي اسيمبلين جي سيٽن جو حصول ۽ ڪراچي م پنهنجي سياسي ٺيڪيداري قائم ڪرڻ آهي،تازي مهم پڻ جماعت اسلامي جي انهن ڌرڻن لڳڻ بعد شروع ڪئي وئي جيڪي هنن نادرا جي دفترن آڏو هنيا،سياسي پارٽيون پنهنجي ننڍن ننڍن مفادن خاطر ملڪي سلامتي ۽ سالميت کي داءُ تي لڳائي رهيون آهن،ڪراچي ماضي م جڏهن بدامني جو ڳڙه بنجي ويو هو ته 2013 م سپريم.ڪورٽ   بد امني جو ازخود نوٽيس وٺندي حقيقتن تائين پهچڻ جو عمل شروع ڪيو جنهن جي شنوائين م لرزا خيز انڪشاف ٿيندا رهيا ته ڪينئن نه سياسي پارٽين رڳو پنهنجي سياسي اجارا داري کي.مظبوط ڪرڻ لاءِ ڪراچي کي لسانيت جي بنياد تي ورهايو ۽ هٿياربند گينگز جوڙي  شهر تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي امن کي خراب ڪيو،

سپريم ڪورٽ ڪراچي بد امني ڪيس م جيڪي احڪامات جاري ڪيا اهي واضح آهن جن م چيو ويو ته ڪراچي م 35 لک جي لڳ ڀڳ ڌاريا موجود آهن جن م افغانين،بنگالين،برمين جو تعداد وڌيڪ آهي ۽  ڀارت،ايران،چين،سريلنڪا جا شهري پڻ غير قانوني طور رهن ٿا جيڪي ڪراچي سميت ملڪ م دهشتگرد ڪارواين،ڏوهن ،بينڪن تي ڌاڙن،اغوا براءِ تاوان،هٿيارن،منشيات جي سپلاءِ م ملوث آهن ۽ موجودا صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون انهن جي  ڏيه واپسي کي يقيني بنائين ان بعد سنڌ توڙي وفاقي حڪومت اعلان به ڪيو هو ته پهرين مرحلي م ڊسمبر 2016 تائين افغانين کي ملڪ مان ڪڍي سندن ملڪ موڪليو ويندو پر انهي اعلان تي اڃا تائين عمل ناهي ٿيو، 

ايتيرو ئي نه پر ڀارت جي گرفتار جاسوس ڪلڀوشن يادو ادارن اڳيان اهو اعتراف به ڪري چڪو آهي ته هن جا ڪينئن نه ڪجه ڌرين.سان واسطا هيا جن.وسيلي هن ڪراچي م ڪاروايون ڪرايون،

پيپلز امن ڪميٽي جي عذير بلوچ پڻ ايراني جاسوس ايجنسي لاءِ ڪم ڪرڻ جو انڪشاف ادارن اڳيان ڪري چڪو آهي،

هڪ لساني تنظيم جا ته باقائدا انڊين ايجنسي سان واطا رهيا ۽ کائن هو فنڊ پڻ وٺندا رهيا جيڪا ڳاله سڀني سامهون آهي ته اها پارٽي هندستان مان ڪيترائي شهري آڻي کين هتي ضباد ڪرائيندي رهي آهي جن جو اڄ به وڏو تعداد ڪورنگي م موجود آهي،اهڙا ڪجه مثال اسان جي اکين آڏو آهن تازو ئي.ڪراچي مان هڪ 53 رڪني افغاني گروه جا ست ڄڻا گهرن مان وارداتون ڪندي سوگها ڪيا ويا ته هنن وٽان جهجي تعداد م اسلحو رقم زيور موبائل فونون ۽ سندن ٺهيل پاڪستاني شناختي ڪارڊ پڻ مليا جن جي بازيابي لاءِ سندن گروپ پاران پوليس جي اعلي عملدارن کي افغانستان مان ڌمڪي آميز ڪالون اينديون رهيون،ڪجه عرصو ئي صدر،ڊفينس جي علائقن مان هڪ اهڙو چيني شهرين جو گروه به پڪڙيو ويو جيڪو ATM مشينون مان پئسا ڪڍندو هو،

سو ڳاله اها آهي ته ڪجه جماعتن جي ونگار وهي يا ڪجه جماعتن جي احتجاج سبب پريشر م اچي اهڙا احڪام جاري ڪرڻ ڪٿان جي دانشمندي آهي؟؟؟؟

ملڪ م دهشتگردي خلاف ويڙه هلي رهي آهي ۽ تمقم گهڻي نقصان بعد اسان جي ادارن پاليسي مرتب ڪري نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو جينئن دهشتگردن جي چيله چٻي ڪري ملڪ مان دهشتگردي جي پاڙ پٽي سگهجي سو اهڙا عمل خود ملڪي سلامتي سان کيڏڻ آهي ڇو ته ماضي م  به نادرا جي ئي غير سنجيدگي ۽ لاپرواهي سبب آمريڪي ڊرون حملي م ماريل طالبان ڪمانڊر ملا منصور جو به پاڪستاني شناختي ڪارڊ ٺهيل مليو هو جنهن پڻ نادرا جي ڪارڪردگي ۽ ڪم.جي طريقي ڪار تي عالمي ليول تي سوال اٿاريا،

هن وقت جڏهن بغير تصديق ڇنڊڇاڻ جي غير قانوني آباد لکين بنگالين افغانين برمين ڀارتي شهرين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا ويا ته انجي ذميوراي ڪير کڻندو ته اسان جا دشمن ملڪ انهي موقعي مان فائدو وٺندي پنهنجا جاسوس هتي موڪلي انهن هٿان هن ملڪ کي دهشتگردي ڪرائي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندا؟؟؟

ماضي م انجا ڪافي مثال موجود آهن ان باوجود اهڙن عملن جو ورجاءُ ڇاٿو ظاهر ڪري؟؟؟

هي نادرا چيئرمين جو هٿ ٺوڪيو فيصلو سپريم ڪورٽ جي احڪام جي نفي آهي ته اسميبلين ۽ حڪومتي اعلانن جي به نفي آهي ته نيشنل ايڪشن پلان جي به نفي آهي،

ايين صوبائي حڪومت، وفاقي حڪومت،سپريم.ڪورٽ توڙي فوج سميت اعلي اختيارين کان پرزور  مطالبو ڪريون ٿا ته عثمان مبين جهڙي ماڻهو کي هڪدم سندس عهدي تان هٽائي سندس خلاف تحقيقات ڪرائي وڃي ته هن ملڪي سلامتي سان کيڏڻ واري سندس ان عمل پٺيان ڪهڙيون ڌريون ۽ طاقتون آهن گڏوگڏ  شناختي ڪارڊن واري اجراءِ جي هي مهم هڪدم منسوخ ڪئي وڃي ۽ ڇنڊ ڇاڻ بعد  شناختي ڪارڊ جاري ڪيا وڃن ۽ جيڪي پرڏيهي هتي غير قانوني يا قانوني طور ترسيل آهن انهن کي.ملڪي شهريت ڏيڻ بجاءِ الڳ خاص ڪارڊ جاري ڪيا وڃن ته جينئن انهن پرڏيهين جي رجسٽريشن به ٿي سگهي ته جينئن سندن ملڪن ڏانهن واپسي واري عمل کي يقيني بڻائي ملڪ م استحڪام پئدا ڪري سگهجي،
 فدا حسين ملڪ گهوٽڪي
 Mar 16, 2018

Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *