paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

گھوٽڪي سنڌ جو صنعتي ضلعو ۽ عوام جو درد

 گھوٽڪي سنڌ جو صنعتي ضلعو ۽ عوام جو درد

 

اتر سنڌ جو آخري ڇيڙو ضلعو گھوٽڪي بھ آھي جنھن جي اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ

ميڊيا م ھڪ عام سڃاڻپ قبائلي جھڳڙن،ڪارو ڪاري جھڙين ڪڌين رسمن م ويڙھيل

سماج ۽ سرداري،وڏيرڪي،جاگيرداراڻي ۽پيراڻي اثر ھيٺ رھندڙ ضلعي طور ٿئي ٿي

پر ھن ضلعي جي ھڪ ٻي سڃاڻپ بھ آھي اھو آھي ھن ضلعي جي قدرتي وسيلا ۽ ملڪ

جا اھم ضنعتي ادارا،

تيرنھن لک جي لڳ ڀڳ آبادي رکندڙ ھن ضلعي م مجموعي طور ھيٺيان وڏا ادارا

آھن جيڪي ھن ضلعي جي ڏيھ توڙي پرڏيھ م سڃاڻپ جو سبب آھن،

ملڪ جي ٻي وڏي گئس فيلڊ قادرپور گئس فيلڊ،

ماڙي گئس فيلڊ،

فوجي فرٽيلائزر پلانٽ،

اينگرو پاور پلانٽ،

لبرٽي پاور پلانٽ شامل آھن انکان علاوھ ٽي شگر ملون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي

ڪاٽن،فلور،رائيس ۽ آئل ملون اھن جيڪي سڀ مين رود سان اوھانکي واضھ نطر

اينديون،

گھوٽڪي ضلعو ڪراچئ کانپوءِ سنڌ جو ٻيون سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ ضلعو آھي

جنھن جو ساليانو اندازو لڳ ڀڳ ڇٽيھ ارب رپيا ٽيڪس ملڪ جي سرڪاري خزاني م

وڃي ٿو،رڳو قادرپور گئس فيلد مان روزانھ سٺ ڪروڙ جي گئس ڪڍي ملڪ جي سڀني

علائقن کي سپلائي ڪئي وڃي ٿي،

ھتي جون زمينون بھ تمام زرخيز آھن ۽ ھن ضلعي م تقريبا ھر فصل ٿئي ٿو پر

ھن ضلعي جي ڪپھ سڳي ملڪ م مشھور آھي جيڪا ملڪي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري لاءِ

استعمال ٿئي ٿي،

پر ھڪ ڳالھ جو افسوس اڃا بھ آھي تھ سنڌ جي ھن سرحدي ضلعي سان بھ ساڳيا

سور آھن جيڪي سنڌ جي سڀني ماڻھن جا آھن اھي آھن تھ ايترن صنعتي ادارن جي

ھئڻ باوجود ھن ضلعي جي ماڻھن تي قسمت جي ديوي اڃا تائين مھربان ڪونھ ٿي

آھي ۽ وڏيرڪي سماج جي پنجوڙ م فاٿل ھتان جو عوام اڄ بھ تعليم،صحت ۽

روزگار جھڙي سھولت کان محروم آھي،

ھتان جي سڀني صنعتي ادارن م مقامي ماڻھن لاءِ روزگار جا دروازا عملي طور

بند آھن پر ملڪ جي ٻين صوبن جا ماڻھو ھڪ مالھئ کان ايم ڊي جي پوسٽن تائين

ڇانيل آھن ايتري قدر جو گھوٽڪي جي ماڻھن کي چؤڪيداري جھڙِي نوڪري جي لائق

بھ نٿو سمجھيو وڃي ۽ لوئرگريڊ جي پوسٽن لاءِ بھ ٻين صوبن مان ماڻھو

گھرائي بغير ڪنھن اشتھار جي نوڪرين تي رکيا ويندا آھن،

اھوئي نھ پر جن ماڻھن جي زمينن تي اھي ادارا قائم ڪيا ويا ھئا ۽ جن ماڻھن

جي زمينن مان گئس نڪتي ھئي اھي اڄ تائين بھ جائز معاوضي توڙي نوڪرين کان

محروم رکيا ويا آھن،

ٻيو تھ ٺھيو پر انھن صنعتي ادارن جي زھريلي ڪيميڪل کي صحيح نموني

ماھوليات جي عالمي قانونن موجب خارج نھ ڪرڻ سبب انھن علائقن م چمڙي ۽

اکين جون بيماريون پکيڙبيون آھن جن تي اڄ ڏينھن تائين ڌيان ڪونھ ڏنو ويو

آھي ۽ انھن ادارن جي زھريلي پاڻي کي گھوٽڪي جي مختلف واھن م ڇڏڻ سبب ھتان

جي زراعت تي ناڪاري اثر اڃا تائين پئجي رھيا آھن،

اھو ھڪ بين الاقوامي قانون آھي تھ جتي بھ صنعتي ادارا قائم ڪيا ويندا آھن

تھ اتي ماحوليات جي تباھي جو خاص خيال رکيو ويندو آھي پر ھتي اھڙي ڪابھ

حڪمت عملي نھ انھن ادارن نھ ئي وري حڪومتي سطح تي نظر اچي ٿي،

ٻيو تھ ملڪي قانون موجب جتي اھڙا ادارا ھوندا آھن اھي انھئ لاءِ بھ ڪجھ

شرائط و قوابط رکيل آھن جن تي انھن کي عمل ڪرڻو ھوندو آھي،

مثالطور،

انھن صنعتن م مقامي ماڻھن کي روزگار م اوليت ڏني ويندي آھي،

ادارا انھن علائقن م ٽينيڪل ادارا قائم ڪرائي اتان جي مقامي ماڻھن کي

لاڳاپيل شعبن م فني مھارت ڏئي پنھنجن ادارن م روزگار ڏيندا آھن،

انھن علائقن م اھي ادارا تعليم ۽ صحت جي بنيادي شعبن کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ

سرگرميون ڪندا آھن ۽ مختلف وقتن تي فلاحي ڪيمپون ھڻي عوام کي مفت علاج

معالجي جي سھوليت ڏيندا آھن ۽ انھن علائقن جي تعليم جي معيار کي بلند ڪرڻ

لاءِ مقامي شاگردن کي اسڪالرشپس ۽ انٽرنشپس ڏيندا آھن

پر افسوس صد افسوس جو گھوٽڪي ضلعي م اھڙِ ڪابھ سرگرمي انھن ادارن طرفان

ڪانھ ڏٺي وئي آھي،

جڏھن ارباب رحيم سنڌ جو وڏو وزير ھو تھ ھن جي دؤر م سنڌ اسيمبلي م ھڪ

قرارداد منظور ٿي ھئي تھ ؛ ھر ضلعي جي ينعتي ادارن م مقامي ڊوميسائل

رکندڙ ماڻھن جو پھريون حق آھي ۽ انھن کي اوليتي بنيادن تي روزگار مھيا

ڪيو وڃي جتي جتي اھي ادارا قائم ھجن،پر گھوٽڪي جي ادارن جي سربراھن انھي

سنڌ اسيمبلي جي ايوان جي اڪثريت سان منظور ٿيل قرارداد کي ردي جي ٽوڪري م

فٽو ڪري ڇڏيو آھي ڇوتھ اڄ ڏينھن تائين اھڙي قرارداد تي عمل نھ ڪيو ويو

آھي،

آئون سمجھان ٿو تھ انتي عمل نھ ڪرڻ سنڌ جي چونڊيل نمائندن جي ايوان جي

توھين آھي پر سرڪار سڳوري بھ بس اھو قانون پاس ڪري جھڙوڪر پنھنجو فرض

پورو ڪيو جو اڄ تائين سنڌ سرڪار انھن ادارن کان بھ پڇاڻو ڪرن جي بھ زحمت

ڪونھ ڪئي آھي،

گھوٽڪي جا ماڻھو مختلف وقتن تي انھن ڏاڍاين خلاف جدوجھد ڪندا رھيا آھن پر

اھي سڀ غير سنجيدھ ھجڻ سبب ڪي نتيجا ڪونھ ڏئي سگھيون آھن،

ھتان جا چونڊيل نمائندا مھر سردار يا احمد علي پتافي صاحب بھ مختلف وقتن

تي صوبائي توڙي قومي اسيمبلئ م آواز اٿاريندي ھن اھم مسئلي بابت حڪومت جو

ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪندا رھيا آھن پر انھن جي دانھن بھ نھ تھ سرڪار سڳوري

ڪڏھن ٻڌي آھي نھ ئي وري انھن صنعتي ادارن جي مالڪن،

ايترو ئي نھ پر سانگھڙ جي ڪنھن گئس فيلڊ بابت ساڳئي ئي مسئلي تي سپريم

ڪورٽ م ھڪ آئيني پٽيشن تي ب سپريم ڪورٽ واضح فيصلو ڏنو آھي تھ جن علائقن

م صنعتي ادارا آھن انھن م مقامي ماڻھن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ اتان جي

مقامي ماڻھن کي اوليتي بنيادن تي روزگار ڏنو وڃي ۽ فلاحي ڪمن لاءِ عملي

طور رقم خرچ ڪري

 مسئلا حل ڪيا وڃن

پر مان سمجھان ٿو تھ انھن ادران اڃا تائين اھرن حڪمن تي عمل نھ ڪري ملڪ

جي اعلي عدليا جي بھ توھين ڪئي آھي،

اھو بھ ھڪ فطري عمل آھي تھ جڏھن ماڻھن کي انھن جا جائز حق نھ ملندا آھن

تھ ھو جدوجھد جا جمھوري طريقا اپنائيندا آھن پر اگر انھن کي بھ ڪو مان نھ

ملندو اھي تھ ماڻھن م بيچيني پئدا ٿيندي آھي اھا بيچيني ماڻھن کي بغاوت

تي مجبور ڪري غير جمھوري عمل ڪرڻ تي مجبور ڪندي آھي،

اھوئي سبب اھي جو اگر بنگالين جي جائز حقوق جي انڪار سبب ھو اسن کان ڌار

ٿيا ۽ وري اڄ بلوچستان جي صورتحال اسان جي سامھون آھي جتي جيڪي پڻ پنھنجا

جائز حقوق نھ ملڻ سبب اڄ ھن ملڪ جي وجود جا انڪاري ٿي رياست خلاف پھاڙن

تي چڙھي وڙھي رھيا آھن سو خدا نھ خواستھ ھتي بھ اگر مسلسل جمھوري آواز کي

مان نھ ڏنو ويو تھ گھوٽڪي جا ماڻھو بھ ڪنھن غير جمھوري عمل جو حصو نھ ٿين

جنھن سان ھن سنڌ ۽ ھن رياست جو نقصان ٿئي،

آئون ھتي گھوٽڪي جي عوام لاءِ عرض رکندس تھ اگر واقعي م گھوٽڪي جي صنعتي

ادارن جي مالڪي چاھي ٿو تھ پوءِ بيانن ءِ روايتي سياسي ٻٽاڪن کان اڳتي

وڌي سڀ سياسي مفاد پاسيرا رکي عملي طور جھدوجھد جي ميدان تي اچن ڇو تھ اڄ

جو دؤر پرنٽ،اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جو دؤر آھي تھ اسين انھن کي پنھنجي

جھدوجھد جو ھٿيار بنائي ھڪ ڀرپور عوامي تحريڪ جو آغاز ڪري پنھنجا حق

وٺون،

ھي مسئلو ڪنھن ھڪ سياستدان يا چونڊيل نمائندن جو نھ آھي ھي مسئلو ھر ان

گھوٽڪي ضلعي جي باشعور فرد جو آھي جيڪو ھتان جي عوام لاءِ سوچي ٿو،

اڃا بھ چپ ويھڻ سان ھي مسئلو جينئن جو تينئن رھندو ڇو تھ اگر اسانجي

صنعتي ادارن م ھتان جي ماڻھن کي روزگار مليو تھ ان سان ھتي بيروزگاري م

واضح گھٽتائي اچي ويندي،ماڻھن جو معيار زندگي بلند ٿيندو،

اگر انھن ادارن جا فلاحي طور تي مخصوص فنڊ گھوٽڪي واسين تي خرچ ٿيا تھ

صھت ۽ تعليم جي شعبن م بھتري ايندي ۽ عوام خوشحال ٿيندو،

گڏوگڏ آئون سنڌ سرڪار،وفاقي سرڪار کي بھ عرض ڪندس تھ ھاڻي گھوٽڪي واسين

کي انھن جا جائز حق وٺرائڻ م اڳتي اچن ۽ ادارن کي پابند بڻائن تھ ھو

گھوٽڪي واسين کي انھن جا جائز حق ڏئي انھن جي احساس محرومي ختم ڪن،

فدا حسين ملڪ گھوٽڪي

Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *