paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

PPP Mafia-Sindh public service commission-judicial system & youth of Sindh

 سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن،عدالتي نظام ۽ پئدا ٿيل مونجهارا

گذريل ڏهاڙي سنڌ هائڪورٽ حيدرآباد جي جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس محمد سليم جيسر جي سربراهي م جڙيل بئنچ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي خلاف هڪ وڏو فيصلو ڏيندي 2018 واري چٽاڀيٽي جي امتحان ۽ 2018 م ئي ڀرتي ڪيل ڊاڪٽرن جي ڀرتين کي ڪالعدم قرار ڏيندي معطل ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ پبلڪ سروس جي ويبسائٽ کي هڪدم بند ڪرڻ سميت ڪميشن جي جوڙجڪ ۽ انجي طريقئڪار کي ئي قاعدن قانونن جي ابتڙ قرار ڏيندي انهن کي به معطل ڪري ڇڏيو،اپيلن جي پيروي عوامي تحريڪ اڳواڻ ۽ ناليواري وڪيل ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو حيدرآباد بار جي صدر عشرت لوهار ۽ ايڊووڪيٽ ارشد خان پٺاڻ ڪئي جنهن دوران پبلڪ سروس ڪميشن لکت توڙي انٽرويوز جو ڪوبه رڪارڊ پيش ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي ۽ هڪ ڪلاڪ دوران صرف هڪ پٽيشنر جون مارڪون ٻڌائڻ کان به قاصر رهي جڏهن ته هڪ ٻي پٽيشنر هڪ ليڊي ڊاڪٽر هئي جنهن کي لکت امتحان م پاس ٿيڻ باوجود انٽرويو م فيل ڄاڻايو ويو ڀرتي نه ڪيو ويو جڏهن ته بعد م مقرري جا اشتهار ڏئي بنا لکت 1783 امتحان جي ميل ۽ ليڊي ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا ويا جنهن جو جواب پبلڪ سروس ڪميشن طرفان اهو ڏنو ويو ته 1989 واري ائڪٽ تحت اها انجي استدعا آهي ته جنهن اميدوار کي چاهين هو لکت م امتحان وٺن ۽ جنهن کان چاهين انٽرويو جيڪو پڻ آئين جي آرٽيڪل 25 سان مطابقت نه رکندڙ قرار ڏنو ويو جنهن مطابق ته هر شهري کي هڪ جهڙا موقعا برابري جي بنياد تي فراهم ڪيا ويندا.هي فيصلو ته اچي ويو ۽ ان تي مختلف حلقن م مختلف رايا سوشل ميڊيا کان وٺي هر هنڌ بحث جو موضوع بڻيل آهن پر 
هي جيڪو مانڌاڻ متو ۽ ڪورٽ هڪڙي ئي ڌڪ م سڀ ڪجه ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو ان تي ڪورٽ تي ته واقعي تنقيد ٿئي پئي ۽ ٿيڻ گهرجي پر ان سڄي واردات پٺيان بيٺل پيپلز پارٽي تي سنڌ جي جذباتي نوجوان جي ڪاوڙ جي تپش ڇو نٿي وڃي؟؟؟؟ 
هي سڄن معاملن پٺيان بنيادي ذميوراري ته انهي ڪمپني سرڪار تي ئي عائد ٿئي ٿي جنهن سڄي صوبي جو وهنوار ٺيڪيداري تحت هلايو آهي ۽ ادارن کان وٺي هر شيءَ جي ڀينگ ڪري اسان جي نسلن کي مفلوج بڻايو آهي،
سنڌ جا نوجوان ڀلي سياسي سماجي ذاتي مصلحتن ۽ مفادن تحت ڳاله کي وڙ وڪڙ ڏين پر هنن واقعن جا سمورا پيرا پ پ پ سرڪار ڏانهن ئي وڃن ٿا.
ڇوته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن متعلق عدالتي
فيصلي م جيڪي بنيادي نقطا جوڙجڪ جا آهن اهي نج آهن جڏهن انٽريوز سميت ٻيا رڪارڊ عملو پيش نه ڪري سگهيو ته اهو خود سواليا نشان آهي
فرض ڪريو ته
جيڪڏهن هن سڄي معاملي پٺيان ڪوڙن ڊوميسائلن واري اها مافيا آهي جيڪي سليڪشن کان رهجي ويا ته وري به سوال اهو ئي اڀرندو ته پ پ پ سرڪار جي نڪ هيٺان هي ڌارين کي ڪوڙا ڊوميسائل ڪينئن ٿا جاري ٿين ۽ اسان جي سنڌي نوجوانن کي سنڌ حڪومت ۽ سنڌي آفيسرن کي سوڙهو ڪرڻو پوندو ان لاءَ اسان جا وڪيل حضرات اڳيان اچن اسان کي هن معاملي م سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڇوٽ نه ڏيڻ گهرجي جذبات بجاءِ فهم سان هن فيصلي کي لفظ به لفظ سمجهڻو پوندو.
هن معاملي م وڪيل سجاد احمد چانڊيو سنڌ دوست وڪيل آهي سياسي سماجي معاملن م ائين نٿو لڳي ته اهو ائين استعمال ٿيندو سنڌ سرڪار جو پاند آجو ڪين سمجهڻ گهرجي اوهان سميت اها ڪنهنکي خبر ناهي ته پبلڪ سروس ڪميشن م ڪينئن نه نوڪرين کا وٺي انٽرويوز تائين ريٽ مقرر آهن
ٿيڻ ائين گهرجي ها ته جڏهن ٻيهر 2013 واري جڊيشل فيصلي بعد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي جوڙجڪ ٿي ته ان وقت اهي سموريون ڪميون ڪوتاهيون دور ڪيون وڃن ها جيڪي پهرين موجود هيون ۽ جديد طريقا رائج ڪيا وڃن ها پر هن دفعي به ساڳيو طريقو جوڙيو ويو ۽ سڌارن جي بجاءِ پنهنجا هٿ سڻڀا ڪيا ويا ته پوءَ اهڙن ادارن کي موقعو ڪينئن نه ملندو جو اهڙا فيصلا جاري ٿين جيڪڏهن هنن جو سسٽم ڪنهن طريقي پٽاندر هجي ها ته ٽن مهينن م لازمي طور پنهنجو دفاع ڪندي ڪجه رڪارڊ عدالت اڳيان پيش ڪن ها ۽ پنهنجو پاند آجو ڪرائين ها ۽ هي ته انٽرويوز جا ڪي به رڪارڊ نه ڏئي سگهيا ته ڪهڙن اميدوارن کان ڪهڙا سوال ڪيا ويا سندن ڪيترا ۽ ڪهڙا جواب درست هئا ۽ پوءَ انهن پٽاندر کين پاس فيل ڪيو ويو ته لازمي آهي انهن جي ساک کي سواليا نشان ته اچڻو آهي يا ٻيو نڪتو جيڪو 1989 واري ايڪٽ م آهي ته هو اها ڪميشن جي استدعا آهي ته هو جنهن اميدوار جو چاهين انٽرويو ڪري سگهن ٿا ۽ جنهن جو چاهين لکت مان ٽيسٽ وٺي سگهن ٿا ته ان پٽاندر گذريل سالن م ڪيترو نه انجو ناجائز استعمال ڪيو ويو هوندو،
عدالت 1989 واري انهي ائڪٽ کي به ڪالعدم قرار ڏيندي ان تحت وڌيڪ امتحان انٽريو ڪرڻ کان پڻ روڪي ڇڏيو ۽ وضاحت م اهو چيو ته هي ائڪٽ وجود ئي نٿو رکي جنهنڪري اڳيان امتحان پهرين واري رائج طريقي تي ورتا وڃن ۽ سنڌ حڪومت ان سلسلي م نئون قانون جوڙڻ چاهي ته ٻين پبلڪ سروس ڪميشنز ۽ ٻين ملڪن جي قانونن کان رهنمائي وٺي.
هن فيصلي م اهو ضرور هئڻ گهرجي ها ته اهڙن عملدارن کي اختيارن جي غلط تشريح ۽ غلط استعمال سبب نوڪرين تان هڪدم هٽائي کين گرفتار ڪرائي جيل ڀيڙو ڪيو وڃي ها ۽ سندن ضمانتن واريون رعايتون به ختم ڪيون وڃن ها ته جينئن قوم جي نوجوانن جي خوابن ۽ مستقبل سان کيڏندڙن جو حقيقي احتساب يقيني ٿي سگهي ها.
ان م ڪوبه شڪ ناهي ته هي فيصلو به جماندار جهان خان جي انصاف وارو ئي آهي پر پوءَ به مجموئي طور تي جيڪڏهن هنن معاملن جا پيرا کڻي غلط کي مڪمل غلط نه چئبو تيسين اهي ڪَيس پيا هلندا ۽ اڳتي به انهي امڪان کي رد نه سمجهو ته ادارن جي ڀينگ ۽ نااهلين سبب اڳتي به نوجوانن جي مستقبل مٿان هي ساڳيا قهري ڪات ائين ئي زور و شور سان پيا ڪرندا ڇو ته هينئر به 2019 واري امتحانن بابت به پٽيشنون اڃا عدالتن م ٻڌڻي لاءَ اچڻيون آهن هي ڪو پهريون دفعو نه پيو ٿئي ۽ جيڪڏهن قائدق قانون بهتر نه ڪيا ويا ته اڳتي به ائين ئي ٿيندو رهندو اوهين پاڻ فيصلو ڪريو ته پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين اسلم سنجراڻي کان وٺي سولنگي صاحب تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا 2003 کان وٺي هن مهل تائين ڪهڙا نتيجا آهن جن تي سواليا نشان ناهي لڳو.هن اداري سنڌ جي ميرٽ جي جيڪا سر بازار ريٽ مقرر ڪري نيلامي ڪئي آهن انهن کان ڪير واقف ناهي هتي سياسي اقربا پروري جا جيڪي داستان رقم ٿيل آهن ماضي جا اهي ڪنهن کان ڳجها آهن.اڳوڻي چيئرمين آغا رفيق استعفي بعد ڪهڙين ڳالهين جي نشاندهي ڪئي هئي.
اسان سمجهئون ٿا ته هنن سڄن معاملن پٺيان اسان جي هڪ ئي ڌر جي نااهلي شامل آهي جيڪا ڌر سنڌ جي سياسي اقتدار تي گذريل تيرنهن سالن کان اڇي ڪاري جي مالڪ آهي.
ڇا ڪوڙا ڊوميسائل پ پ پ سرڪار جي دورن م ناهن ٺهيا هنن ڪهڙي انهن جي رستا روڪ ڪئي آهي هي ته سنڌ م برمين بنگالين جي شهريت ۽ رهائش جا به سپورٽر آهن ۽ بحريا کي زمينن جي والار م ڀاڱي ڀائيوار جا شريڪ آهن.ڇا اهو ڪم صرف سنڌ جي سول سوسائيٽي ۽ قومپرست سياسي تنظيمن جو آهي ته هو انهن معاملن تي جدوجهد جس ميدان سجائين؟
سنڌ جي سياسي سماجي اقتصادي ڀينگ زمينن،وسيلن ۽ روزگار سميت نوجوانن جي استحصال جا سمورا پيرا پ پ پ ڏانهن وڃن ٿا
هڪ هڪ مسئلي پٺيان ڌاڙ گهوڙا ڪرڻ ۽ ائين ڪورٽن کي بار بار ڏوهي قرار ڏيڻ بجاءَ انهن مسئلن کي پئدا ڪرائيندڙ ۽ انهن جا جواز پئدا ڪرائيندڙ پيپلز پارٽي ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن جا رستا سوڙها ڪرڻا پوندا ۽ اها بيوروڪريسي جيڪا سنڌ جي ڪرتا ڌرتا آهي اها ڪوڙن ڊوميسائلن،انهن تي شاگردن جي سنڌ جي يونيورسٽين م داخلائن ۽ نوڪرين کان وٺي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪيل تباهين تائين جيڪا ملوث آهي انهن کي پنهنجي قلم زبان سان سماج ۽ سنڌ آڏو الف اگهاڙو ڪري ظاهر ڪرڻو پوندو۽ انهن جي رستا روڪ ڪرڻي پوندي سندن سماجي بائڪاٽ ڪرڻو پوندو ته جينئن سندن مردا ضمير کي ڪجه رهنڊ اچي. هاڻي وقت مصلحتن کان نڪرندو پيو وڃي جيڪڏهن هي معاملا ائين ئي رهيا ته ان م ڪوبه گمان ناهي ته اڳتي به اهڙا نتيجا رد ٿيندا رهندا ۽ اسين رڳو ادارن تي ڪاوڙ پيا ڪڍندا سين ضروري آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن م نشاندهي ڪيل خامين جي درستگي ۽ ٻين سڌارن لاءَ سنڌ حڪومت کي سوڙهو ڪجي ته جينئن اهڙو شفاف طريقئڪار جڙي سگهي جو ڪنهن ڪورٽ کي اهڙو اسپيس ئي نه ملي ته انهن معاملن تي هي فيصلا ڏئي نوجوانن سان وڌيڪ ويساه گهاتيون ڪن.
 فدا حسين ملڪ ڪراچي

Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *