paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

article on iba failure policy issues 2021

 


تعليمي پرتين بابت منظم پاليسي جوڑٹ گهرجي…!!



محکمہ تعلیم کی طرف سے ان خطوط کو پکارتے اب ہمیں جانے دو کی پالیسی کو واضح طور پر بیان کیا گیا ہے گزر تناسب ہو گا کہ 55 فیصد اور موضوع کے موضوع کی درجہ بندی گروپوں کی طرف اور یہ کہ 45 فیصد نمبر سے ہر ایک کی ریٹنگ گروپ میں لیا جانا چاہئے پیدا کر رہی ہے. پالیسی واضح طور پر چھ سے آٹھ ماہ قبل سے امیدواروں کی درخواست سے پہلے بنایا گیا تھا. امیدوار تیاری مکمل نہیں کر سکتے تو پھر سندھ محکمہ تعلیم یا IBEA کی کوئی غلطی نہیں ہے جو کامیابی کی تیاری جاری رہے گا نہیں. دوسرے مجھے لگتا ہے کہ امیدواروں کو جو سندھ میں بے روزگاری، جیسے پیشہ ور آقاؤں کی ہزاروں تک ناکام رہے ہیں کیونکہ وہ ان گروپوں میں سے کسی مایوسی کا سبب نہیں ہے میں مطلوب 45 فیصد نمبر لینے کے لئے میں ناکام رہے ہیں لیکن ساری چیزیں ان امتحانات میں کیونکہ ایک چھوٹا سا سمجھنے کی ضرورت ہے. وجہ انجینئرنگ میڈیکل کامرس نے بھی جن حیاتیات ایک آغاز نہیں ہے ایک پری انجینئرنگ کے طالب علم واضح ہے جس وہیت حیاتیات سیکشن صاف کر سکتے ہیں کہ فرض کا اطلاق کیا. میڈیکل طالبہ C.C. ینی کی ریاضی ہے
ہم اپنے اپنے مفادات سے آگے سوچتے ہیں اور ایجوکیشن ریفارمز ہم سندھ اور سندھ میں تعلیم کو بہتر بنانے کے لئے چاہتے ہیں. پر آمادہ ہو جائے کرنے کی ضرورت ہے. ہم تعلیم کے اصلاحات پر جانے کے لئے کرنا پڑے گا. ایک پاس کے لئے مانگ بہت بیمار ہے اور اگر ممکن ہو کرنے کے لیے نہیں ہے محکمہ 55 فیصد سے گزرتے مارجن کو کم نہیں کرتا، اس کے بعد محکمہ تعلیم کے امتیازات وخصوصیات کے امتیازات وخصوصیات کے لئے اور دوسری طرف اس کے اپنے پاؤں پر مارجن کو کم ذمہ دار ہوگا. کراسنگ بازو وجہ ثابت ہو گا کہ کیوں تمام سندھ یونیورسٹی پاس NTS میں IBA پاس کے مارکر میدان کو منتقل کرنے اور نقل و حرکت آگے بڑھ رہے ہیں یا کچھ مارجن کم ہو رہے ہیں تو پھر وہ ایک ہی اداروں سے پر منظور کیا جائے گا. یہ طے مارجن کا جواز پیش کرتے ہوئے، عدالت نے فٹ پاتھ کو بند ہو جائے گا اور محکمہ تعلیم میں کمی کرے گا این سی ایچ ڈی، نیشنل کی طرف سے دوسری طرف – بیوروکریسی اور اس معاملے پر واپس جب سندھ یونیورسٹی NTS کا فیصد بیٹھی ہے لیکن ہم گزر مارجن کے گھٹانے نہیں سمجھتے ملتوی کر دیا جائے گا وارنٹ کے محکمہ کیس مضبوط ہوں گے. پروگرام اور اے۔

هن سال فيبروري جي 27 تاريخ تي تعليم کاتي طرفان جونيئر اليمينٽري اسڪول ٽيچر JEST۽ پرائمري اسڪول ٽيچرز PST جون 37000 کان مٿي خالي پيل پوسٽون سنڌ جي تعليمي ميدان م هڪ ستاري جي حيثيت رکندڙ اداري IBA يونورسٽي پاران جاري ڪيو ويو جن جي آخري تاريخ 26 مارچ تائين رکي وئي جيڪي ڪاله مڪمل ٿي ويون هنن امتحانن م مجموعي طور تي چار لک ماڻهن فارم جمع ڪرايا جنهن مان سنڌ م بيروزگار نوجوانن جي تناسب جو چڱي نموني اندازو ٿئي ٿو ۽ سندن ڪاغذن جمع ڪرڻ توڙي سلپن جي جاري ٿيڻ واري عمل کي آنلائن طريقي سان مئنيج ڪيو ويو ۽ اهي ٽيسٽون ڪرونا سبب ٻه دفعا ڪينسل ٿيڻ بعي نيٺ 13 سيپتمبر کان 26 سيپتمبر تائين سنڌ ۾ ڊويزنل سطح تي مختلف مرحلن م منعقد ڪري ورتيون ويون.هن امتحان تي مجموئي طور تي سڄي سنڌ توڙي ملڪ جي مختلف حلقن جي نظر هئي ڇو ته ماضي م هڪ ته سنڌ م استادن جي ڀرتين وارو نظام سياسي نظام جي ڪمزوري رشوت اقربا پروري سبب متضاد رهيو ٻيو ته انهن ڀرتي ٿي آيل استادن به تعليمي نظام م ڪي خاص نتيجا نه ڏنا ۽ سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو اڳي جيان ساڳيو ٻڏل ئي رهيو ۽ امتحانن جو طريقيقار به اهڙو متضاد ۽ مبهم رهندو آيو جو ميرٽ ورو سوال پڻ بار بار اڳيان ايندو رهيو.سنڌ ۾ جي اي ايس ٽي ٽيسٽ ۾ 99 سيڪڙو کان به وڌيڪ اميدوار فيل ٿيا رڳو 1266 اميدوار پاس ٿيا جڏهن ته پاس ٿيندڙ شاگردن جي شرح 0.78 رهي
باقي سمورا اميدوار سنڌ حڪومت طرفان مقرر ڪيل معيارن مطابق پاس ٿيڻ ۾ ناڪام ٿيا جنهن جو اقرار صوبائي وزير سيد سردار شاه هڪ پريس ڪانفرنس م پڻ ڪيو.
سنڌ حڪومت جيڪا پاليسي ڏني هئي ان موجب ٽيسٽ ۾ مجموعي طور تي 55 سيڪڙو مارڪون جڏهن ته پيپر جي هر سيڪشن ۾ 45 سيڪڙو مارڪون کڻڻ لازمي هو ۽ ڪنهن به هڪ سيڪشن م 45 کان گهٽ مارڪون کڻندڙ فيل ڊڪليئر ڪيو ويو انجون مارڪون ڀلي مجموئي طور ڪيتريون به هجن جنهن سبب ئي تمام گهڻا اميدوار انهي پاليسي کي ڪواليفاءَ نه ڪري سگهيا ۽ هنن معاملي کي سنڌ ڪابينا ۾ پهچڻ بعد آئي بي اي سنڌ ڪابينا کي بريفنگ پڻ ڏني جتي مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو ڪجهه وزيرن جي راءِ هئي ته ٽيسٽ مشڪل هو، گهٽ نمبر وارن کي به پاس ڪرڻ گهرجي.
جڏهن ته ڪجه وزيرن مخالفت ڪندي چيو ته تعليم جي بهتري لاءِ ڪمپرومائيز نه ڪيو وڃي.
سندھ Jest PST
ھاڻ اچون ٿا انھن پوسٽن کي انائونس ڪرڻ جي پاليسي طرف تعليم کاتي سنڌ واضع پاليسي ڄاڻائي ھئي تـ پاسنگ ريشو %55 ھوندو ۽ سبجيڪٽن جا پيمانا ٺاھي درجا بندي گروپ ٺاھيا ويا ۽ ٻڌايو ويو تـ ھر درجا بندي گروپ ۾ %45 سيڪڙو جيتريون مارڪون کڻن لازمي ھوندو اھا پاليسي اڄ کان ڇھ ميھنا اڳ اميدوارن جي اپلائي ڪرڻ کان اڳ صاف واضع ٻڌائي وئي ھئي سو جيڪڏهن اميدوار تياري مڪمل ناهن ڪري سگهيا ته ان ۾ سنڌ تعليم کاتي يا آئي بي اي وارن جو ڪو قصور ڪونھي باقي جن تياري مسلسل جاري رکي سي ڪامياب ٿيا آئون سمجهان ٿو ته جيڪي اميدوار ناڪام ٿيا آهن اهي به انهي ڪري ٿيا آهن جو سندن ڪنهن نه ڪنهن گروپ م گهربل 45 سيڪڙو مارڪون کڻڻ م ناڪام ويا آهن انهن جو سبب نااهلي ناهي پر شين کي ٿورو سمجهڻ جي ضرورت آهي ڇو ته هنن امتحانن م سنڌ م وڌيل بيروزگاري سبب هزارن جي تعداد م انجنيئرنگ ميڊيڪل ڪامرس جهڙين پروفيشنل ڊگرين وارن نوجوانن پڻ اپلاءَ ڪيو هيو ته فرض ڪجي ته هڪ جيڪو پري انجنيئرنگ شاگرد جنهن بائيولاجي کي ڏٺو ئي ناهي شروع کان اهو ڪينئن بائلاجي وارو سيڪشن ڪليئر ڪليئر ڪندو ساڳي طرح جيڪو پري ميڊيڪل اسٽوڊنٽ آهي انکي مئٿاميٽڪس جي سيٽس،لاگرٿم،سميت ٻيا ٽررم ۽ ڪلڪيوليشنز ڪٿان اينديون ۽ اهڙي طرح اسلاميات اخلاقيات سماجي اڀياس جو به هڪ ئي سيڪشن هيو جيڪو سڀني لاءِ ڪامن هيو اقليتي نوجوانن لاءِ اخلاقيات بجاءِ اسلاميات جا سوال هيا ته هو اهي ڪيئن ڪليئر ڪندا ساڳئي طرح مسلمان شاگردن لاءِ اخلاقيات وارا سوال يا هندو مذهب سان سوال سندن رزلٽ تي باقائدا اثر انداز ٿيا ۽ انهي سبب ئي گهڻا اميدوار فيل ٿيا آهن، سو انهن شين کي به نظر م رکندي 45 واري پاليسي کي ٿورو جيڪڏهن نرم ڪري ٽيه يا پنجٽيه سيڪڙو ڪيو ويو ته مان سمجهان ٿو ته ڪافي اميدوار پاس ٿي ويندا ڇو ته موجودا پاليسي تحت ستر ۽ اسي سيڪڙو مارڪون کڻڻ وارا به ڪنهن نه ڪنهن هڪ گروپ م گهربل مارڪون نه کڻڻ سبب فيل ڊڪليئر ڪيا ويا آهن باقي جيڪي 55 سيڪڙو مارڪون رکيل آهن انهن م ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي وڃي ڇو ته ان عمل سان هڪ ته اسان کي جيڪو سنڌ م نوجوان استاد ڀرتي ٿي ملندو اهو سنڌ جي تعليمي سرشتي کي ضرور فعال ڪندو.ان کان پهريان به سنڌ يونيورسٽي طرفان استاد سٺ سيڪڙو مارڪن تي ٽيسٽون ڏئي پاس ٿي چڪا آهن.
اسان سنڌ ۽ سنڌ جي تعليم جو بھتر معيار چاھيون ٿا تـ اسان کي پنھنجي ذاتي مفاد کان ھٽي ڪري سوچڻون پوندو ۽ تعليم سڌارن جو ٻانھن ٻيلي بڻجڻون پوندو عام سبجيڪٽ پيرن ۾ %33 سيڪڙو تي بورڊن ۾ پاس ڪيو ويندو ھتي سنگت وري %30 سيڪڙو تي پاس جو مطالبو بـ رکي پئي جيڪو بلڪل بي جواز ۽ پنھنجي منشا وارو آھي جيڪو ممڪن ئي ڪونھي تعليم کاتي اگر %55 مان پاسنگ مارجن گھٽايو تـ تعليم کاتو پنھنجي پاڻ ميرٽ جي لتاڙ جي ذمري ۾ اچي ويندو ۽ ٻئي پاسي مارجن گھٽائي پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙي ھڻندڙ بـ ثابت ٿيندو ڇو جو اڳ سنڌ يونيورسٽي پاس اين ٽي ايس پاس ارڙھان ۾ آئي بي اي پاس سٺ سٺ مارڪن وارا بـ ويٺا آھن ۽ تحريڪون ھلائين پيا يا وري ڪي سنبرن پيا مارجن گھٽاڻو تـ وري اھي ساڳي ادارن کان انھي مارجن تي پاس ٿيڻ وارا انھي مقرر مارجن کي جواز ڄاڻائي ڪورٽ سڳورين جو رخ ڪندا ۽ تعليم کاتو ڪورٽن سڳورين جا پيو چڪر ڪٽيندو ۽ معاملو التوا م ويندو، جڏھن سنڌ يونيورسٽي اين ٽي ايس وارا سٺ سيڪڙو وارا ويٺا آھن تـ ائون نٿو سمجھان پاسنگ مارجن گھٽجي جي گھٽيو اڳين ٽيسٽن وارن جي ڪيس کي کاتو قوت بخشيندو ـ ٽئي پاسي اين سي ايڇ ڊي , نيشنل پروگرام ۽ ھڪ ٻئي تنظيم جا ماستر بـ سنڌ تعليم کاتي جي انڊر آندا ويا آھن وڌيڪ کاتي لاء فنانشل وڏا اشو ٿي سگھن ٿاـ
سڄي بحث جو نچوڙ اھو آھي پاسنگ ريشو برقرار رکي حقدارن کي حق ڏئي سنڌ سرڪار کي وري اڳين سال نئي چٽاڀيٽي ٽيسٽ ذريعي ماستر ڀرتي ڪرڻ گھرجن ان سان فيل ٿيندڙن کي تسلي بـ ملندي ۽ تياري ۾ ذوق شوق لڳل رھندو جي مارجن گھٽائي ڀرتيون ڪيون ويون تـ ھر ڪو ان سوچ ۾ ھوندو وري جڏھن ٽيسٽون ٿيون اسان جو بـ ان بنياد تي ڪم ٺھي ويندو.هن وقت پيپر ته مڪمل ٿي ويا آهن پر فائنل ميرٽ لسٽون اڃا ناهن لڳيون جيڪي مان
سمجهان ٿو ته ڪنهن پاليسي جي واضح ٿيڻ بعد ئي هڪ ئي دفعي م ظاهر ڪيون وينديون ۽ هن وقت سڄي ذميواري سنڌ سرڪار مٿان آهي ته هو انهي معاملي تي ڪيئن ۽ ڪهڙي پاليسي سان اڳتي اچي پئي ڇو ته آئي بي اي امتحانن وارو سلسلو ٿوري گهڻي انتظامي ڪوتاهين مئنجمنٽ اشوز هجڻ باوجود مجموعي طور بهترين طريقي سان سرانجام ڏنو آهي جنهن م اڳي جيان پيپرز آئوٽ ٿيڻ،نقل عام هجڻ،اميدوارن بدران ٻيا ماڻهو ويهڻ،پنهنجا نوازي واري تاثر کي مڪمل طور بند ڪري ڇڏيو آهي اڄ IBA ADMINISTRATION مٿان انتظام اڻپورا هجڻ ،پيپرز م غلطيون هجڻ واريون اڱريون ته ضرور کڄن پيون باقي ٻين معاملن م آئي بي اي انتظاميا پاڻ ملهايو آهي جنهن جا نتيجا ويجهي مستقبل م بهتر اچڻا آهن ڇو ته جتي سنڌ م ادارا مڪمل طور تي تباهين جي ڪنارن تي هجن اتي هي ادارا يقينن سنڌ جي انهي ڇاپ کي ختم ڪندا سنڌ جي تعليمي نظام جي ملڪي ليول تي جڙيل آهي،اسان کي وسيع تر مفادن کي نظر م رکندي انهن نتيجن کي مڪمل رد ڪرڻ بجاءِ انهن م پاليسي واضح ڪرڻ جي گهر ڪرڻ گهرجي ته جينئن هي امتحان جيڪي بهترين طريقي سان ورتا ويا آهن اهي ڪنهن تضاد م اچي ٻيهر التوا م نه وڃن جينئن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي عدالتي فيصلي بعد هاڻي اسين انجي بحالي جا خواب سينن م سانڍي اميدن جا ا لڳائي نبار لڳائي بيٺا آهيون ڇو ته اسان وٽ نظام م ادارا ايترا ڪمزور ۽ قانون ايترو سست آهي جو ان سان اسان جو نوجوان ئي وڌيڪ ڀڳتي پيو ان لاءَ اچو ته هنن امتحانن جي نتيجن کي کلي دل سان قبول ڪندي پاليسي وارن معاملن ته هڪ راءَ عامه هموار ڪريون.
ليکڪ: فدا حسين ملڪ گهوٽڪي



Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *