paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

جاڳو جاڙيجا….سما سک م سمهو

 

جاڳو جاڙيجا….سما سک م سمهو

 

سنڌ م وري مندرن کي ٽارگيٽ بڻائڻ جي نئين ريهرسل جي شروعات ڪئي وئي آهي

وري هڪ ڀيرو ٻيهر مدئجي م هڪ مندر کي ٽارگيٽ ڪيو ويو آهي؛انسانيت جا هي

منڪر ماڻهو آخر بار بار اهڙا غير انساني عمل ڪري اسان کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ

پيا چاهين جيڪو اسين سمجهي نه پيا سگهون؟

اسين بس بار بار روايتي احتجاجن،مظاهرن،هڙتالن،پريس بيانن کي ئي پنهنجي

فرض جي ادائگي سمجهي پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهيون،

ڇا اسان عملي طور تي سنڌ جي ڪنهن هڪ علائقي م ئي سهي ڪا عملي ڪوشش ڪئي

آهي هنن واقعن کي روڪڻ جي؟

اسان ڪا اهڙي ٽيم ويجيلينس ڪاميٽي جوڙڻ جو سوچيو به آهي جيڪا مندرن جي

حفاظت لاءِ ڪي عملي قدم کڻي؟

هي واقعا اوچتو ئي اوچتو هڪٻئي پٺيان ڪينئن شروع ٿيا آهن؟

هنن م ڪير ملوث آهن؟

هنن جا ڪهڙا مقصد آهن اهڙن واقعن ڪرائڻ پٺيان؟

هي واقعو رڳو هندن جي مندرن يا هنن جي مذهب تي حملو نه آهي،

هي حملا سنڌ جي انهي صوفي روح ختم ڪرڻ لاءِ ڪيا پيا وڃن جن کي اسان جي

وڏڙن رت جا ريج ڏئي زندا ۽ قائم رکيو،هي حملا اسانجي تاريخي

روايتن،رواداري،سنڌيت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيا پيا وڃن،

هي هندن جي نه پر سنڌ ۽ سنڌين جي مجموعي وجود جو سوال آهي……

هي ڪي غيرارادي واقعا ڪونه آهن هنن پٺيان جيڪي سازشون آهن اهي سچي ڪري ئي

لـڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا..

ٿورو غور ڪريو ته اوهان کي ڪڙِيون ڪڙي سان ملندي نظر اينديون……

سنڌ م پهرين سواتي پٺاڻن جي آمد،

انکان پوءِ وري سنڌ جي روڊن سان لڳولڳ غيرقانوني طور سرڪاري زمينن تي

مدرسن جو تيزي سان قيام وارو عمل جن تي مختلف بندش پيل تنظيمن جي جهنڊن

جي نمائش،

هڪ اندازي مطابق سنڌ م اهڙا سورنهن هزار غيرقانوني مدرسا وجود ۾ آيا آهن

جن مان ڪافي مدرسن تي مشڪوڪ سرگرميون ڏٺيون ويون آهن،

انهن مدرسن جو سڄو عملو غيرسنڌي،غير مقامي آهي،

وري هاڻي ٿورو عرصو اڳ ئي سنڌ جي روڊن سان لڳ سرڪاري زمينن تي افغاني

پٺاڻن جون نيون قائم ٿيندڙ خيما بستيون،

سنڌ جي مختلف شهرن م افغانين،تاجڪ،ٻين غير مقامي ماڻهن جي آمد،چرپر،انهن

جيون مشڪوڪ سرگرميون،

سنڌي هندن جي نوجوان نياڻين کي مذهب جي آڙ م زبردستي اغوا ڪري مذهب مٽرائڻ جا واقعا

وري ڪجه عرصو پهرين ئي پنگريو م ڀوري ڀيل جي لاش جي تذليل،

سيتا م هڪ ماڻهو کي توهين رسالت جي آڙ م سربازار باهه ڏئي ساڙِ مارڻ جو واقعو،

شڪارپور م حاجن شاهه ماڙئ واري جي درگاه تي به حملو،

شڪارپور م ئي ٻه دفعا ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي تي آپگهاتي حملا،

جيڪب آباد لڳ پير حسين شاه قمبر واري جي قافلي تي بم حملو،

هولي جي رات تي لاڙڪاڻي جي ڌرمشالي تي حملو ۽ بيحرمتي،

حولي جي ڏينهن تي ڪراچئ ۽ نئين دمبالي م هندن مٿان توهين اسلام جي آڙ م حملا،

وري هاڻي انکان پوءِ هي مندرن جي ساڙن جي واقعن جي سيريز جيڪا اڄ سوڌو جاري آهي….

هي سڀڪجه ڪو اچانڪ ڪونه ٿيو آهي هي سڀڪجه سيريز سان ٿيو آهي هي سڀ جا سڀ واقعا

حادثاتي ڪونه وجود م آيا آهن،

هي سڀ هڪ پلاننگ تحت ڪرايا ويا آهن،

سنڌ کي مذهبي انتهاپسندي جي طرف ڌڪي اسانکان اسان جو هي سنڌ وطن کسڻ جي

ناپاڪ سازش آهي…..

هڪ طرف سنڌ م غير مقامي ماڻهن کي آباد ڪيو پيو وڃي ته ٻي طرف اهڙن واقعن

م هندو برادري کي ٽارگيٽ ڪري هتان ڀڄائي لڏائي سنڌ جي آبادي جي توازن کي

بگاڙيو پيو وڃي،

سنڌ م هاڻي سنڌي ڳالهائيندڙ جيڪي 60سيڪڙو آهن انهن کي اقليت م آڻي سنڌ

وطن کسڻ جي سازش آهي….

ٻاهران ايندڙ ماڻهو ڌاريا آهن،غيرسنڌي آهن ۽ هتان لڏيندڙ ماڻهو سنڌي

آهن،سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ آهن،سنڌ جا تاريخي وارث آهن،

خدارا سمجهو سجاڳ ٿيو هندن جي تحظ کي يقيني بڻايو پنهنجي ڌرتي

بچايو…پنهنجي سنڌيت بچايو……

فدا حسين ملڪ گهوٽڪي

 May 9, 2014

Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *