paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

سنڌ م ڌارين آبادڪارن جي آمد ۽ سنڌ جي مستقبل جو سوال

 سنڌ م  ڌارين آبادڪارن جي آمد ۽ سنڌ جي مستقبل جو سوال



فوج جڏهن کان وزيرستان م آپريشن شروع ڪيو آهي ته اتان هن مهل تائين لڳ ڀڳ

پنج کان اٺ لک ماڻهو لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن جن م ڪجه افغانستان،ڪجه بنون م

ترسي پيا آهن باقي ماڻهن جو هڪ تمام وڏو انگ هن دفعي به هزار ڪلوميٽر کان

به مٿي جو مفاصلو طيءِ ڪري سنڌ طرف روانو ٿي رهيو آهن انهن جو موچارو

تعداد سنڌ جي مختلف ننڍن وڏن شهرن م پهچي پنهنجا خيما کوڙي به چڪو آهي،

سنڌ جيڪا ورهاڱي کان وٺي مسلسل ڌاري آباد ڪاري جي لاءِ هڪ سوني جهرڪي رهي

آهي اتي انهي ڌاري آبادڪاري تمام گهڻا ناڪاري اثر ڇڏيا آهن جن جا نتيجا

اڄ سنڌ جو عوام مختلف صورتن م ڀوڳي رهيو آهي،

ڌاري آبادڪاري سنڌ م هڪ ته آبادي جي توازن کي تمام بگاڙي ڇڏيو آهي ته ٻي

طرف ٻيا به شديد قسم جا مسئلا پئدا ٿي چڪا آهن جيڪا خود هاڻي سنڌ حڪومت

جي لاءِ چئلنج ثابت ٿي رهيا آهن،

ڌاري آبادڪاري جي ڪري ئي سنڌ م امن امان جو مسئلو وڌي ويو آهي انکان

سواءِ جتي جتي هي ڌاريا اچي آباد ٿي رهيا آهن اتي منشيات ۽ هٿيارن جو

وڪرو سرعام ٿي رهيو آهي،جنهن سان ڏوهن ۽ قبائلي جڳڙن م واڌ ٿي رهي آهي

ٻيو ته هنن ڌارين جي آمد سان سنڌ جو صوفي روح ۽ سڃاڻپ ميسارجي رهي آهي

ڇوته هي ماڻهو جيڪي هتي آباد ٿي رهيا آهن انهن سان سنڌ م مذهبي

انتهاپسندي تمام گهڻي وڌي وئي آهي ۽

گذريل ڪجه عرصي کان سنڌ م هڪ مسلسل تسلسل سان مذهبي انتهاپسندي جهڙن


واقعن جي هڪ مشق شروع ٿي وئي آهي جنهن سنڌ جي سيڪيولر ۽ صوفي ماڻهن م هڪ


ڳڻتي جي لهر پئدا ڪري ڇڏي آهي،


سنڌ جيڪا صوفي روايتن جي امين رهي آهي جتي بني نوح لاءِ امن آشتي  محبت ۽


انسانيت جا درس سمايل آهن،


سنڌ جنهن جي خمير م انسانيت ۽ مساوات آهي ان سنڌ جي وجود تي اڄ  وحشي نام


نهاد مذهبي ڳجهن جا لامارا آهن اڄ انهي صوفين جي امڙ سنڌ تي مذهبي جنوني


دهشتگردن جا پير پئجڻ شروع ٿي ويا آهن جن وٽ اسلام جي تشريح ئي پنهنجي


آهي  هو بندوق بردار دين جي نالي م لڪل دهشتگرد آهن جيڪي اسلام کي امن ۽


سلامتي جي دين بجاءِ تشدد جو دين ڪري فهلائڻ جا عادي آهن جن ماڻهن وٽ دين


جو تصور ئي ٻيو آهي انهن سنڌ جي صوفي روح کي هنن واقعن وسيلي ميسارڻ جي


ناپاڪ ڪوشش شروع ڪئي آهي،


ڏٺو وڃي ته ڪجه عرصي کان هٿ وٺي سنڌ کي انهي مذهبي تشدد،انتها


پسندي،فرقيواريت جي باه م ڌڪڻ جي سازش شروع ڪئي وئي آهي جنهن م ڪجه ڌرين


جا وڏا مفاد آهن جيڪي سنڌ جي هن مذهبي رواداري واري ماحل کي پنهنجي لاءِ


خطرو سمجهي رهيا آهن،


هتي اهڙن واقعن  لاڳيتي مشق شروع ٿي وئي جيڪا ڪا اتفاقي ڪونه هئي يقينن


ان م ڪن سگهاري ڌرين جو هٿ آهي جن جو مختصر جائزو هتي ڏجي ٿو جن سان هڪ


طرف سنڌ جي مڊل ڪلاس واپاري طبقي هندن م عدم تحفظ جي احساس جنم ورتو ته


ٻي طرف سنڌ جي مذهبي رواداري واري ماحول کي سخت ڇيهو رسيو،


  سڀ کان پهرين سنڌ م هندو نياڻِين کي زبردستي اغوا ڪي انهنجو زوري مذهب


تبديل ڪرائڻ جهڙا واقعا هڪ تسلسل سان شروع ٿيا ۽ انهن واقعن م ملوث ماڻهن


کي پناه ڏيڻ م سنڌ جي ڪجه پيراڻين درگاهن جي پٺڀرائي سان مذهب کي ڍال طور


استعمال ڪيو ويو انهن واقعن م هڪ واضح تيزي ميرپور ماٿيلو جي زبردستي


اغواڪري پرڻايل نياڻي رنڪل ڪماري جي ڪيس کانپوءِ آئي جنهن م سپريم ڪورٽ


جي   متضاد فيصلي هڪ طرف هن ملڪ جي انصاف جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا ته ٻي طرف


انهن وحشي درندا صفت ماڻهن جي فتح ٿي جن پهرين مذهب کي ڍال طور استعمال


ڪندي پنهنجا اهي انسانيت سوز ڪڌا ڪم پئي ڪيا انکان پوءِ ته هڪ اڻکٽ سلسلو


شروع ٿي ويو جو سڄي سنڌ م هندو نياڻيون اغوا ڪري مذهب جي آڙ م پرڻآيون


پئي ويون جيڪي ڪافي نابالغ پڻ هيون پر ڪورٽون به انهن ماڻهن سان مليل نظر


آيون جو ڄڻ انهن ماڻهن کي هندو نياڻيون مال غنيمت سمجهي اغوا ڪرڻ جي هڪ


قانوني لائسنس ملي ويو جيڪو سلسلو هاڻي تائين جاري آهي،


ٻي مشق سنڌ م بم ڌماڪن سان شروع ڪئي وئي جنهن م پهرين شڪارپور مان چونڊيل


ايم اين اي ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي مٿان ٻه ڀيرا آپگهاتي بم حملا ڪيا ويا جن


م هو محفوظ رهيو،انکان پوءِ وري شڪارپور م ئي هڪ درگاه سائين حجن شآه


ماڙِي واري تي بم حملو ڪيو ويو جنهن م درگاه جو گادي نشين سائين حاجن شاه


 سميت گهڻا ماڻهوشهيد ۽ زخمي ٿيا،وري اهڙو ئي حملو سنڌ جي مشهور پير غلام


حسين شاه قمبر واري تي ٿيو جنهن م هو پاڻ ته معجزاڻي طور محفوظ رهيو پر


هن جي هڪ پيٽي سميت ڪجه ٻيا ماڻهو شهيد ۽ زخمي ٿيا،


ٽِين مشق جي شروعات هتي ان وقت ٿي جڏهن سيتا شهر م هڪ چرئي ماڻهو تي  بنا


تصديق جي قرآن جي بيحرمتي جو الزام لڳائي هن کي پهرين تشدد ڪري ٿاڻي جي


ٻه ماڙ عمارت تان هيٺ فٽو ڪيو ويو پوءِ هن جي ڳچئ م رسو وجهي سڄي شهر جو


گشت ڪرائي مسلسل تشدد ڪري شهر جي چوڪ تي سرعام باه ڏئي ساڙي ماريو ويو،ان


واقعي کانپوءِ هڪ ٻيو واقعو جنهن سنڌ جي صوفي روح کي زخمي ڪيو سو ڀوري


ڀيل جي لاش جي تذليل ڪري انکي قبر مان ٻاهر فٽي ڪرڻ وارو واقعو هو جنهن


انسانيت کي ئي لڄائي ڇڏيو،


انکان پوءِ وري سڄي سنڌ م سورنهن هزار اهڙن مشڪوڪ مدرسن جو قائم ٿيڻ آهي


جيڪي سنڌ جي روڊن جي ٻنهي سائيڊن کان اسان کي عام جام ملندا جن م مقامي


ماڻهن بجاءِ غير مقامي ماڻهن کي انهن جي تبليغ ۽ ترويج ڪندي ڏٺو ويو جنهن


جي نشاندهي خود سرڪاري سيڪيورٽِ ۽ انٽيليجنس ادارا به هاڻي ڪري چڪا آهن


ته اتي مقامي ماڻهن کي دين جي نالي تي ورغلائي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي


تعليم ڏني پئي وڃي،


اهو سلسلو اتي ڪونه بيٺو اڃا به اڳتي ايندي سگهارين ڌرين هتي سنچ م


افغانين جي تمام وڏي لوڌ کي سڄي سنڌ جي روڊن سان لڳو لڳ سرڪاري زمينن تي


قبضا ڪرائي آباد ڪيو ويو جيڪي پڻ غيرقانوني ڪمن م ملوث ڏٺا ويا آهن ۽ سڄي


سنڌ م انهن جو تعداد هاڻي لکن تائين پهچي چڪو آهي سنڌ جي سيڪيورٽِ توڙي


انٽيليجنس ادارن انهن تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي پر حڪومت جي انهن تي اڃان


اک نه پئي ٻڏي،


هاڻي آخري جيڪي واقعا رونما ٿيان آهن اهي آهن هندو برادري تي توهين


مذهب،قرآن جي بيحرمتي جهڙا الزام هڻي انهن جي مال ملڪيتن کي ڦرڻ ۽ انهن


جي مذهبي عبادتگاهن تي حملا شامل آهن جنهن جا ٽيلر اسين لاڙڪاڻي م


مندرن،ڌرمشالا تي حملي،انهن کي ساڙڻ ،نئين دمبالي م هندو نوجوانن تي هولي


جي ڏينهن مذهبي توهين جا الزام لڳائي حملي ڪرڻ،ڪراچئ م هندو خاندانن مٿان


هولي جي دوران حملن جهڙن واقعن جي صورت م ڏسي چڪا آهيون،


انهن تمام واقعن کي پڙهڻ لانپوءِ اسان کي بخوبي اندازو ٿي وڃي ٿو ته هي


هاڻوڪا واقعا ڪي نوان نه آهن پر انهن تمام ماضي جي واقعن جون اخري ڪڙيون


آهن جن سان سنڌ م مذهبي نفرتن جا ٻج ڇٽي هتان جي ماڻهن م ب انتهاپسندانا


سوچ کي جنم ڏئي پنهنجا منظوم مقصد پورا ڪرڻ جي رٿابندي شامل آهي،


هڪ ٻي ڳاله ته انهن تمام واقعن وقت سنڌ جي ساڃاه وند طبقن،سول


سوسائيٽِي،سياسي،قومپرست ڌرين هميشه پنهنجو آواز احتجاج جي صورت م بلند


ڪري حڪومت کي جاڳائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي پر حڪومت شروع کان ئي روايتي


سستي جو مظاهرو ڪندي انهن واقعن تي هميشه ڪن لاٽار پئي ڪندي رهي آهي،


 سنڌ انهن سڀني واقعن تي پنهنجو هڪ مذهبي رواداري،سهپ،صوفياڻي سوچ جو


کليل اظهار احتجاج جي صورت م ڏيندي رهي  آهي جڏهن جڏهن اهڙن واقعن جنم


ورتو آهي ته سنڌ جا صوفي،لبرل،قومپرست دوست هميشه هندو برادري مان عدم


تحفظ جو احساس ختم ڪرڻ لاءِ هميشه گڏ بيٺا رهيا آهن ۽ انهن مذهب جي آڙ م


لڪيل وحشِين کي کليل نموني للڪاريو آهي پر پوءِ به حڪومتي سطح تي انهن کي


روڪڻ جا ڪي به جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا ته پوءِ سنڌ م اهو ڏينهن ب پري نه


آهي جو اسان کي پنجابي طالبان بعد سنڌي طالبان جي اصطلاح ٻڌڻ لاءِ ملي ان


کان پهرين جو ڳاله هٿن مان نڪري وڃي حڪومت کي سنجيدا اپاءَ وٺڻا پوندا،


سنڌ م پيپلزپارٽِي جي حڪومت آهي ۽ پ پ پ پاڻ دهشتگردن جي سڌي نشاني تي


رهي آهي پنهنجي پارٽِي چيئرمين جي سر جي قرباني ڏئي چڪي آهي،پ پ پ جي


موجودا چيئرمين بلاول  ڀٽو زرداري جا انتهاپسندن خلاف سخت بيان سامهون


ايندا رهيا آهن پر پوءِ به اتي حڪومت جي غير سنجيدگي سمجه کان ٻاهر آهي،


اسان سڀني سنڌين کي هاڻي عملي طور تي جاڳڻو پوندو ته اڄ هي جيڪي حملا


هندن جي مذهبي عبادتگاهن تي ٿي رهيا آهن اهو اسان لاءِ واضح پيغام آهي ته


اگر اسين اڃان به گهور ننڊ م ستل رهيا سين ته هي وحشِي سڀاڻِي شاه


عنايت،سچل،لطيف،قلندر جي روزن کي به بمن سان اڏاري اساسن جي صوفي روح کي


تباه ڪندا،

سنڌ جيڪا اڳي ئي ستر لک کان مٿي غير قانوني رهندڙ ڌارين جو بار برداشت

ڪري رهي آهي جڏهن سپريم ڪورٽ به ان ڳاله جو اعتراف ڪري چڪي آهي ته سنڌ م

امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ ۽ انتهاپسندي،فرقيواريت م غير قانوني ترسيل

ڌاريا ماڻهو ملوث آهن ته اهڙي موقعي تي وري ٻيهر هنن وزيرستان جي متاثرين

کي سنڌ م خوش

آمديد ڪري آباد ڪرائڻ جا اعلان سمجه کان ٻاهر آهن ته سنڌ جي حڪمران آخر

ڇا سوچي رهيا آهن؟


خدارا هنن وحشي رولاڪن کي سڃاڻو هي ماڻهو هتي سنڌ م ڪو مذهب يا پيار جو


پيغام نه پر سنڌ جي تباهي،بربدي جو پيغام کڻي اچي رهيا آهن انهن جي رستا


روڪ ڪيو هو محاذ تي ائين نه ٿئي جو سڀاڻِي اسانجو وجود خطري م هجي ۽ اسان


وٽ رڳو شرمساري کان علاوه ڪجه نه هجي

پاران؛ فدا حسين ملڪ

Jun 26, 2014

Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *