paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

پيپلز پارٽي،سردار شاه، سنڌ جو آواز ۽ حقيقت

 پيپلز پارٽي،سردار شاه، سنڌ جو آواز ۽ حقيقت

ڪاله ٿر ڄائي پ پ پ ايم پي اي سيد سردار شاه اسيمبلي م هڪ جذباتي تقرير ڪئي جنهن م هن ايم.ڪيو ايم توڙي نواز ليگ توڙي ملڪي اسٽيبلشمنٽ تي خوب ڇوه ڇنڊي تاريخي حوالن سان سنڌ جو موقف پيش ڪيو

سيد سردار شاه کي سنڌ اسيمبلي م نوجوان سنڌ دوست طور چيو پيو وڃي پاڻ پنهنجي پهرين تقرير م به سڀ کي متاثر ڪيو هئائين پر اڄ ڏينهن تائين وري چپ جو هڪ طويل روزو رکي ڇڏيائين،

سندس تعلق پيپلز پارٽي سان آهي هڪ اها پارٽي جيڪا ظاهري توڙي پنهنجي جوهر م ماضي کان ئي سنڌ دشمن رهي آهي

سنڌيت جي آڙ ۾ سنڌين سان جيڪي جيڪي ويل وهايا ويا انهن م پ پ پ جو ئي سڌو هٿ رهيو آهي،

هتي انهن جو تفصيل لکيو ته ڳاله تمام گهڻي ڊگهي ٿي ويندي پر پوءِ به مختصر نشاندهي ڪندس

ڌارين کي سنڌ ۾ مستقل بنيادن تي آباد ڪرائڻ ۾ پ پ پ ملوث آهي اهي ڌاريا برمي هجن بنگالي هجن يا پٺاڻ هجن،بنگالين کي ڪراچي م زمينون ڏنيون ويون،بهارين جي آمد لاءِ رقمون مختص ڪيون ويون،پٺاڻن جي آڌرڀاءُ وقت احتجاج ڪندڙ سنڌين کي گولين سان پروڻ ڪيو ويو،

ايم ڪيو ايم جا ناز نخرا به پ پ پ سهندي آئي هنن جي بليڪميلنگ ڪري حيدرآباد ته هڪ ضلعو نه ڪري سگهيا پر الٽو سنڌ جي ورهاڱي جا نوٽيفڪيشن به پ پ پ ڪڍندي رهي،

ڪراچي جي تعليمي ادارن م سنڌي نوجوانن کي داخلائن جو مسئلو به حل ڪري ڪونه سگهيا،

سنڌ جي وسيلن کي وفاق جي جهولي م ڏيڻ واري به پ پ پ آهي،

سنڌ جي قومي تحريڪ جي اڳواڻن،ڪارڪنن جي جبري گمشدگين،چچري ماري ساڙي مارڻ جا سڀ واقعا پ پ پ جي دورن م ئي پيش آيا آهن مجال جو ڪنهن ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي هجي،

ٿر جي ڪوئلي م وفاق کي نمائندگي به ساڳي پ پ پ ڏني ٿر ڪول اٿارٽي جي آئيني جوڙجڪ ڪري،

وفاق توڙي مرڪز م حڪومتون هوندي پنجاب کان پنهنجا حق ڪونه وٺي سگهيا هاڻي پنجابستان پنجابستان ظلم ظلم جهڙا جذباتي نعرا پيا هڻن،

پنهنجي وفاقي حڪومت م سنڌ جو پاڻي،ناڻو واپس نه ڪرائي سگهيا هاڻي ڌاڙ گهوڙا ڪري رهيا آهن،

سنڌ جون زمينون ٽپي،ملڪ رياض کي ڀڳڙن مٺ به هنن ڏنيون آهن،

بحريا ٽائون،ذوالفقارآباد جهڙو سنڌ دشمن منصوبو به هنن يارن شروع ڪيو آهي جيڪو سنڌين لاءِ ٻيو ڪراچي ۽ سنڌ جي ڊيموگرافي لاءِ ڊيٿ وارنٽ جيان آهي،

سنڌ ۾ ڪرپشن جي جيڪا بازار گرم آهي 

منسثٽرن جي گهرن مان اربين رپيا نڪرن پيا،وڏيرن جي زمينن مان سون سان ڀريل بريفڪيس نڪرن پيا،ايان علي واري مني لانڊرنگ هجي يا لانچن ذريعي پيسي جي دبئي منتقلي هجي

،منظور ڪاڪا،انور مجيد،ڊاڪٽر عاصم جهڙا ڪردار سڀني جي سامهون آهن،

ميرٽ جو جنازو هجي يا ايم اي پرائويٽ ماڻهون کي يونيورسٽين جا وائيس چانسلري هجي يا هڪ مالهي کي ارڙهين گريڊ جي ترقي هجي سڀ پ پ پ جون ئي نعمتون آهن،

ڪهڙا ڪهڙا ڪِيس لکجن مختصر ڪندي ڪندي به لسٽ ختم ڪونه پئي ٿئي،

وري هر وقت پوائنٽ اسڪورنگ وقت پ پ پ سنڌ ڪارڊ ڪڍي قومپرستي جي چيمپين بنجي سامهون ايندي آهي سو مان ذاتي طور سمجهان ٿو ته هي تقرير قومپرستي نه پر هڪ سياسي اسٽريٽجي آهي

جينئن ته ڪافي وقت کان پ پ پ اسٽيبلشمنٽ جي هٿان سخت دٻاءَ م آهي زرداري ٽپي شرجيل ميمڻ پير مظهر خودساختا جلاوطني ڪيون گرفتاري جي اڳ جون ضمانتون پيا ڪرائين ڊاڪٽر عاصم عزير بلوچ،نثار مورائي،حضوربخش ڪلوڙ سڳورن اڳيان طوطي جيان ٻولي چڪا آهن ڊاڪٽر عاصم جي ويڊيو سيريز به ميڊيا تي اچڻ شروع ٿي وئي آهي

،سو مجموعي طور پيپلز پارٽي عتاب هيٺ اچڻ واري آهي انڪري هاڻي هاڻي موقعي جي مناسبت سان سنڌ ڪارڊ  استعمال پيا ڪن ماضي م اسان ذوالفقار مرزا وارو جذباتي ٽيلر به ڏسي چڪا سين قن وقت به نوجوان جذباتي ٿي مرزا کي شير سنڌ حق لقب پيا ڏين هاڻي به ڳاله ساڳي آهي جينئن سيد سردار شاه کي سارهايو پيو وڃي 

ڪالاباغ جيان ڌار صوبو واري ڳاله به ايم ڪيو ايم توڙي پيپلز پارٽي لاءِ هڪ پاپولر اشو آهي جنهن تي هو پنهنجي ووٽ کي ڪيش ڪرائيندا رهن ٿا

باقي ٻي ڪا ڳاله نه آهي سو دوست جذباتي نه ٿين اهڙين تقريرن تي هنن تقريرن جو سنڌ جي حقيقي ايجنڊا سان ڪو تعلق ناهي

ليکڪ فدا حسين ملڪ گهوٽڪي

Jun 18, 2016

Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *