paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

ڇا هڪ مضبوط مخالف اتحاد پ پ پ کي سنڌ مان آئوٽ ڪري سگهندو؟؟

 (ڇا هڪ مضبوط مخالف اتحاد پ پ پ کي سنڌ مان آئوٽ ڪري سگهندو؟؟؟)

سنڌ م جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي پنهنجي آزاد اقتدار جا ڏهاڪو سال مڪمل ڪرڻ بعد هينئر وري سندرا ٻڌي ميدان م لٿل آهي ۽ اليڪشنز جي تاريخ طيءِ ٿيڻ بعد پيپلز پارٽي سميت سنڌ م پارلياماني سياست جي ٻين ڌرين به پنهنجي سر اليڪشنز جو هوم ورڪ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي،هن وقت سنڌ م هي اليڪشن جينئن جينئن ڏينهن ويجها ايندا پيا وڃن ته صورتحال هر ايندڙ ڏينهن م دلچسپ کان دلچسپ تر ٿيندي پئي وڃي،ڪراچي جي سياسي صورتحال کي ڏسجي ته اتي ايم ڪيو ايم جي ڪمزور ٿيڻ ۽ ڌڙابندين بعد پئدا ٿيل سياسي خلا کي پر ڪرڻ لاءِ هر ڌر پنهنجي سر ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي جن م ڪراچي ليول تي ايم ڪيو ايم حقيقي لانڍي،ملير،شاه فيصل،ڪورنگي وارن تڪن تي ڀرپور تياري ڪندي نظر پئي اچي ته اتي جماعت اسلامي،مصطفي ڪمال  پنهنجي سر حيدرآباد جي اردو علائقن ۽ ڪراچي مان وڏيون سيٽون ڪڍڻ جي دعوي ڪندي نظر اچن پيون ته پيپلز پارٽي به هن دفعي ڪراچي م سياسي سرگرميون ايم ڪيو ايم جي انهن حصن م به شروع ڪري چڪي آهي جتي هنن سالن تائين منهن نه ڪيو هو ۽ ساڳي طرح سان تحريڪ انصاف پڻ هن دفعي موجودا سياسي ماحول جو فائدو وٺندي ڪراچي کي سيريس وٺي اليڪشن ڪيمپين شروع ڪري چڪي آهي،هن دفعي ڪراچي جي سياست م ڪجه نوجوان سنڌي قيادت جي انٽري هڪ نئون تجربو ضرور آهي اهي کٽن ٿا يا نه اهو هڪ الڳ بحث آهي پر سنڌ جي نوجوانن جي ڪراچي جي پارلياماني سياست م دلچسپي ۽ اهڙي انٽري مستقبل م سنڌين لاءَ هڪ سٺو سنئوڻ ثابت ٿيندي ڪراچي م ٽن مختلف صوبائي تڪن تي عوامي راج تحريڪ جو نوجوان دوست سيد خليل شاه،ميان الياس عباسي ۽ عمران ميمڻ هن دفعي آزاد حيثيت م بيهڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن جيڪي گذريل ڏهاڪو سالن کان سنڌ جي سياسي سماجي اشوز تي ڪراچي م ڪافي متحرڪ نظر آيا آهن ۽ سندن ڪردار بالڪل شفاف آهي مان سمجهان ٿو اهڙن نوجوانن جي سڄي سنڌ م بيهڻ سان ڀوتارڪو جمود ضرور ٽٽندو ۽ ويجهي مستقبل م ڀوتارڪي نظام لاءِ هي نوجوان خطري جي گهنٽي کان گهٽ نه هوندا، ڪراچي کان علاوا باقي سنڌ جي موجودا سياسي صورتحال تي نظر ڦيرائجي ته اسان کي منظم انداز م ٽي ڌريون ئي اليڪشنز م بيهندي نظر اچن ٿيون جيڪي سڄي سنڌ م هڪٻئي سان مدمقابل بيهنديون هڪ پيپلز پارٽي جنهن کي اليڪشني سياست جو وسيع تجربو آهي ۽ اها گذريل ڏه سال اقتدار م رهڻ بعد ٻيهر شهيد ڀٽي جي  سياسي نعري هيٺ مظلوميت جو راڳ ڳائي عوام م لهي پئي،ٻي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جيڪا سڄي سنڌ م يارنهن قومي ۽ ڇٽيه صوبائي تڪن تي اميدوارن جو اعلان ڪري چڪي آهي جنهن جي قيادت سنڌ دوست ، باصلاحيت ۽ سٺي ساک رکندڙ آهي ۽ سيد جلال محمود شاه توڙي سيد زين شاه کي خانداني توڙي شخصي طور سنڌ دوست  ڪردار ۽ هميشه سنڌ جي مفادن سان گڏ بيهڻ سبب عزت جي نگاه سان ڏٺو ويندو آهي ۽ ٽين ڌر آهي پير صاحب پاڳاري جي صدارت م جڙيل  گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جنهن م قومي عوامي تحريڪ جي اياز لطيف پليجو ،ارباب رحيم سميت سنڌ جي پارلياماني سياست جا وڏا نالا شامل آهن جيڪي هميشه پنهنجي پنهنجي تڪن م شخصي اثر هيٺ ووٽ وٺي اسيمبلين تائين پهچندا رهيا آهن ان کانسواءَ سنڌ ترقي پسند پارٽي هوئن ته رجسٽر ناهي ٿي سگهي پر   سندن چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پڻ نوابشاه  جي قومي تڪ تان آصف زرداري ۽ قاسم آباد جي صوبائي تڪ پي ايس 62 تان پ پ پ اميدوار خلاف آزاد بيهڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي،
هينئر جيڪڏهن ماضي جي ڪجه حقيقتن کي نظر م رکندي ڏسئون ته ڇا پ پ پ پهرين جيان سنڌ م ڪلين سوئيپ ڪندي يا هن دفعي پ پ پ لاءَ  اڪثريت سان کٽڻ نه صرف ڏکيو پر ناممڪن ٿيندو پيو وڃي.
اسان 2013 جي اليڪشن جي قومي تڪن جو ووٽنگ سيٽ جو ڪجه جائزو وٺندا سين ته اسان کي خبر پوندي ته پ پ پ ڪينئن نه اڪثريت سان کٽيو ۽ سندن غرور جي پت به وائکي ٿئي ٿي اچو ته ڪجه جائزو وٺجي،
 انهن چونڊن م پ پ پ کي سنڌ جي مجموعي 61 قومي تڪن تي ڪل ووٽ 3487297 چوٽيه لک پيا هئا جڏهن ته سندس مخالفت م پيل مجموعي ووٽن جو تعداد 6404689  چوهٺ  لک آهي،
جڏهن ته ڪراچي جي 20 تڪن کي ڇڏي باقي 41 تڪن جي صورتحال ڏسجي ته اتي پ پ پ کي مجموعي ووٽ 31لک90825   ۽ پ پ پ مخالف گڏيل ووٽ 3207534 لک ووٽ پيا،
جڏهن ته 41 سيٽن مان پ پ پ 9 سيٽون هارايون،
 12 سيٽن تي ويه هزارن جي ليڊ سان کٽيو ۽ باقي بچيل ويهن تڪن تي پ پ پ جي مخالف اميدوارن جا گڏيل ووٽ پ پ پ اميدوارن کان وڌيڪ هئا مطلب ته جيڪڏهن انهن تڪن تي پ پ پ جي مقابلي م هڪ ئي اميدوار بيهي ها ته پ پ پ اهي ويه تڪ به هارائي رڳو سنڌ مان ٻارنهن سيٽون کڻي سگهي ها،
ساڳئي صورتحال هن وقت اڃا به مختلف آهي ڇو ته گذريل دور حڪومت م پ پ پ سنڌ م ڪيتريون کير جون نديون وهايون آهن اهو هر سنڌ واسي ڏسي پيو ۽ هن وقت ظاهري طور پ پ پ جي پوزيشن شايد 2013 کان به پوئتي آهي اهو ئي سبب هو جو پ پ پ قيادت انهن شين جو ادارڪ هوندي سنڌ جي سڀني ضلعن مان سڀني وڏن سردارن ميرن پيرن ۽  سياسي نالن کي پنهنجي ٻيڙي م سوار ڪري اليڪشن کٽڻ جو جيتوڻيڪ گر ته ڳولي ورتو پر هن وقت اها ساڳئي ئي پاليسي پ پ پ قيادت جي ڳچي م پوندي نظر پئي اچي جو هن وقت ڪافي ضلعن م سيٽون گهٽ ۽ اميدوار وڌيڪ هجڻ سبب اڳواڻ ٽڪيٽون نه ملڻ سبب پ پ پ کان پاسيرا ٿيندا يا ته آزاد حيثيت م بيهڻ جا اعلان پيا ڪن يا وري جي ڊي اي م وڃڻ جون تياريون پيا ڪن، ڄامشوري م پ پ پ جو ملڪ اسد سڪندر آزاد بيهڻ جو سوچي رهيو آهي،مخدوم خاندان پڻ سروري جماعت جي پليٽ فارم تان حر جماعت،غوثيا جماعت سان امڪاني اتحاد بابت سوچي پيو ۽ هو جي ڊي سان رابطي م آهن،گهوٽڪي جو مهر خاندان پڻ پ پ پ کان باغي ٿي آزاد حيثيت م يا جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهي سگهي ٿو ۽ مهر گروپ اڳواڻ علي گوهر مهر پير پاڳاري سان ملاقاتون پڻ ڪيو آهن،فنڪشنل ڇڏي پ پ پ م آيل نظير لنڊ ۽ بابر لنڊ پڻ ٽڪيٽ نه ملڻ سبب پارٽي ڇڏي سگهن ٿا،جيڪب آباد جا بجاراڻي پڻ گهربل سيٽون نه ملڻ سبب ڪاوڙيل آهن،قمبر شهدادڪوٽ ۾ چانڊيا ۽ مگسي سردار پڻ سيٽن جي معاملن تي ناراض آهن،جڏهن ته بدين ضلعي م مرزا خاندان ڪاله جي ڊي اي م باقاعدا شموليت ڪري چڪو آهي جنهن سان پ پ پ بدين جي سياسي سيٽ مان لڳ ڀڳ آئوٽ ٿيندي نظر پئي اچي،ٺٽي م پڻ شيرازين جي امڪاني شموليت سبب پ پ پ جي مقامي قيادت ڪافي ناراض آهي جڏهن ته نوابشاه م پڻ زرداري صاحب سان سندس ڀيڻ ۽ ٽي ڀيرا قومي تڪ تان ڪامياب ٿيل عذرا پيچوهو سيٽ نه ملڻ سبب ڪاوڙيل آهي،
ڏينهون ڏينهن صورتحال دلچسپ ٿيندي پئي وڃي ڇو ته هر مخالف اميدوار هاڻي جي ڊي اي جي ڇٽي هيٺ بيهندي نظر پيو اچي ۽ جيڪڏهن هن دفعي پ پ پ مخالف قوتون ملي ڪري سڀني قومي ۽ صوبائي تڪن تي پ پ پ جي مقابلي م هڪ ئي اميدوار آڻڻ م ڪامياب ٿي وڃن ٿيون ته پو شايد هن دفعي پ پ پ سنڌ مان سيٽون بالڪل به نه ڪڍي سگهي ڇو ته سندن ڪاڪردگي هن دفعي بالڪل به ٻڙي آهي،هنن ماڻهن م ڪجه ڊليور ناهي ڪيو ۽ اقتدار جي نشي م ايترا مغرور رهيا آهن جو پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جي جمهوري طريقن کي اپنائيندڙ هر ڌر کي لٺين ۽ واٽر ڪينن سان ڪُٽرائي ذليل و خوار ڪيائون،آبادگارن کان وٺي استادن تائين،وڪيلن کان وٺي پئرا ميڊيڪل جي عملي تائين جيڪا به ڌر سي ايم هائوس يا بلاول هائوس طرف مارچ ڪرڻ طرف وڌي هنن جو استقبال لٺين سان ڪري کين رتو رت ڪيو ويو ۽ جيل ڀريا ويا ٻيو ته ميرٽ جي لتاڙ،اقربا پروري سبب بيروزگاري م رڪارڊ اضافو ٿيو،
 انفرا اسٽرڪچر مڪمل تباه،تعليم پرائمري کان وٺي يونيورسٽين تائين تباهي ڪناري لڳائي وئي،صحت  جي ناقص سهوليتن سبب ٿر م سوين ٻارڙا مري ويا،سنڌ م غربت جي شرح م رڪارڊ اضافو ٿيو،بجيٽ  ۽ ترقي ڪاغذن م نظر آئي پر عوام اهو ئي بکيو رهيو.سنڌ جي پنجاسي سيڪڙو ماڻهن کي گٽرن ۽ غلاظت وارو پاڻي ڏنو ويو جنهن جو سپريم ڪورٽ  ۾ اڃا تائين ڪيس هلي پيو،مطلب ته پ پ پ جي ڪارڪردگي سنڌ م رڳو ڪاري وارا ڪک رهي آهي سو جيڪڏهن هن دفعي سنڌ م هڪ مضبوط پ پ پ مخالف الائنس ٺهي ٿو پوي ته پ پ پ جي تڏا ويڙه واضح نظر اچي پئي پر صورتحال هن وقت جيڪا بيٺي  آهي سا هن وقت به پ پ پ جي فائدي م نظر اچي پئي مثالطور ايس يو پي هن وقت جي ڊي اي کان ڌار بيٺل آهي ۽ ان سڀني تڪن تي پنهنجي پارٽي اميدوارن جو اعلان ڪيو آهي جن تڪن تي لازمي طور جي ڊي اي به پنهنجا اميدوار بيهاريندي ۽ تۡحريڪ انصاف پڻ سو جيڪڏهن ائين الڳ الڳ اميدوار پ پ پ سان مقابلي م هڪ هڪ تڪ تي بيهندا ته پ پ پ مخالف ووٽ ورهائجندو جنهنجو سڌو سنئون فائدو پ پ پ اميدوار کي پوندو ۽ 2013 جي چونڊن جيان پ پ پ اميدوار وڌيڪ مخالف ووٽ هجڻ باوجود پنهنجو سيٽون ڪڍي ويندا،
سڀ کان وڏو مثال قاسم آباد جو صوبائي تڪ پي ايس 62  آهي ۽ قاسم آباد ۾ سنڌ جو شهري مڊل ڪلاس رهي ٿو جيڪو تقريبا پ پ پ جو مخالف آهي ۽ سنڌ جي قومپرست سياست جو ماضي توڙي حآل م ڳڙه تصور ڪيو وڃي ٿو پر ان هڪ صوبائي تڪ تي هن وقت ٽي پ پ پ مخالف اميدوار چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن  جن م ڊاڪٽر قادر مگسي آزاد ،ڊاڪٽر دودو مهيري سنڌ يونائٽڊ پارٽي ۽ اياز لطيف پليجو جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان بيهندو سو هي ٽئي اڳواڻ هوئن ته پ پ پ جا شديد مخالف آهن  پر جيڪڏهن هي ٽئي اميدوار الڳ الڳ بيهندا ته انجو سڌو سنئون فائدو پيپلز پارٽي جي امڪاني اميدوار ڄام خان شوري کي پوڻو آهي ڇو جو پ پ پ مخالف ووٽ جيڪڏهن ٽن حصن م ورهائجي ويو ته پ پ پ اميدوار جي کٽڻ جا واضح امڪان موجود رهندا ۽ ساڳئي صورتحال سنڌ جي ڪافي تڪن تي موجود آهي، سو هن وقت اڳواڻن تنظيمن کي سنجيدا ٿي سوچڻو پوندو ته جيڪڏهن پ پ پ مان واقعي عوام کي نجات ڏيارڻي آهي ته پوءِ ذاتي انائن کي پاسي تي رکي سنڌ جي عوامي مفادن م فراخدلي جو مظاهرو ڪندي هڪٻئي کي برداشت ڪرڻو پوندو ۽ سهپ سان گڏجي ويهڻو پوندو ۽ هر هڪ تڪ تي پ پ پ مخالف هڪ ئي اميدوار کي متفقا سپورٽ ڪرڻو پوندو ته جينئن پ پ پ مخالف ووٽ کي گڏائي پ پ پ کي سنڌ مان آئوٽ ڪري سگهجي نه ته ٻي صورت هن وقت تائين پ پ پ هزار مشڪلاتن باوجود به سنڌ  مضبوط سياسي مخالف نه هجڻ سبب ڪافي بهتر پوزيشن م بيٺل نظر پئي اچي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا هن دفعي پ پ پ مخالف قوتون ملي ڪري پ پ پ کي سنڌ مان آئوٽ ڪرڻ م ڪامياب وڃن ٿيون يا ماضي جيان مضبوط متبادل نه هجڻ ۽ ڇڙوڇڙ مخالفتن هوندي پ پ پ وري سنڌ م ڪلين سوئيپ ڪري ٿي.
ليکڪ : فدا حسين ملڪ گهوٽڪي
Jun 4, 2018 

Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *