paighamesindh banner

Like Share Subscribe or Whatsapp us

ڪالا باغ ڊيم ۽ وفاق جي مضبوطي

 ڪالا باغ ڊيم ۽ وفاق جي مضبوطي


ڪالاباغ سميت متنازع فيصلا وفاق لاءِ مھانگا ثابت ٿيندا

جڏھن کان مرڪز م نوازليگ جي حڪومت وجود م آئي آھي تھ ھڪ دفعو ٻيھر

پارليامنٽ  ڪالاباغ ڊيم جا پڙاڏا گونجڻ شروع ٿي ويا آھن،ھن ئي ڊيم جي

خلاف سنڌ،بلوچستان،خيبرپختونخواھ جي عوام ماضي م تمام گھڻي جدوجھد ڪري

انکي نھ ٺھڻ ڏنو

۽ ھن ئي ڊيم جي ماضي م ٿيل اعلان تي سنڌ جي سموري

وفاقي،قومپرست،ادبي،سماجي تنظيمن طرفان پ پ جي شھيد اڳواڻ محترمھ بينطير

ڀٽو جي اڳواڻي م سنڌ،پنجاب جي دنگ ڪمون شھيد وٽ تاريخي ڌرڻو ھنيو ويو ھو

جنھن کانپوءِ ان اعلان کي مجبورن نوازشريف کي واپس وٺڻو پيو ھو،

ڪالاباغ ڊيم  خلاف ماضي م سنڌ م ايتري تھ زبردست جدوجھد ڪئي وئي آھي جو

سنڌ جو ھر ماڻھو خواھ اھو مزدور ھجي،ھاري ھجي،ڊاڪٽر ھجي،سياستدان ھجي،

مخالف آھي ڇو تھ سنڌ جو ماڻھو سمجھي ٿو تھ ڪالاباع ڊيم جي ٺھن سان سڀ کا

وڌيڪ سنڌ ئي ڀوڳيندي جتي پھرين بھ پاڻي جي شديد قلت ھوندي آھي زراعت

لاءِ،

ماضي م جھاتي پائي ڏٺو وڃي تھ نواز حڪومت جڏھن بھ وجود م آئي آھي تھ انھن

سڄي وفاق جي نمائندگي ڪرڻ بجاءِ فقط پنجاب جي نمائندگي ڪندي اھڙا فيصلا

ڪيا آھن جن سان وفاق لاءِ خطرا لاحق ٿيا آھن،

ڪالاباغ ڊيم ھڪ مردار گھوڙي مثل آھي جنھن

خلاف پاڪستان جي ٽن صوبن جون صوبائي اسيمبليون متفقھ قراردادون اڪثريت

سان پاس ڪري انکي رد ڪري چڪيون آھن،

انکان علاوھ مشرف دؤر م بھ ٽيڪنيڪل ڪميٽيون انکي رد ڪري چڪيون آھن،ڇا اھا

ڳالھ جمھوريت جي نظام جي منافي نھ آھي تھ جنھن منصوبي کي ملڪ جي ٽن

صوبائي اسيمبلين اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏيو ھجي تھ انکي ھميشھ لاءِ دفن

ڪري ڇڏجي؟

ڇا اھا ڳالھ وفاق لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي تھ رڳو ھڪ صوبي جي ھوڏ تي ھڪ

متنازع منصوبي جي ڳالھ ڪري ٽن چونڊيل ايوانن جي توھين ڪئي وڃي؟

ڇا اھا ڳالھ ھنن جمھوري حڪمرانن کي سمجھ م ڪونھ ٿي اچي تھ ھڪ متنازع

مسئلي تي بحث بھ ٽن صوبن جي عوام م نفرتن جو سبب بڻجندو؟

پاڪستان جيڪو ھن وقت داخلي طور دھشتگردي،لاقانونيت،بدامني جي لپيٽ م آھي

ڇا اتي اھڙن ناڪارا منصوبن جون وفاقي ايوان م ٿيندڙ ڳالھيون ٽنھي صوبن جي

عوام کي پنجاب جي عوام خلاف نفرت تي نھ اڀارينديون؟

سنڌ جو عوام ھن منصوبيسان ايتري ھد تائين نفرت ڪري ٿو جو ھن جو نالو بڌڻ

سان ئي اشتعال م اچي ٿو،

پھرين ئي پاڻي جي کوٽ جيڪري سنڌ سڀ کان وڌيڪ ڀوڳيو آھي،

سنڌ جاڇھھ لک

ھيڪٽرن تي موجود تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا آھن جنھن ڪري سامونڊي جھنگلي

جيوت متاثر ٿي ۽ ان سان سنڌ جاھزارين ماھيگير بيروزگاري جي ور چڙھي اڄڪلھ

فاقاڪشي  جي زندگي گذاري رھيا آھن،

پاڻي نھ ھجڻ ڪري دنيا جو ڇھون وڏو انڊس ڊيلٽا تباھ ٿي رھيو آھي،

ڊيلٽا م گھربل پاڻي نھ ڇڏڻ سبب سمنڊ تيزي سان سنڌ جي ٻن ضلعن ٺٽي ۽ بدين

جي زمين ڳڙڪائي رھيو آھي ۽ ھڪ سروي مطابق ھيل تائين ٻنھي ضلعن جي ٻاويھ

لک ايڪڙ زمين سمنڊ جي لپيٽ م اچي چڪي آھي ۽ اھو سلسلو اڃا تائين جاري

آھي،

ڊيلٽا م پاڻي نھ پھچڻ جيڪري ۽ سمنڊ جي لاڳيتي چاڙھ سبب سنڌ جو زيرزمين

پاڻي کارو ٿي رھيو آھي،

انھن سڀني نقصانن جو شايد ازالو ممڪن ڪونھ آھي ڇو تھ وفاقي حڪومت انھن

نقصانن کي سيريس ڪونھ ورتو آھي ۽ لڳي بھ ائين رھيو آھي تھ وٺندا بھ ڪونھ

پر ھتي ھي عرض ڪرڻ لازمي آھي تھ اھڙي ڪنھن بھ منصوبي جي ڳالھ نھ ڪئي وڃي

جو انھن سان وفاق لاءِ خطرا لاحق ٿين سنڌين ھن ملڪ م پھرين ئي تمام گھڻو

ڀوڳيو آھي سو سنڌين کان وڌيڪ امتحان وٺڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي،

ھن ملڪ م ھاڻي سنڌين جي سھپ جواب ڏيندي پئي وڃي ھاڻي اھڙو ڪو بھ منصوبو

ھن ملڪ جي سالميت تي ٺھندو،

ھن وقت ھن ملڪ،قوم کي ايڪي،ٻڌي جي ضرورت آھي انڪري اھڙا رينگٽ شروع ڪري

نفاق پئدا نھ ڪيو وڃي،


فدا حسين ملڪ گھوٽڪي

Dated: 22-12-2013


Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *