paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

ڪراچي م ترسيل پناهگير،نادرا جي ناقص ڪارڪردگي۽ نيشنل ايڪشن پلان

 ڪراچي م ترسيل غير قانوني پناهگير، نادرا جي ناقص ڪارڪردگي ۽ متاثر ٿيندڙ نيشنل ايڪشن پلان)

گذريل ڏينهن سنڌ هائڪورٽ  ۾ هڪ تمام اهم ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس جناب احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمر سيال تي مشتمل بئنچ  ڪئي جنهن م ڌاٻيجي واسي هڪ شهري هائڪورٽ م پٽيشن داخل ڪرائي هئي ته هو ڪيئي سالن کان خاندان سميت ڌاٻيجي م رهي پيو پر  پوليس سندس جو نالو فورٿ شيڊيول لسٽ م شامل ڪيو آهي جيڪو هڪدم هٽائڻ جو حڪم ڏنو وڃي ان بابت هائڪورٽ ۾ جڏهن ٻڌڻي ٿي ته اتي ڪجه وڏا انڪشاف سامهون آيا جيڪي يقينن نه صرف حيرت ناڪ پر ڇرڪائيندڙ به هئا ۽ اسان جي ملڪي ادارن جي ڪم جي طريقئڪار ۽ سندن ساک کي مڪمل طور سواليا بڻائيندڙ هئا.

ويجهي ماضي م ملڪ م ٿيل  اليڪشنز جي مهم دوران مستونگ م هڪ اليڪشن ڪارنر ميٽنگ م آپگهاتي ڌماڪو ٿيو هو جنهن م بلوچستان جي بااثر  سياسي رئيساڻي خاندان جي نوجوان سياسي اڳواڻ نواب سراج رئيساڻي کي ٽارگيٽ ڪيو ويو هو جنهن م هن سميت سئو کان مٿي معصوم شهري اجل جو شڪار ٿيا ۽ سوين زخمي ٿيا ان بعد سڪيورٽي ادارن تحقيقات شروع ڪندي جڏهن واقعي جا پيرا کنيا ته خودڪش حملي پٺيان حفيظ نواز نالي شخص ملوث قرار ڏنو ويو جنهن جا سهولتڪار شيراز ۽ ولي احمد پڻ گرفتار ڪيا ويا ۽  انهن کان مليل معلومات آڌار  ڌاٻيجي مان ڪجه گرفتاريون پڻ ڪيون ويون جيڪي سڀ ساڳئي عبدالحئي جي خاندان سان واسطو رکن ٿا ۽ اها رپورٽ سنڌ هائڪورٽ ۾ سنڌ جي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل مصطفي مهيسر صاحب جمع ڪرائي ته عبدالحئي جا وارث مستونگ ڌماڪي م ملوث هجڻ سبب ئي سندس مشڪوڪ ڪردار جيڪري پوليس هن جو نالو فورٿ شيڊيول م شامل ڪيو آهي،

جنهن تي چيف جسٽس سخت برهمي جو اظهار ڪندي فرمايو ته  سنڌ کي ادارن عالمي يتيم خانو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هتي افغاني ازبڪ تاجڪ بنگالي برمي بهاري ويٽنامي نه ڄاڻ ڪٿان ڪٿان جاماڻهو اچي آباد ٿي ويا آهن ۽ ادارن جي نااهلي سبب غيرملڪين کي قومي شناختي ڪارڊ به جاري ڪيا ويا آهن ۽ ايف آئي اي،سڪيورٽي ادارن ۽ نادرا چيئرمين کي نوٽس جاري ڪيا ويا ۽ نادرا کان پڇاڻو ڪيو ويو ته ٻڌايو وڃي ته ڪيترن پرڏيهن کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن ۽ ايس ايس پي ٺٽي کان پڻ ٺٽي م موجود تمام پرڏيهين جو ڊيٽا جمع ڪرائڻ جا پڻ حڪم ڏنا ويا. 

سپريم ڪورٽ جڏهن ڪراچي بدامني ڪيس جي ازخود ورتل نوٽس تحت فيصلو جاري ڪيو هو ته ان پڻ ان م واضح طور اهو چيو هو ته ڪراچي  م ٽيه کان چاليه لک پرڏيهي موجود آهن جن م ساڳئي ملڪن جا شهري آهن جن مان گهڻن پاڪستان جي شهريت پڻ حاصل ڪري ورتي آهي ۽ اهي ڪراچي سميت سڄي ملڪ م ٿيندڙ دهشتگرد ڪارواين ۽ ڏوهن م ملوث آهن ۽ گڏوگڏ نادرا سميت لاڳاپيل ادارن کي واضح احڪامات جاري ڪيا هئا ته اهڙن غير قانوني ترسيل پرڏيهين جي نيشنل ايلين رجسٽريشن اٿارٽي وسيلي رجسٽريشن ڪري سندن شناختي ڪارڊ هڪدم رد ڪيا وڃن ۽  سندن ملڪن م وطن واپسي کي فوري يقيني بنايو وڃي جنهن کان پوءِ حڪومتي سطح تي پڻ 2016 تائين انهن تمام پرڏيهيب جي وطن واپسي جا اعلان به ڪيا ويا پر اهي اعلان به محض اعلان ئي رهجي ويا ٻيو ته نادرا طرفان ان عمل بعد هزارين مشڪوڪ شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا هئا جيڪي پڻ ڪجه عرصو اڳ جماعت اسلامي سميت ڪجه سياسي ڌرين جي احتجاج بعد  بنا ڪنهن تصديق جي انبلاڪ ڪيا ويا ڇو ته ڪراچي جي سياسي ڌرين کي ملڪي مفادن کان وڌيڪ سندن سياسي مفاد عزيز آهن جو هو صرف اليڪٽورل پاليٽڪس م محض ڪجه سيٽن جي حاصلات لاءِ  اهڙن غيرقانوني ترسيلن کي مڪمل شيلٽر فراهم ڪن ٿيون جيڪي خود هڪ سڪيورٽي رسڪ آهن اهي ڳالهيون ڪي لڪيل ڪونه آهن ته  ڪراچي م افغانين کي اي اين پي ۽ جماعت اسلامي، بنگالين برمين بهارين کي ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي مڪمل سپورٽ ڪنديون رهيون آهن ۽ ايم ڪيو ايم جا ته انڊين ايجنسي سان واسطا به  ڪي لڪيل قصو ناهن رهيا.

پرڏيهي شهري ماضي م به ملڪ دشمن ايجنسين لاءِ سافٽ ٽارگيٽ  رهيا آهن جن وسيلي اهي ايجنسيون ملڪ م وقتا بوقتا افراتفري ۽ ڏڦيڙ ڦهلائينديون رهيون آهن جنهن جو هڪ مثال ڀارت جي گرفتار ڪيل جاسوس ڪلڀوشن ياديو جا انڪشاف آهن ته ڪينئن نه هن جا ڪراچي سميت بلوچستان م مختلف ماڻهن ۽ گروهن سان سڌا وسطا هئا جن وسيلي هو دهشتگردي ڪرائيندو رهيو ان کان علاوا ڪراچي مان هڪ 53 رڪني افغاني گروه جا ست ڄڻا گهرن مان وارداتون ڪندي سوگها ڪيا ويا ته هنن وٽان  پڻ جهجي تعداد م اسلحو رقم زيور موبائل فونون ۽ سندن ٺهيل پاڪستاني شناختي ڪارڊ پڻ مليا جن جي بازيابي لاءِ سندن گروپ پاران پوليس جي اعلي عملدارن کي افغانستان مان ڌمڪي آميز ڪالون اينديون رهيون،

ساڳي طرح صدر،ڊفينس جي علائقن مان هڪ اهڙو چيني شهرين جو گروه به پڪڙيو ويو جيڪو ATM مشينون مان پئسا ڪڍندو هو،

هن وقت ملڪ م دهشتگردي خلاف ويڙه هلي رهي آهي ۽ تمام گهڻي نقصان بعد اسان جي ادارن پاليسي مرتب ڪري نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو جينئن دهشتگردن جي چيله چٻي ڪري ملڪ مان دهشتگردي جي پاڙ پٽي سگهجي جنهن م ڪافي حد تائين ڪامياب نتيجا پڻ حاصل ڪيا ويا پر  نادرا سميت ڪجه ادارن جي ادارتي غير سنجيدگي يا لاپرواهي انهي سموري عمل تي واضح اثرانداز ٿي رهي آهي  نادرا جي ئي ادارتي لاپرواهي سبب آمريڪي ڊرون حملي م ڪوئيٽا ويجهو ماريل طالبان ڪمانڊر ملا منصور جو پڻ ٺهيل قومي شناختي ڪارڊ مليو هو جنهن بعد پڻ نادرا جي ساک تي عالمي سطح تي سواليا نشان لڳا،

جيڪڏهن ادارا پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪندا ته ان سان ملڪي سلامتي ڪمپرومائيز  ٿيندي جنهن سان نقصان ملڪ جي عوام جو ٿيندو جيڪو اڳ ئي هن ويڙه م ڪافي سال ٻارڻ طور استعمال ٿيو آهي.

هاڻي اسانجي ادارن کي گهٽ ۾ گهٽ ملڪي سلامتي کي نظرم رکندي واضح پاليسي مرتب ڪرڻي پوندي ۽  ملڪي مفادن جي تحفظ لاءِ فوري طور غير قانوني ترسيل ماڻهن کي نه صرف ڪڍڻو پوندو پر آئيندا به اهڙو لاحئ عمل جوڙڻو پوندو جينئن ڪوبه غير قانوني پرڏيهي پاڪستان م ڪجه پئسن عيوض شهريت حاصل نه ڪري سگهي.ڏسڻو اهو آهي ته ڇا حڪومتي ڌريون هن معاملي کي سنجيدگي سان وٺي اهڙي قانونسازي ڪري سگهنديون ۽ ادارن کي سختي سان ڪم ڪرڻ جي پابند بنائينديون يا وري اسين مستقبل م ٿيندڙ  ٻين دهشتگرد واقعن جو اڃا انتظار ڪندا سين.

فدا حسين ملڪ گهوٽڪي

Dated:21-12-2018


Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *